دنيا جي قديم ترين تاريخي ماڳ ۽ آثار قديمه موئن جو دڙو تي بين الاقوامي طور تي 1973ع کانپوءِ عالمي سطح جي ايونٽ طور بهتر انداز ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ جيڪي حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه ۽ انهيءَ جي ساٿين ۽ ٽيم هڪ اهڙو مثالي ۽ بهتر ڪم ڪري ڏيکارڻ جي ڪوشش ورتي آهي جنهن کي يقينن صدين تائين ياد ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته هن تاريخي ماڳ طرف وڌ ۾ وڌ ضرورت آهي انهيءَ سرمائي ۽ اثاثن کي بچائڻ جي ۽ دنيا جي ٻين ملڪن کان آيل عظيم اسڪالرن ۽ ماهرن جي روشني ۾ مرتب ڪيل تجويزن ۽ راين جي مطابق موئن جو دڙو جي ورثي کي بچائڻ لاءِ هاڻي عملي طرح اڳتي اچڻ جي نه صرف ضرورت آهي بلڪ اشد ضرورت جي گهرج آهي ڇاڪاڻ ته دنيا جي مختلف ملڪن کان پري پري کان آيل اسڪالرن ۽ ماهرن جي تحقيقي ريسرچ مان فائدو وٺڻ حڪومت سنڌ جو ڪم آهي انهيءَ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 9 فيبروري پهرين ڏهاڙي انهي بين الاقوامي ڪانفرنس جي افتتاحي موقعي تي تقرير ڪندي چيو ته موئن جو دڙو سميت سنڌ جي سمورن تاريخي اثاثن ۽ سرمائي کي بچائڻ لاءِ ڪنهن به طرح پئسي جي ڪا به کوٽ نه آهي ته پوءِ باقي انهن تاريخي ماڳن جي ويچارگي تي اتان جو عوام ڇو ٿو روئي ۽ رڙي ضرور ڪنهن به طرح سان ڪٿي ٻنهي پاسن کان عوام جي ۽ حڪومتي ادارن جي هڪ ٻئي کان پري رهڻ يا فالو اپ وارو نظام برقرار نه ٿيڻ ڪري هيءُ سنڌ جي تاريخي ماڳن سان رڻ پٽ وارو راتاهو ٿيندو رهيو آهي پر دير آيا درست آيا وارو مثال هاڻي ضرور مناسب ٿيڻ گهرجي. مهنجي اوائلي خوشحال ۽ ترقي يافته سنڌ جي اوج جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. منهنجي سنڌ امڙ جي هر پاسي هڪ کان هڪ رنگ ڍنگ ۽ خوشبوءِ جا بيمثال نمونا نه صرف ساراهه ۽ تعارف جوڳا آهن پر انهيءَ سنڌ جو ماضي ايڏو خوبرو ۽ وڻندڙ رهيو آهي جنهن جي مصر ۽ ايران ، ترقي ۽ عراق توڙي عرب و عجم سنڌ جي بزرگن جي صوفياڻي طبعيت ۽ مهمان نوازيءَ طور ئي نه پر سنڌ علم ، دانش، شعور ۽ سگهاري سوچ جي مالڪ هجڻ تي پوري برصغير ۾ مشهور رهي آهي. سنڌ وطن جي پنهنجي هڪ انوکي سڃاڻپ ۽ شناخت رهي آهي انهيءَ سنڌ جي پنج هزار ساله تاريخ تي موئن جو دڙو جي اهميت ۽ افاديت کي اڃان وڌيڪ اجاگر ڪرڻ لاءِ “ بين الاقوامي موئن جو دڙو ريسرچ تحقيقاتي ڪانفرنس ” حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي پاران انٽر نيشنل 3 روزه ڪانفرنس سڏائي وئي آهي.