بيگناهه نياڻين جي قاتلن کي ڇوٽ ڇو آهي ؛صائمه گل ميراڻي

جيڪب آباد ۾ 19 مارچ خميس جي ڏينهن جيئن باک ڦٽي سج اڀريو، جيت جڻا، جانور، پکي انسان جنهن ۾ مرد توڙي عورت ٻار توڙي پوڙها هر ڪوئي پنهنجي پنهنجي روزمره جي ڪم ڪار ۾ مصروف ٿي ويو. ڪنهن نه ٿي ڄاتو ته اڄ جو ڏينهن تاريخ جو دردناڪ ڏينهن ثابت ٿيندو، جيڪب آباد جهڙي ننڍڙي شهر ۾ ايڏو وڏو قهرام مچندو ۽ قيامت برپا ٿيندي.

20 سالن جي طاهره کوسو جي هڪ سال اڳ 30 مارچ 2014 تي وقار عمراڻي نالي شخص سان شادي ڪرائي وئي. شادي جي ڪجهه ئي ڏينهن ۾ هن پنهنجي زال تي تشدد شروع ڪري ڏنو پر هوءَ هڪ خانداني سلڇڻي معصوم ۽ برداشت واري ڇوڪري هئي هن پنهنجي رشتي بچائڻ لاءِ پنهنجي مڙس جو هر ظلم پئي برداشت ڪيو، پر خبر نه هئي ته هي ظلم، تشدد  ايترو اڳتي نڪري ويندو جو موت ۾ تبديل ٿيندو. 19 مارچ تاريخ جو اهو پرسوز ۽ غمگين ڏينهن ثابت ٿيو جو طاهره مٿي مڙس وڄ جيان ڪڙڪي. مڙس نشي جي حالت ۾ پنهنجي دوستن سميت گهر آيو ۽ طاهره تي ظالماڻو تشدد شروع ڪري ڏنائين هن معصوم نياڻي کي ٽي ڏينهن ڪنهن مجرم جيان ڪمري ۾ قيد رکيو ۽ زبردستي ڪارنهن جو الزام قبول پئي ڪرائڻ چاهيو پر هو بي قصور، بي ڏوهي ۽ بي گناهه هئي تڏهن هن اهو ڪنهن به حالت ۾ مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ مڙس جي وحشت جو نشانو بڻي. سندس ور ظلم جي انتها ڪندي ان جي پيشاني تي پسٽل سان گولي جا وار ڪري ان کي هميشه لاءِ دنيا کان رخصت ڪري ڇڏيو.

سنڌ ۾ صدين کان عورتن سان ظلم جبر ۽ ڏاڍ ٿيو آهي پر هن 21 هين صدي ۾ جنهن کي اسين ترقي پذير صدي چئون ٿا انهي ۾ اهڙا ڏاڍ ۽ ظلم آخر ڇو؟

ڇا عورت انسان نه آهي عورت ته اها عظيم هستي آهي جنهن جي وجود سان ئي دنيا ۾ رونق آهي ۽ نياڻي کي رب پاڪ رحمت جو درجو عطا ڪيو آهي پر اسان جي سماج ۾ سڌارو ۽ شعور نه ڄاڻ الائي ڪڏهن ايندو؟

طاهره کوسو جي قتل کان پوءِ نه صرف جيڪب آباد، سنڌ پر پوري پاڪستان ۾ هر انسان جيڪو دل دماغ سوچ ۽ جذبو رکي ٿو، اهو انهيءَ واقعي جي مذمت ڪري ٿو. طاهره ته هميشه لاءِ امر ٿي وئي پر انهيءَ جو روح انصاف لاءِ هميشه دانهين رهندو.

جنهن جي هوءَ وني هئي، ڇا ان کي هڪ گهڙي لاءِ به اهو خيال ڪو نه آيو ته طاهره سندس تنهنجي جيون ساٿي هئي ڏک سک جي همراهه، ڇا ان کي هڪ گهڙي لاءِ اهو خيال به نه آيو ته عورت به انسان آهي، هو به ڪنهن جي جگر جو ٽڪڙو آهي ڪنهن جي ڌيءَ، ڪنهن جي ڀيڻ آهي.

منهنجي هر مرد کي اها صلاح هوندي جيڪڏهن توهان جي ازدواجي زندگي ۾ ڪي به  اهڙا مسئلا درپيش اچن ته طلاق يا خلا جو رستو اختيار ڪيو پر ائين بي ڏوهه ڪنهن کي قرباني جي جانور جيان ڪهڻ ڪٿان جو قانون آهي. ماڻهو جيڪڏهن ڪو جانور پاليندو آهي ته اهو به پيارو لڳندو آهي، انسان ته اها اشرف المخلوقات آهي جيڪا جانور کي به نقصان نٿي رسائي سگهي پر هتي ته ڳالهه انساني زندگي جي آهي.

وفاقي توڙي سنڌ حڪومت ۽ جيڪب آباد جي لوڪل انتظاميه پوليس ڊپارٽمنٽ کي اپيل آهي ته طاهره جا قاتل جلد کان جلد پڪڙيا وڃن ۽ ان بي قصور نياڻي جي قتل جو انصاف ڪيو وڃي. گڏوگڏ منهنجي هر نياڻي کي درخواست آهي ته خدارا ائين گهريلو تشدد ۽ ظلم  برداشت نه  ڪيو. اهو سڀ عورتن جي خاموش رهڻ جو ۽ برداشت جو نتيجو آهي، هميشه ظلم جي خلاف آواز اٿاريو تڏهن ئي انصاف ملندو.

*********

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *