بي جي پي سرڪار ”ساڄي ڌر جي شدت پسند ثقافت جو اهڃاڻ“: ارشاد ڪاغذي

سن 2014ع ۾ بي جي پي بظاهر ترقي ۽ گڊ گورننس جي نعري جي سهاري اقتدار حاصل ڪيو، پر اڄڪلهه هو ”ثقافتي جهاد“ جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي. ڀارت جي هڪ مشهور اخبار ۾ بي جي پي جي شدت پسند پاليسين تي هڪ سٺو ۽ حقيقت تي ٻڌل مضمون شايع ٿيو آهي. ليکڪ ڀارت ۾ گذريل اليڪشن جي موقعي تي بي جي پي پاران عوام کي سبز باغ ڏيکاري ”ترقي، سٺا ڏينهن ۽ سٺي حڪمراني“ جي سهڻي نعري تي ووٽ حاصل ڪيا پر هينئر هيءَ پارٽي روزانو جهادي ڪلچر کي هٿي وٺائي رهي آهي ۽ ڪٽرپڻي کي همٿائي وڌائي رهي آهي. ڏٺو ويو آهي ته هر مذهب، ملڪ، سماج ۽ ماڻهن ۾ اهڙي قسم جا شدت پسند هوندا آهن، جيڪي مذهبي، گروهي ۽ ذاتي ڪٽرپڻي جي سهاري ملڪ جي ماڻهن ۾ نفرت ۽ ويڇا پيدا ڪري پنهنجي نسلي، گروهي ۽ شدت پسندي جي پرچار ڪري پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪندا رهيا آهن. مسلمان، هندو، سک، عيسائي، يهودي وغيره هجن پر هڪ اهڙي خاص سوچ ۽ خيال جي نمائندگي ۽ اظهار ڪندا آهن، جيڪا تعصب ۽ حقارت جي زهر سان ڀريل هوندي آهي. ڀارت ۾ بي جي پي ۽ مودي بظاهر ترقي ۽ گڊ گورننس جي ڳالهه ڪئي ۽ ان کي ميڊيا جي چمڪ سان ايڏي پذيرائي ڏني وئي ۽ بي جي پي جي ماضي جي ڪرتوتن کي ترقي جي تهن ۾ لڪائي پيش ڪيو ويو، پر جڏهن مودي بي جي پي سرڪار اقتدار ۾ آئي ته هن پنهنجي پراڻي ذهنيت جو عملي مظاهرو شروع ڪري ڏنو آهي. اوهان روزانو اخبارن ۽ ميڊيا ۾ پڙهندا ۽ ٻڌندا هوندا ته ڀارت ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان جي اوهان کي بخوبي خبر آهي ته ڪهڙي نموني مسلمانن، دلتن، عيسائين ۽ ٻين ٿورائي وارن سان ظلم ٿي رهيو آهي، ٻيو ته ٺهيو، جيڪي سيڪيولر، لبرل طبقا ۽ فورسز آهن، انهن کي ظلم ۽ تشدد جو نشانو الڳ بڻايو وڃي ٿو. بي جي پي ۽ سنگھه پريوار جي ڪٽرپڻي تي ڀارت جا ماڻهو ۽ ليکڪ سخت تنقيد ڪندا رهن ٿا ۽ بي جي پي جي مخصوص شاونسٽ سوچ کي ننديندي اهو چئي رهيا آهن ته هو هندستان جي سيڪيولر سوچ کي بدلائي شدت پسند مذهبي نفرت ۾ تبديل ڪري رهيا آهن. ڀارت جي جمهوري ۽ سيڪيولر ڪلچر کي بي جي پي سرڪار تباهه ۽ برباد ڪري رهي آهي ۽ اتان جي رهواسين ۾ تفرقو پيدا ڪري رهي آهي ۽ اهڙي طرح بي جي پي جي پرڏيهي پاليسي به اڳرائي ۽ شدت پسندي جي ور چڙهي وئي آهي، تنهن ڪري ڀارت پنهنجي پاڙيسرن سان سٺا تعلقات رکڻ کان نابري واري ويٺو آهي.