جنهن ۾ لنڊن، آمريڪا، اسپين، فرانس، جرمني، جاپان ، چين سميت 40 ملڪن جي پرڏيهي ماهرن شرڪت ڪئي. انهيءَ عالمي موئن جو دڙو ڪانفرنس ۾ حڪومت سنڌ جي وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير ثقافت سردار علي شاهه ،سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو،صوبائي وزير سهيل انور سيال، پ پ پ ايم پي اي محمد علي ڀٽو، اقليتي ايم اين اي رميش لعل ، پ پ پ لاڙڪاڻو جو سينيئر ترين اڳواڻ عبدالرزاق سومرو،پاڪستان آرٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو جو فائونڊر اڳواڻ عبدالستار کهاوڙ،سنڌ جي اديبن ۽ قلم ڪارن ۾ رئوف عباسي محمد علي پٺاڻ، پروفيسر ڄام جمالي،ڪراچيءَ کان اسپيشل طور تي آيل سينيئر ليکڪ اديبن ۾ مدد علي سنڌي،رکيل مورائي، سنڌ دوست ۽ ساڃاه وند ڌرين ۾ ڊاڪٽر ڪريم راڄپر، ذوالفقار راڄپر،ڪراچيءَ جي جاکوڙي ۽ محنتي صحافين ۾ مجاهد شاهه،شيخ اسرار،اسلام آباد کان زاهد کوکر،حيدرآباد مان ناز سهتو، لاڙڪاڻي مان ظفر ابڙو، سرڪش سڌايو،مشتاق تنيو، حنيف سولنگي، اعجاز چانڊيو، شيراز محمود پٺاڻ،نثار لهر، منظور مغيري، غلام نبي چانڊيو، شفيق کهاوڙ، سيد شفقت علي شاهه،خان راجا مگسي،وقار علي مگسي،عامر لاڙڪ،احمد رضا عباسي، حنيف سهاڳ، محمد نصير کهاوڙ،رياض ابڙو، ڏوڪري مان زاهد ڪٽپر،اصغر علي ميمڻ، باقراڻي کان لاله برڪت بلوچ، ياسين مشوري، رتوديرو کان نياز ابڙو سميت ٻين دوستن ۽ پرڏيهي ميڊيا جي ساٿين جا نالا وساري نٿا سگهجن جن ٽي روزه انٽر نيشنل موئن جو دڙو ڪانفرنس ۾ ڀرپور انداز ۾ ڪوششون وٺندي ڪوريج لاءِ مصروف عمل ڏٺا ويا. هن تاريخي ماڳ جي حفاظت لاءِ 9 ، 10 ۽ 11 فيبروري 2017ع خميس ، جمعي ۽ ڇنڇر ڏهاڙي تي ڇا ته موئن جو دڙو جي تي عالمي اسڪالرن جي پنهنجي قيمتي اثاثن ۽ سرمائي کي بچائڻ لاءِ مقالا پڙهڻ کان ويندي انهن جي تحقيقاتي ريسرچ تي تجزيه پيش ڪرڻ ۽ انهن تي بحث مباحثا ڪرن ڪيڏو نه اڻانگو سفر آهي اهو انهن پرڏيهي اسڪالرن جي هڪ ڏينهن جي محنت ۽ ڪوششين جو نتيجو ناهي بلڪ انهن پرڏيهي مشهور اسڪالرن هتي موئن جو دڙو تي اچي پنهنجي تاثراتن ۾ تحريري طور تي لکيو آهي ته اسان کي هن دنيا جي قديم ترين ماڳ آثار قديمه تي پهچي وڏي خوشي ٿي آهي ۽ نئون ساهه پيو آهي آهي ته اسان ڪيڏي پراڻي تهذيب تي ريسرچ ڪرڻ لاءِ پهتا آهيون جنهن جي پوري هسٽري هڪ تاريخ تي مبني آهي .انهيءَ بين الاقوامي موئن جو دڙو ڪانفرنس ۾ حيرت انگيز تحقيق سامهون ايندي ٻڌايو ويو ته موئن جو دڙو جي اڻ کوٽيل ايراضي سان گڏ هاڻ لڌل آثارن جي هيٺان به جديد ٽيڪنالاجي ذريعي کوٽائي سگهجي .ڪانفرنس ۾ تحقيقن ۽ تجويزن ڪيترن ئي ماڻهن جون اکيون کولي ڇڏيون ۽ موئن جو دڙو جي تباهيءَ جي سببن تي توجهه نه ڏيڻ تي به ٽي روز ه عالمي سيمينار ۾ وڏو بحث ڊسڪس ٿيندو رهيو. جنهن ۾ عالمي اسڪالرن ۽ ماهرن ۾ مارڪ ڪينوئير ٻڌايو ته اسٽوپا ۽ گريٽ باٿ جي هيٺان کوٽائي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ممڪن آهي جيڪا لازمي ٿيڻ گهرجي.انهيءَ سان آثارن کي ڪو به نقصان نه پهچندوموئن جو دڙو جي کوٽائيءَ مان ڪٿان به قبرستان جا آثار نه مليا آهن. پرڏيهي اسڪالر جوناٿن مارڪ چيو ته موئن جو دڙو جي تاريخي ماڳ تي 2 لک کان وڌيڪ ماڻهو رهندا هيا. هتان جي ٻولي تباهه ناهي ٿي پر اسڪرپٽتباهه ٿيو آهي.هڙپا جي ڀيٽ ۾ موئن جو دڙو ۾ گهڻا کوهه مليا آهن.جنهن مان ثابت ٿيو ته ان وقت سنڌو درياهه ويجهو نه هو. پرڏيهي ماهر آرڪيالاجسٽ مائيڪل جانسن چيو ته بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ جن ماهرن پيپر پڙهيا آهن انهن جي تجويز کي گڏ ڪري وڌيڪ تحقيق ڪري سگهجي ٿيانهي سان موئن جو دڙو کي محفوظ بنائڻ ۾ گهڻي مدد ملندي، ٽيوب ويل لڳائڻ وارو ڪم کي اڌ ۾ ڇڏڻ افسوس جو جوڳو عمل آهي. وڌيڪ ٻين ماهرن مختلف سيشن ۾ چيو ته قديم ماڳ موئن جو دڙو کي ٻوڏ ۽ ماحولياتي تباهي برباد ڪيو آهي.خبر نٿي پوي ته هتان جي ماڻهن جي سياسي، سماجي ۽ معاشي زندگي ڪيئن هئي.سمورا گهر هڪ ئي انداز ۾ ٺهيل آهن.انهن مان هتان جي ماحول جي ڪا به خبر نٿي پوي انهيءَ لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.ڪانفرنس ۾ اڳوڻي ثقافتي صوبائي وزير سينيٽر سسئي پليجو چيو ته بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ ايندڙ تجويزن تي عمل ڪيو ويندو هيءُ تمام وڏو ايونٽ آهي پر چونڊيل نمائندا ايڏي وڏي تعداد ۾ نه آيا آهن تنهن هوندي به ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد شريڪ آهي.هن چيو ته ڪانفرنس ۾ اهم ملڪن مان وڏا ماهر اسڪالر آيل آهن جن جا تحقيقي پيپر تمام تفصيلي آهن ڪانفرنس ۾ اسان جي سڀني پارليامنٽرين کي هجڻ گهرجي ها. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ تحقيق سان گڏ بهتر تجويزون سامهون آيون آهن.جن تي حڪومت عمل ڪندي ۽ 18 هين ترميم پاس نه ٿي هئي تڏهن مان وفاق کان موئن جو دڙو کسي ورتو هو ۽ مان موئن جو دڙو بابت هٿين خالي ڪم شروع ڪيو. هينئر هن کاتي ۾ صلاحيت جوڳا ماڻهو ويٺل آهن جيڪي ڪم کي اڳتي وڌائي رهيا آهن.اهڙي طرح ٻئي ڏهاڙي جي مختلف سيشن بعد رات جو لاڙڪاڻي شهر جي قديم سمبار هوٽل ۾ پ پ پ ايم اين اي فريال ٽالپر ، صوبائي وزير ثقافت سيد سردار شاهه، سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو،سيڪريٽري ثقافت اڪبر لغاري، منظور قناصرو، پ پ پ اڳواڻ عبدالفتاح ڀٽو، عبدالستار کهاوڙ، پنجل خان سانگي،افسر قريشي، مظهر شاهاڻي، محمد علي ، عبدالستار ملاڻو ٻين هڪ صوفياڻي ملڪ گير ميوزيڪل شو ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي . جنهن ۾ چئني صوبن جي فنڪارن سر وکيريا ۽ 11 فيبروري ڇنڇر ٽين ڏهاڙي جي آخري پڄاڻي واري تقريب ۾ عالمي اسڪالرن ۽ ماهرن جي تجويز ڪيل راين تي مبني مڪمل ڊاڪومينٽري تي ٻڌل تيار ڪيل ڪراچيءَ جي سينئير صحافي مجاهد شاهه ڏيکاري وئي جنهن کي خوب ساراهيو ويو ۽ اهڙي طرح هيءَ ٽي روزه بين الاقوامي موئن جو دڙو ڪانفرنس پنهنجي پڄاڻي تي پهتي ۽ هن تاريخي خطي جي عظيم ورثي کي فوري طور تي محفوظ رکڻ ۽ سانڍڻ لاءِ اميد افزاءَ قدم تي جلد حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ ڪي تڪڙا قدم کنيا وڃن.