اِهو ڏسي سٺو ٿو لڳي ته رياست پنجاب ۾ ڪجهه قدم کنيا آهن. ويڙهاڪ گروهن جي ميمبرن جون گرفتاريون هيءَ حقيقت دل کي ڇهندڙ آهي ته پوليس جنهن کي ڪجهه مهينا اڳ ئي بيڪار سمجهيو ٿي ويو تنهن به سندرا ساهڻ شروع ڪيا آهن. نتيجي ۾ پنجاب جي ڪجهه علائقن ۾ ماڻهن ڏوهن جي مجموعي شرح ۾ گهٽتائيءَ بابت ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي. جڏهن ته ڪجهه مخصوص گروهن جا ميمبر به ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويا آهن، ان کان به وڌيڪ اهم ته انهيءَ تي سٺن شدت پسندن طرفان ڪو ردعمل سامهون آيو آهي ۽ نه ئي وري خراب طرفان ان جو مطلب ته پنجاب ۾ اهڙن ماڻهن کي ڪنهن وقت به ٽوڙهو وجهڻ ممڪن رهيو آهي. مونکي انهن ڏٺن وائٺن صحافين جا اهي دليل به ياد ٿا پون، جيڪي چوندا هئا ته پنجاب ۾ جيئن ته فوجي آپريشن ممڪن ناهي، تنهنڪري اهڙن گروهن کي ڏٺو اڻ ڏٺو ڪرڻ ۽ پاڻ کي ٻين ويڙهن ۾ مصروف رکڻ ئي بهترين حربو هو، ڪنهن به هن حقيقت تي ڌيان نه ڌريو ته پنجاب کي ڪنهن وقت به انٽيليجنس ادارن ۽ پوليس جي گڏيل سهڪار سان صاف ڪري سگهڻ ممڪن رهيو آهي. پر کين هميشه جيڪي وڻين سو ڪرڻ جي ڍر پئي رهي آهي ۽ ڪنهن به سندن لغام ڇڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي.ان جو مطلب پڪ سان اِهو بيهي ٿو ته رياست جي ارادو ڪري وٺي ته اُها ويڙهاڪن خلاف بنا ڪنهن رَک رکاءَ وارو رويو اختيار ڪري سگهي ٿي.
سو انهيءَ سلسلي ۾ ڪنهن مامري ۾ منجهڻ کان اڳ اسانکي نه وسارڻ گهرجي ته ماڻهو ته ان کان اڳ به گرفتار ۽ لاڪ اپ ڪيا ويندا رهيا آهن. اهي جي هفتن ۾ نه به سهي ته مهينن ۾ آزاد ٿي ويندا. هر ضلعي ۾ اهڙن شڪي ماڻهن جون فهرستون موجود هجن ٿيون، جن کي جڏهن به امن امان جو ڪو مسئلو ڪَرُ کڻندو آهي ته سوگهو ڪيو ويندو آهي. سو اِهو طريقيڪار جيڪڏهن وري به ورجايو وڃي ٿو، اِها حيرت جهڙي ڳالهه هوندي. جيڪڏهن گرفتار ڪيل انهن ماڻهن منجهان اڪثريت ڪنهن نه ڪنهن نموني آزاد ٿي به وڃي ٿي ته پوليس کي انهن تي ڪرڙي نظر رکڻ جي پاڻ ۾ صلاحيت ضرور پيدا ڪرڻي پوندي. نه رڳو پوليس جي صلاحيت پر ڪجهه ويڙهاڪ گروهن جي لاڳيتن ڪاررواين سبب سندن نگراني ڪرڻ وارو ٽاسڪ منجهه ڏکيو بڻجي وڃي ٿو. گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته سرڪار ۽ فوج اڃا به ڪيترن ئي گروهن تي سخت هٿ نه کنيو آهي ڇو جو اهي رياست لاءِ ڪو مسئلو پيدا نه ڪري رهيا آهن. ان کان به اهم ته اسانکي چيو پيو وڃي ته بهتر سوچ ذريعي انتهائي احتياط سان مرحليوار اڳتي وڌڻو آهي. سور رٿا هي آهي ته سڀ کان اول خراب گروهن جو خاتمو آڻجي ۽ ان کانپوءِ ٻين ۾ هٿ وجهجي، چٽي نموني جيڪو چيو وڃي ٿو تنهن تحت ته ائين ناهي پر هي اِهو آهي جيڪا سول سوسائٽي تشريح ڪري رهي آهي. اهڙي رٿا ۾ کوڙ ساتريون خاميون به آهن.
اول ته عالم آشڪار آهي ته ماضيءَ ۾ تنهن گروهن کي ٿڪائي ٿڪائي بي ساهو ڪري پنهنجا اصل گروهه ڇڏائي انهن گروهن ۾ شموليت ڪرائي ويندي هئي، جيڪي ڪارروائي ۾ يقين رکندڙ هجن ۽ تشدد جو مظاهرو به ڪندا هجن، سو اهڙن نام نهاد خود ساخته گروهن مان نڪرندڙن جي سيڪيورٽيءَ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه هئڻ گهرجي. بهرحال ماڻهن سان جهاد جو واعدو ڪيو ويو ۽ ان لاءِ ڀرتي به ڪيا ويا.ٻيو ته نظرياتي طور انهن گروهن جيڪي گرفتار ڪيا پيا وڃن ۽ جن کي آجو ڇڏيو ويو آهي تن ۾ ٿورو ئي فرق آهي. اهي گروپ جي پنهنجي بقا چاهيندا ته سٺن ٻارن وانگر رياست لاءِ ڪي مشڪلاتون پيدا نه ڪندا، سو پنهنجي بقا لاءِ اهي اهڙي يڪمشت ٿيندا جو بچي به سگهن ۽ ضرورت پوڻ تي وري اڀري به سگهن. وسارڻ نه گهرجي ته اهڙن گروهن جي بقا سندن نظريي سان ڳنڍيل آهي، جيڪو جيئن جو تيئن برقرار رهندو.اهي محفوظ گروهه جن ۾ اڃا هٿ نه وڌو ويو آهي تن اڳواڻ ئي پنهنجو پاڻ کي نئون رخ ڏيڻ شروع ڪيو آهي. سوشل ميڊيا تي توڙي سندن تحريري مواد تي نظر ڦيرائبي ته صاف نظر ايندو ته اهي اهڙو رستو اختيار ڪندا جنهن سان رياست کي ڪو خطرو درپيش نه ٿئي ۽ پاڻ به ماڻهن سان ڳنڍيل ۽ سلهاڙيل رهن. انهن مان اڪثر گروهن توهين رسالت ۽ چارلي هينڊو واري جاري معاملي کي اڳ ئي هٿ ۾ کنيو آهي. سندن پبلسٽيءَ تي نظر وجهڻ سان واضح ٿئي ٿو ته هنن ڪاميابيءَ سان پنهنجو پاڻ کي انهن گروهن جي صف ۾ آڻي بيهاريو آهي، جن کي پرامن سمجهيو وڃي ٿو.
مثال طور چارلي هينڊو جي نندا لاءِ پاڪستان علماءَ ڪائونسل ۽ انهن گروهن جيڪو موقف اختيار ڪيو سو هڪڙو ئي هو. سماجي ۽ سياسي طرح سندن موقف غلط نه ٿو ڀانئجي، جنهن جو مطلب هي ٿيو ته سندن اهميت رهندي ۽ اهي عام ماڻهوءَ کي متاثر به ڪندا رهندا. اهي ماڻهو جن کي پشاور سانحي تي صدمو رسيو ۽ ان جي مذمت ڪيائون، تن لاءِ سول سوسائٽيءَ جي تحريڪ به درست آهي، تنهن هوندي به اِهو امڪان پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته شدت پسند گروپ پنهنجي سوچ ۽ فڪر سبب کوڙ سارن ماڻهن لاءِ باعث ڪشش رهندا، ڇو جو انهن گروهن جو فڪر پنهنجي جاءِ تي اڃا به ڪم ڏيکاري ٿو.اسان ڪجهه معاملن کي چٽو ٿيڻو پوندو، شدت پسندي، دهشتگرديءَ کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي، ڇو جو اُها اڳ ۾ عرصو جٽاءُ ڪري ٿي ۽ فوري طور ان جو پتو به نه ٿو لڳي، ڇا جي ڪري جو شدت پسندي ڪنهن فوري پر تشدد ڪارروائيءَ جي صورت ۾ ظاهر نه ٿي ٿئي.
ساڳي طرح اهي گروهه ڪڏهن به مکيه ڌارا ۾ شامل ٿي سگهن ٿا. لشڪر طيبه ۽ ٻين گروپن کي فلاح ۽ بهبود جو ڍانچو وڌائڻ جي اجازت ڇا مدد ناهي، اهڙي قسم جي مدد هنن گروپن کي پنهنجي اصليت لڪائڻ ۽ تبديل نه ٿيڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿي. سو ڊاري جي آخر ۾ پرڏيهي آفيس جماعت الدعوه تي پرائي پابندي جو ٻيهر اعلان ڪري ٿي، جنهن جي حافظ سعيد ترديد ڪندي چئي ٿو ته سندس اثاثن کي منجمند ڪرڻ جو اثر فقط سندس ذات تي پيو آهي، ڇو جو سندس پينشن سندس اڪائونٽ ۾ اچي ٿي، جنهن جو مطلب اِهو ٿيو ته مٿس توڙي سندس جماعت تي ڪنهن به قسم جو ڪوبه اثر نه پيو آهي، جڏهن ته تنظيم جي ٻين معاملن کي ڪنهن به نموني هٿ ئي نه لاتو ويو. نه ئي وري لشڪر محمد جي الرحمان ٽرسٽ سميت ٻين تنظيمن جو ڪو نالو به ورتو ويو.
جڏهن ته ڪي تجزيا نگار پڻ حافظ سعيد جو دفاع ڪندي نظر اچن ٿا ۽ چون ٿا ته هن خلاف ثبوت نه هئڻ سبب رياست کيس هٿ نه ٿي لائي. جيتوڻيڪ لشڪر طيبه جي مختلف جنگي محاذن ۾ ملوث هئڻ ۽ القاعده سان لاڳاپن بابت پاڪستان توڙي دنيا وٽ کوڙ سارو مواد موجود آهي. جيڪڏهن هن دليل لاءِ گهڙي پن لاءِ همدردي ڏيکاري ته ڪجهه پريشان پاڙيسرن خلاف ضمانت طور ڪجهه گروهن کي برقرار رکڻو آهي، پر ان دليل خلاف ٻيو دليل هي آهي ته تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ عالمي حالتن جي روشنيءَ ۾ پاڪستان لاءِ اهڙن گروهن کي برقرار رکڻ ۽ استعمال ڪرڻ تمام گهڻو مهانگو هوندو، سو اهڙن گروهن مان جند ڇڏائڻ جو منصوبو هاڻي ئي ٺاهڻ گهرجن.
سو ضروري آهي ته ويڙهاڪن جي سوچ کي غير جانبدار بڻائجي، جنهن جي سماج ۾ بهرحال حمايت موجود آهي.