بي جي پي سرڪار جي اقتدار ۾ اچڻ سان ترقي جي جيڪا رفتار آهي، ان مان اتان جو عوام بنهه خوش ناهي، بي جي پي جهادي ڪلچر جي ڪري سٺا ڏينهن ته نه آيا ۽ نه وري سٺو ماحول جڙي سگھيو، پر اتي برائيون ۽ نفرتون جنم وٺي رهيون آهن، جن جي ڪري مذهبي ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، جيڪا اڳ ۾ ايتري گھڻي نه هئي. جيڪي ماڻهو بي جي پي جي سياست کي ويجهڙائي ۽ چڱي نموني ڏسن ٿا ۽ جن جي اک ان جي ماضي ۽ حال تي آهي، تن جو تجزيو آهي ته بي جي پي پنهنجي جوهر ۾ شدت پسند جماعت آهي ۽ اها هڪ خاص مذهبي شدت پسندي تي عمل ڪري رهي آهي. مسلمانن ۽ ٻين ٿورائي وارن لاءِ هن جي سوچ خالص تنگ نظري تي ٻڌل آهي. جيڪي بي جي پي جي سياست کي ڏسن ۽ سمجهن ٿا، تن کي ڪو تعجب ناهي، ڇاڪاڻ ته بي جي پي جو محور ئي تنگ نظري ۽ شدت پسندي ۾ سمايل آهي. ڀارت ۾ ڳئون جي گوشت جي وڪري تي پابندي، ڳئون کي ڪهڻ جي ڪري ڪيترن ئي مسلمانن کي قتل ڪرڻ، مسلمانن کي هندستان ڇڏي وڃڻ جي ڌمڪي ڏيڻ، مسلمان اداڪارن ۽ پاڪستان جي فنڪارن کي بي عزتو ڪرڻ ۽ ڌمڪائڻ، سمورن مسلمانن کي جهادي ۽ طالبان سمجهڻ، جڏهن ته بي جي پي جي پاليسي به طالبان جيان دهشتگردي تي ٻڌل آهي ۽ نظرياتي محاذ آرائي جي حوصلا افزائي ڪندي کلي عام شوسينا ۽ سنگهه پريوار جي پاليسين کي ڀارت جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڦهلائي، بغض ۽ طرفداري جو اعليٰ نمونو پيش ڪندي مختلف مذهبي ڌرين کي چيڙائي ڇڏيو آهي. جڏهن کان اين ڊي اي جي حڪومت قائم ٿي آهي، تنهن ڏينهن کان وٺي سيڪيولر ۽ لبرل جماعتن ۽ خيالن کي ڌٻائڻ لاءِ غنڊه گردي ڪرڻ شروع ڪئي آهي ۽ ان جا پالتو غنڊه هر ڪنهن جو پٽڪو لاهي ڌوڙ ۾ ملائي رهيا آهن ۽ ڀارت کي ڪٽر مذهبي ۽ جنوني اوڙاهه ۾ اڇلائي رهيا آهن، جن جي ڪري جتي ڪٿي ڦڏن ۽ فسادن ڪر کنيو آهي ۽ ڀارت ۾ رهندڙ مختلف فرقا غير سلامتي جي فضا ۾ ساهه کڻي رهيا آهن. لبرل ۽ جمهوريت پسند اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ جماعتن خلاف نظرياتي ۽ ثقافتي جنگ شروع ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ بي جي پي ۽ ان جا حمايتي سرڪار جي آشيرواد سان انهن تي حملا ڪندا رهن ٿا.

ڀارت جي ميڊيا ۽ صحافتي حلقن ۽ سول سوسائٽي ۾ گھڻو چوٻول هلي رهيو آهي ته ڀارت سرڪار هڪ خطرناڪ قدم کنيو آهي، جنهن سان جمهوريت، آزادي ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي ڪئي ويندي. هڪ اهڙو گندو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جنهن جي ذريعي سنسرشپ ۽ ڪارو قانون ماڻهن جي خيالن ۽ ويچارن تي ڪنٽرول ڪندو. مختلف سوشل ميڊيا، ٽيوٽر ۽ ٻين بلاگس جي منفي يا غلط خبرن، پوسٽ ۽ خطن تي نظر رکندو ۽ جيڪو اعتراض جوڳو مواد هوندو تنهن کي ضبط ڪري قدم کنيو ويندو. عوام جي اظهار جي آزادي تي بندش هڻي آمريت ۽ مذهبي جنونيت جي ڇڙواڳي هڪ هٽي ۽ ڪٽرپڻي کي مڪمل ڇوٽ مليل آهي. اهڙي يونٽ جي قائم ڪرڻ جو مقصد سمجهه کان ٻاهر آهي، جيڪو ماڻهن جي اظهار کي دٻائي ڇڏي، جيڪو انساني آزادي لاءِ خطرناڪ ۽ تباهه ڪن ثابت ٿيندو.

ڀارت جا سياسي اڳواڻ، مختلف جماعتون، چونڊيل عيوضي، شاگرد، مزدور، جمهوريت پسند، سيڪيولر ۽ لبرل بي جي پي ۽ ان جي اتحادين جي شدت پسندي کي نندي رهيا آهن ۽ وڏي واڪي چون ٿا ته بي جي پي ڀارت ۾ شدت پسندي جي باهه ٻاري ملڪ ۾ نفرت پکيڙي رهي آهي. سياسي تجزئي نگار ۽ صحافين جو رايو آهي ته نريندر مودي ”سٺن ڏينهن“ جو وعدو ڪيو هو پر هو هاڻي پنهنجي وعدي تان ڦري ويو آهي ۽ جهادي ڪلچر رائج ڪيو آهي، جنهن جي ڪري تعصب ۽ ڪٽرپڻي جي اوڙاهه ۾ هر ڪو ڀسم ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ آمريت جو راڄ آهي، جيڪو روزبروز مشڪل پيدا ڪري رهيو آهي. دهشت، وحشت ۽ بربريت جو نظام قائم ٿيندو ۽ مذهبي انتها پسندي ڀارت کي دوزخ بنائيندي. بي جي پي جي قول ۽ فعل ۾ وڏو کليل تضاد آهي، هندستان ۾ آزادي، رواداري، ديش ڀڳتي ۽ ترقي جا يڪسان موقعا فراهم ڪرڻ جي ڪوڙي پروپگنڊه  آهي، پر اصل ۾ حقيقت ان جي ابتڙ آهي، پنهنجي ذاتي، گروهي ۽ شاونسٽ ايجنڊا کي نافذ ڪرڻ عدم رواداري ۽ نفرت جي سياست ڪرڻ، ان جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ ان کي مڪمل ڇوٽ ڏيڻ اهو ڪم بي جي پي ڪري رهي آهي. ذات پات جو فرق ڪرڻ ۽ ان ڪارڻ حيدرآباد سينٽرل يونيورسٽي جي اسڪالر کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. بي جي پي ۽ ان جي حليف جماعت شيو سينا جي ترجمان اخبار ڀارت جي هڪ اخبار ۾ ديني مدرسن مان عربي ۽ اردو کي نيڪالي ڏئي انگريزي ۽ هندي ۾ پڙهائڻ جي گھر ڪئي آهي. رام مندر جي تعمير ۽ هڪجهڙي سول ڪوڊ جو مطالبو ڪري ڀارت ۾ هندو ازم جي ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ آهي. جڏهن ته قانون ۽ آئين ان قسم جي اجازت نٿو ڏئي. اين ڊي اي سرڪار اصل ۾ سنگهه پريوار ۽ هندوتيت جي اثر هيٺ آهي. سماجي بائيڪاٽ جي آڙ ۾ يونيورسٽين ۾ دلت گھٽ ذات وارن جي لاءِ ميس ۽ لائبريري ۾ داخلا بند آهي.

1998ع ۾ بي جي پي جي سرواڻي ۾ شدت پسند ڌڙي ڀارت ۾ سرڪار ٺاهي، جنهن ۾ هندو ڪٽر جماعتون شيوسينا، وي ايڇ ايف ۽ بجرنگ دل شامل هيون. جنهن جو وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي ۽ ان ۾ گھرو وزير آڏواڻي هو، جيڪو شيينا جو هو. جنهن جي دور ۾ تعصب ۽ تباهي ٿي. موجوده مودي سرڪار ته ان کان به ٻه هٿ اڳتي آهي، پوري ملڪ کي انتها پسندي جي کوهه ۾ ڦٽو ڪيو ويو آهي. دهلي جي جواهر لال يونيورسٽي ۾ کاٻي ڌر جي شاگرد تنظيمن جو گھڻو اثر آهي، اتي افضل گرو جي حمايت ۾ نعرا هنيا ويا ۽ بي جي پي جي ذيلي تنظيم شاگرد جماعت ”اکيل ڀارتيه وڌيارٿي پريشد“ ٻين شاگردن کي تشدد جو نشانو بنايو ۽ پوليس لٺ بازي ڪئي ۽ يونين جي اڳواڻ ڪنيا ڪمار کي گرفتار ڪيو ويو ۽ غداري جو ڪيس داخل ڪيو ويو. ڀارت سرڪار جي گھرو وزير راج ناٿ سنگھه بنا سوچي سمجهي چيو ته دهلي يونيورسٽي جي واقعي پٺيان پاڪستان ۽ دهشتگرد تنظيم لشڪر طيبه ۽ حافظ سعيد جي حمايت ۽ هٿ آهي، ان قسم جا غير سنجيدگي ۽ ٻاراڻا بيان ڏئي بي جي پي وارن پنهنجي انتها پسندي جي روش ظاهر ڪئي. بي جي پي هندوتيا ۽ انتها پسندي کي پال مارشل ، سينئر فيلو سينٽر فار رليجس فريڊم هڪ تجزئي ۾ هن ريت چيو آهي ته: ”سيپٽمبر 2011ع بعد دنيا جي توجهه ۽ ڌيان اسلامي شدت پسندي ڏانهن مرڪوز ٿيل آهي، پر هندو انتها پسندي ۾ پرتشدد لاڙن کي امريڪا نظرانداز ڪندو رهيو آهي. ڀارت ۾ اهي پرتشدد ڪاروايون جيڪي هندو انتها پسند حڪومت جي آشيرواد سان ٿي رهيون، جن کي موجوده ڀارت جي سرڪار ڀارتيه جنتا پارٽي جي مدد ۽ حمايت حاصل آهي.“ هن مثال ڏئي سمجهايو آهي ته ڀارت ۾ عيسائين ، مسلمانن ۽ گھٽ ذات وارن کي قتل ۽ ظلم جو نشانو بنايو ويو آهي. هو ٻڌائي ٿو ته هڪ آسٽريليا جو مشينري گرام اسٽينس جيڪو ٽن ڏهاڪن کان ڪوڙهه جي مريضن جو علاج ڪندو هو تنهن کي اوڙيسا ۾ زنده جلايو ويو. گجرات ۾ حملي دوران 2 هزارن کان وڌيڪ مسلمانن کي قتل ڪيو ويو، جنهن ۾ مودي ملوث هو. لالو پرساد ياديو، مودي کي ڪاري نانگ سان ڀيٽ ڏيندي چيو هو ته ” مودي ڪارو نانگ آهي، جيڪو معاشري ۾ زهر ڦهلائي رهيو آهي.“ واقعي ڀارت ۾ هن جي ايامڪاري ۾ سٺن ڏينهن، خوشحالي ۽ ترقي بدران تباهي ۽ تنزلي ٿي رهي آهي، تعصب، عدم رواداري ۽ انتها پسندي ۾ گھڻو اضافو ٿي ويو آهي ۽ ڀارت جي قومي سوچ، سيڪيولرزم ۽ جمهوري روايتن کي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو آهي. ان جي خلاف ڀارت جا باشعور عوام ۽ جماعتون مقابلو ڪري رهيون آهن.

*******

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *