تاريخ شاهد آهي اڄ به جئي ڀٽو جي نعرن جي گوج آهي؛ اصغر ملاح

تازيخ جي ورقن ۾ دليرن بهادرن عظيم انسانن جا نالا لکيل ملندا آهن جن پنهنجي وطن ۽ قوم جو شان وڌايو انهن بهادرن جا تاريخ ۾ ڪيترائي مثال موجود آهن انهن بهادرن مان شهيد ذولفقار علي ڀٽو شهيد بينظير ڀٽو به هئا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو دنيا جو عظيم انسان ۽ جمهوريت ۽ عوام جو وڏو عاشق هڪ سحر انگيز شخصيت جو مالڪ ذهين انسان ۽ اسلام جو مجاهد هو سندس زندگي جو مقصد عوام جي خدمت غربت جو خاتمو هيٺئين طبقي مزدور ڏتڙيل عوام جي خوشحالي هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اٽي لٽي اجهي جو نعرو هڻي ملڪ جي غريب عوام کي پنهنجا حق گهرڻ لاءِ زبان ڏني شهيد ذولفقار علي ڀٽو پاڪستان جي مدي خارج گندي بيٺل پاڻي وانگر ڌپ ڪيل ۽ سينواريل سياست جي بر خلاف هن جديد ۽ عوامي امنگن مطابق عوام جي نبض تي هٿ رکيو هو پوء ڏسندي ئي ڏسندي جر ٿر تک تنوار وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي ٿي وئي هئي ۽ ملڪ سڄو منصور ٿي ويو هو وڏا وڏا گادي ڌڻي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوارن آڏو ڌڙام ڪري ڍير ٿي پوندا هئا جلسن ۾ عوام جا رقص ٿيندا هئا هڪ سهڻو ماحول جڙي ويندو هيو ۽ سحر انگيز ڪيفيت Picture1طاري ٿي ويندي هئي پوء جڏهن شهيد ذولفقار علي ڀٽو صاحب تقرير ڪندو هو ته عوامي امنگن ۽ غريبن جي دل جي ترجماني ڪندو هو جنهن 30 نومبر 1967 تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي نالي سان ملڪ جي غريب عوام جي ڀلائي بهتري ۽ کين حقيقي حق ڏيارڻ لاء لاهور ۾ پارٽي جو بنياد وڌو ۽ پارٽي جو منشور پڌرو ڪيو پاڪستان پيپلز پارٽي جو منشور 1 اسلام اسانجو دين 2 جمهوريت اسان جي سياست 3 سوشلزم اسان جي معشيت طاقت جو سر چشمو عوام ملڪ جي حفاظت ڪندڙ 90 هزار فوجي جوان سرحد تي وڙهندي وڙهندي دشمن جي گهيري ۾ اچي وڃن ٿا. وطن جي ڪيترن ئي ميلن تائين دشمن جو قبضو ٿي وڃي ٿو، تڏهن به پ پ جو باني قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کين شدت سان ياد اچي ٿو ۽ ملڪ جون واڳون پ پ جي باني ذوالفقار علي ڀٽو جي حوالي ڪري پاڻ پاسيرا ٿي وڃن ٿا، پوءِ دنيا ڏٺو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي ڏاهپ ۽ ڏانءُ جا اهڙا ته منڊ، منڊيا جو ان وقت جي ڀارتي وزيراعظم اندرا گانڌي ڪجهه به ڪڇي نه سگهي. 90 هزار جنگي جوانن سان گڏ قبضي ۾ آيل وطن جي سرزمين جو حصو به خوشيءَ سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حوالي ڪري پاڪستان سان دوستي جو هٿ به وڌايو. شهيد ڀٽي جي ڏاهپ ڏسي دنيا حيران ٿي وئي ۽ پوءِ وري دنيا حيران ٿي وئي ته جنهن عظيم ليڊر پنهنجا 90 هزار جنگي قيدي دشمن جي قيد مان بنا ڪنهن ڏنڊ ڏوهه جي آزاد ڪرائي ڏنا، جنهن هستيءَ ملڪ کي ايٽمي سگهه ڏني ان جي ڪهڙي ڳالهه ڪري ڪهڙي ڳالهه ڪجي شهيد ذولفقار علي ڀٽو دنيا جو عظيم انسان ۽ جمهوريت ۽ عوام جو مجاهد هو سندس زندگي جو مقصد غريب عوام جي خدمت ملڪ مان غربت جو خاتمو هيٺئين مزدور ڏتڙيل طبقي جي خوشحالي هو شهيد ذولفقار علي ڀٽو جي تاريخ ڪارنامو عالمي سربراهي ڪانفرنس ڪوٺائڻ ۽ ملڪ کي 1973 جو آئين ڏيڻ شهيد ذولفقار علي ڀٽو جي عوامي پاليسين پاڪستان جي عالمي سطح تي مڃتا ڏياري دنيا جي وڏين طاقتن طرفان اسلامي سربراهه وٺي ناهي سگهي گڏيل قومن ۾ سندس جذباتي تقرير هئي جنهن کيس عالمي ليڊر بنايو پاڪستان جي نالي کي دنيا جي نقشي تي نمايا رکيو،دنيا جي عظيم سنڌي ليڊر قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي بدنصيب ڏينهن 4 اپريل 1979 ع ۾ عوام ۽ ملڪ دشمن قوتن ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسي چاڙهي شهيد ڪري ملڪ جي ترقي عوام جي خوشحالي جا دروازا بند ڪري ڇڏيا شهيد ذولفقار علي ڀٽو کي تاريخ نه وساريندي سندس قربانين کي ڪير ڪئين ٿو وساري سگهي جنهن اصولن جي سودي بازي نه ڪئي ڏاڌ جبر اڳيا ڪنڌ نه جهڪايو شهيد ذولفقار علي ڀٽو شهادت کان پوء سندس وني شهيد جمهوريت نصرت ڀٽو ۽ عظيم ڌيءُ سنڌ راڻي شهيد بينظير ڀٽو روشن راهن تان سامراج ۽ سندن ڇاڙتن هٿان لٽجي ويل جمهوريت جي قافلي کي پنهنجي آخري منزل تائين پهچائڻ لاءِ سرواڻي ڪئي تاريخ جا بدترين ظلم ۽ زيادتيون پنهنجي سر مٿان سٺائون شهيد محترمه بينظر ڀٽو انتهائي ڏکين حالتن ۾جمهوريت لاء جدوجهد ڪئي جيل قيد جون سختيون ڪاٽيون رياستي جبر ڏاڍ کي دليري بهادري سان منهن ڏنو ٻن ڀائرن جا لاش کنيا شهيد محترمه بينظير ڀٽو سياست جي ميدان ۾ آئي ته محترمه لاءِ سياست جي رستي تي ڪنڊا وڇايل هيا، پر ملڪ جي عوام محترمه بينظير ڀٽو جي ڏنل سڄاڳي واري سڏ جي ڀرپور آجيان ڪئي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي جلسن جلوسن کان عوام دشمن قوتون ۽ آمر خوف کائيندا هئا جڏهن 18 آڪٽوبر 2007 تي ملڪ واپس آئي ته خيبر کان ڪراچي تائين ملڪ جي ڪروڙين عوام هڪ آواز ٿي ويلڪم ويلڪم بينظر ويلڪم چئي ڪراچي ۾ آجيان ڪئي راولپندي جي لياقت باغ ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪرڻ کان پوء جلسي کان واپس ورڻ تي هڪ سازش تحت بهارد ڀيڻ محترمه بنظير ڀٽو کي 27 ڊسمبر 2007 ع جي شام جو شهيد ڪيو ويو تاريخ شاهد آهي پاڪستان کي بچائڻ لاءِ پ پ ئي واحد پارٽي آهي، جنهن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن پاڪستان پهريون ڀيرو ان وقت اپاهج بڻجي چڪو هو جڏهن قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو هو ته ملڪ ۽ قوم خاطر شهيد راڻي بينظير ڀٽو اپاهج بڻيل بيمار پاڪستان جو علاج ڪري پنهنجي پيرن تي بيهاريو ۽ سگهه ڏيارڻ ۾ مصروف هئي ته کيس شهد ڪيو ويو 27 ڊسمبر 2007ع جي شام جو جان جو نظرانو ڏئي هميشه لاءِ تاريخ لاءِ امر ٿي وئي بهارد ڀيڻ محترمه بنظير ڀٽو جي شهادت سان پاڪستان جو وجود جهري پيو آصف علي زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مفاهمتي عمل واري سوچ تي عمل ڪندي تڏهن ”پاڪستان کپي“ جو نعرو هڻي ڀُرندڙ جهُرندڙ پاڪستان کي بچائي ورتو عوام کي چوندي ڏٺو ويو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي صدر پاڪستان آصف علي زرداري پنهنجي ڪامياب نظريي پاليسي سان سياسي عمل کي اڳتي وڌايو آهي جيڪا سڀني کي خبر آهي ان وقت پ پ حڪومت کي هيٺيان چئلينج درپيش هئا، هڪ جنگ ۾ ورتل ملڪ، دهشت گردي ۽ عسڪريت پسنديءَ جو چئلينج، رياست جي مختلف ادارن جو غير واضح ڪردار ۽ دائرو، 1973ع جي آئين جو هڪ تبديل ٿيل ۽ چچريل ڍانچو، ننڍن صوبن ۾ بيوسي ۽ ڪمزور طبقن ۾ نااميديءَ جي ڪيفيت، ماضيءَ جي غلط پاليسين جي ڪري توانائيءَ جي کوٽ، شديد اقتصادي بحران ۽ ادائيگين ۾ عدم توازن، 2010ع ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ، 2011ع ۾ غير معمولي برسات ۽ تيل جي قيمتن ۾ تيز رفتاريءَ سان واڌارو هو.پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿيڻ واري شروعاتي وقت کان وٺي مخالف پارٽيون ڌريون غير يقيني صروتحال کي وقت به وقت جنم ڏينديون رهيون هيون جيڪي ڪنهن به صورت ۾ گذريل پ پ جي عوامي حڪومت جي ڪاميابي ۽ سياسي عمل جي تسلسل کي ڏسڻ نه پيون چاهين انهن ڪنهن به ريت پنهنجي وسان نه گهٽايو جن هر وقت عوام دوست پاليسين جي ناڪامي لاءِ رڪاوٽون وجهڻ لاءِ وقت به وقت مختلف حربا استعال ڪندا رهيا جيڪو پيپلز پارٽي جي سرڪار لاءِ وڏو امتحان هيو پاڪستان پيپلز پارٽي جي گذريل حڪومت پنجن سالن دوران جيڪي آئيني سڌارا آندا هيا جن ۾ صدر مملڪت پاڪستان آصف علي زرداري پنهنجا پاور وزير اعظم کي منتقل ڪري وزير اعظم جي پاور کي 1973ع جي آئين موجب آندو آهي قانون جي بالادستي قائم ڪري پارليامينٽ جي برتري کي يقيني بڻايو ۽ پنهنجا اختيار پارليامينٽ جي حوالي ڪري ڇڏيا هاڻي وزيراعظم ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو آهي ۽ قانون موجب مڪمل اختيارن جو مالڪ آهي پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ کي قبيلائي علائقن تائين  وڌايو ويو. قبيلائي علائقن ۾ نظام ڏيڻ جي لاءِ فرنٽيئر ڪرائيمز ريگيوليشن ۾ ترميم ڪئي ويئي، قبيلائي علائقن تائين حڪومتي نظام جي ڍانچي ۾ تبديل ڪيو ويو پ پ حڪومت بلوچستان کي ترقي ڏيارڻ  ۽انهن مان احساس محرومي ختم ڪرڻ جي لاءِ خاص قدم کنيا هيا.اين ايف سي تحت بلوچستان کي 43 ارب رپين بدران 93 ارب رپيا ملندا،. دنيا ڏسي رهي هئي ته جمهوريت پنهنجو سفر جاري رکيو پئي اچي. جمهوريت جي هڪ مضبوط شروعات ٿي، پاڪستان پنهنجي نئين وجود ۾ آيل جمهوريت تي فخر ڪري سگهي ٿو، صدر مملڪت آصف علي زرداري قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي گڏيل اجلاس ۾ چونڊيل پارليامينٽ کي 6 ڀيرو خطاب ڪيو جيڪو ملڪ ۾تاريخي عمل هيو وزير اعظم يوسف رضا گلاني جيڪو چونڊيل وزير اعظم هيو جيڪو گهڻي عرصي تائين جمهوري عوامي حڪومت ۾ ملڪ جو وزير اعظم رهيو پاڪستان پيپلز پارٽي جي عوامي جمهوري حڪومت گذريل 5 سالن جي دوران جيڪي به آئيني سڌارا آندا هيا انهن جي جيتري به ساراهه ڪجي اها گهٽ آهي هزارين بيروزگار نوجوانن کي روزگار سميت هزارين ڪانٽريڪٽرن ملازمن کي مستقل بنيادن تي بحال ڪيو ۽ غربت کي گهٽائڻ لاء شهيد محترمه بنظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام سميت نت نيون اسڪيمون معتارف ڪرائي عوامي ڀلائي بهتري وارا آڻ کٽ قدم کنيا هيا پاڪستان پيپلز پارٽي جي لکين بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون گذريل حڪومت عوام جي مسئلن جي خاتمي لاء گذريل سالن ۾ ڏينهن رات ڪوششون ورتيون هيون ته جيئن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي خواب جي ساڀيان ٿئي پوء به مخالف واويلا ڪندا رهيا پر ڪارڪن جن جون دليون اڄ به پ پ لاءِ دهڙڪن ٿيون، عوام کي بلاول ڀٽو زرداري ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو عقس نظر اچي پ پ شهيدن جي پارٽي آهي، اهو ئي سبب آهي جو ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن واهڻ وسطين ۾ اڄ به جئي ذوالفقار علي ڀٽو جئي شهيد بينظيير ڀٽو جي نعرن جي گوج آهي شهيدن جي رت ۾ خوشبوءِ آهي، جيڪا عوام کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي، جتي بلوچستان، خيبرپختونخواهه، پنجاب کان ڪشمير تائين ڪروڙين عوام پنهنجي شهيد قائدين سان وفا جا ڀرم رکڻ لاءِ شهيدن جي پارٽي پ پ جي قدمن ۾ پنهنجا نيڻ وڇايل آهن،. اتي سنڌ ڪالهه به پ پ سان گڏ هئي، اڄ به گڏ آهي، سڀاڻي به گڏ هوندي. ڇو ته شهيدن جي رت سان سنڌي ڪڏهن به بيوفائي ڪري نٿا سگهن. فقط ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پ پ حڪومت ۽ چونڊيل نمائندا عوامي خدمت ڪرڻ واري جذبي ۾ تيزيءَ سان اُڀار پيدا ڪري، يقينن پاڪستان دشمن قوتن جون سازشون ناڪام ٿي وينديون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *