بهار آندا پُٽن جا لاشا؛شھنيلا فياض

16 ڊسمبر جي صبح جي شروعات ھڪ دل ڏکائيندڙ واقعي سان ٿي. پشاور جي ھر ماءُ جي اک لڙڪن سان آلي ھئي، انهيءَ صبح جو پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ غم جا ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا، پَٽُ رت سان ڳاڙھو ٿي ويو، جيڪا ملڪ جي بدترين دھشتگردي آھي. آرمي اسڪول تي حملي ۾ 132 معصومن سميت 142 بيگناهه شھيد ٿي ويا. صبح جي وقت دھشتگرد فوجي وردي ۾ قبرستان واري پاسي کان آرمي اسڪول ۾ ڏاڪڻ ذريعي داخل ٿيا، ھڪ دھشتگرد اسڪول جي امتحاني ھال ۾ گھڙيو، گھڙڻ شرط انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڪيترن ئي معصومن کي شھيد ڪري ڇڏيو ۽ ٻيا وحشي دھشتگرد، ڪلاسن ۾ دروازا ٽوڙي اندر گھڙي پيا. گلڙن جھڙا معصوم ٻار پنھنجي جان بچائڻ لاءِ ميزن ۽ ڊيسڪن جي ھيٺان لڪي ويٺا، پر دھشتگردن جي نظر انهن معصومن تي پئجي وئي ۽ اُنهن، معصوم ٻارڙن مٿان گوليون وسائڻ شروع ڪيون، پر معصومن جا حوصلا بلند رھيا. ڪي ٻار موت جو ناٽڪ ڪري وحشين جي گولين کان بچي ويا.ٿورڙو سوچي ڏسجي ته اُن وقت معصومن جي دلين تان ڇا گُذريو هوندو، جڏھن اھي وحشي درندا ڪلاس ۾ داخل ٿيا ھوندا. معصوم ٻارڙن رڙيون ڪرڻ چاھيون ھونديون، پر نه ڪري سگھيا ھوندا، نه ئي روئي سگهيا ھوندا. انھن معصوم گلڙن کان مسڪراھٽ ته وسري وئي هوندي ۽ اُنهن رحم جون اپيلون به ڪيون هونديون، پر بي رحم قاتل وحشين کي ڪو به مٿن رحم نه آيو.ھن دل ڌوڏيندڙ سانحي جو ڪنھن ڪڏھن سوچيو به نه هوندو ته جيڪا ماءُ معصوم گلڙن جھڙن نينگرن ۽ نينگرين کي اسڪول جي ڊريس ۾ تيار ڪري موڪلي رھي هئي، اھا ڊريس ڪفن ۾ بدلجي ويندي ۽ دروازي کان نڪرندي ان جو باءِ باءِ آخري باءِ باءِ ٿي ويندو. انھن مائرن کي ڇا خبر ته اسان جي دل جا دادلا واپس گھر ڪفن جي صورت ۾ ڳاڙھي رت سان رڱجي ايندا، اُهي دادلا، جيڪي روز نيري رنگ جي مس ڊريس تي ھڻي ايندا هئا، اڄ سندن ڊريس ئي نه پر سڄو جسم رت سان ڳاڙهو ٿي ايندو. ڪجهه مائرن اھو به سوچيو هوندو ته جيڪر اڄ پنهنجي پُٽن کي نه موڪليان، پر ڪنھن اھو نه سوچيو ھو ته اھو قھر ٿيندو ۽ دھشتگرد حملا ڪندا. هڪ طرف جديد هٿيارن سان ليس دهشتگرد ته ٻئي طرف هٿين خالي معصوم ٻارڙا، جن وٽ قلم، ڪاپي ۽ ڪتاب کانسواءِ ٻيو ڪو ھٿيار نه ھو.هي حملو ملڪ جي ماڻھن تي نه پر انھن جي مستقبل تي آھي. اھي درندا اسان جي ٻارن جو مستقبل تباهه ڪرڻ چاھين ٿا. معصوم ٻارن کي شھيد ڪري ھو پاڻ کي فاتح سمجھن ٿا، اھي دھشتگرد مسلمان ته ڇا پر انسان سڏائڻ جي به لائق ناھن.ملڪ ۾ ھي پھريون واقعو نه آھي، اھڙا گھڻائي واقعا اسان جي سرزمين تي ٿيا آھن. لاشن مٿان لاش ڪريا آھن، ڀاءُ ڀاءُ جو دشمن ٿي ويو آھي. ڪڏھن ڪنھن نه سوچيو هو ته تعليمي ادارا دهشتگرديءَ جو نشانو بڻبا، پر اڃا تائين اسان جي ماڻهن جا حوصلا بلند آھن، ھو پنھنجي ٻارن کي پڙھائڻ کان نه روڪيندا ۽ سدائين پنھنجا حوصلا بلند رکندا.پشاور جو واقعو دھشتگرديءَ جو سڀ کان وڏو واقعو آھي. آخر انھن کي جڳهھ ڪيئن ٿي ملي؟ ڇا انھن سان اسان جا ماڻھو مليل آھن يا وري ڪو پنهنجو ئي اُنهن کي خبر پھچائي ٿو. ڇا جن رستن کان اچن ٿا اتي سيڪيورٽيءَ جو انتظام نه آھي، اسان دھشتگردي جي ڄار ۾ ڦاٿل آھيون، دھشتگردن جو ائين ديده دليري سان اسڪول اندر داخل ٿيڻ پوري مُلڪ لاءِ خطري جي گھنٽي آهي. دھشتگردن خلاف آپريشن دوران به دھشتگردي جاري آھي. دھشتگرد پنھنجي جديد ھٿيارن جو استعمال ڪن ٿا ۽ سياستدانن جي هڪ ٻئي سان جاري جنگ جو فائدو وٺي ملڪ کي نقصان پھچائين ٿا. پر اسان جا سياستدان مذمت ڪرڻ ۾ پورا آھن. مھينو ٻه ڳالھيون ھونديون، وري ٻيو نئون واقعو نئون ٽاپڪ، ٻه چار ڏينھن سختي ھوندي، وري ’ساڳي ماني ساڳ سان‘ وارو سلسلو جاري ٿي ويندو.اھو سلسلو ڪيستائين ھلندو ان جو ڪو حل آھي يا نه؟ گھڻن ئي سالن کان اسان جي عوام دھشتگردي جي عذاب ۾ مبتلا آھي. ڪڏھن مسجدن تي حملا ته ڪڏھن تعليمي ادارن ۾ معصومن تي، ڪڏھن رستن روڊن تي. آخر ان مسئلي جو حل ڇا آھي؟ سياستدانن کي هڪ ٻئي جون برايون ڪرڻ بجاءِ پاڻ ۾ صلح ۽ سھڪار ڪرڻ گهرجي ۽ پنھنجي ملڪ جي عوام کي دھشتگردي جي عذاب کان بچائڻ گهرجي. پر هو اھي ائين ڇو ڪن، هُنن کي ته ويڙهايو ۽ راڄ ڪريو جي پِٽ پيل آهي.ھي وقت سياسي عسڪري اختلافن کي ھڪ پاسي رکڻ جو آھي، ھي وقت ھڪ ٻئي تي لٺ کڻڻ جو نه پر پنھنجي گھر کي بچائڻ جو آھي. اڃا تائين ڪافي ٻار پشاور جي اسپتالن ۾ داخل آھن، جن جو ڪو پتو نه آھي ته اھي اڳ جيئن صحتياب ٿي گُهمي ڦري سگهندا به الائي نه!؟ اھي دھشتگرد آخر ڪيستائين رت جي راند ڪندا رھندا. آخر انھن جو انت ٿيڻو آھي، قدرت وٽ انصاف آھي، انھن درندن ڀيانڪ وحشين جي ڪابه معافي نه آھي.اھي معصوم ٻارڙا پنھنجي مائرن جا دلير پٽ، ڌيئرون ھن اسڪول ۾ خبر ناھي ڇا خواب کڻي آيا ھئا. پنھنجي روشن مستقبل لاءِ سندن مائرن کلندڙ چھرن سان کين تيار ڪري اسڪول موڪليو هو، سندن مستقبل جي لاءِ گھڻا ئي خواب ڏٺا ھئا پر کين اھو اندازو نه ھو ته اھي واپس رت ۾ رڱجي مائرن جي ھنجن ۾ ايندا. آئون پنھنجي لفظن سان ڪيترو به ھن واقعي کي پيش ڪيان گھٽ آھي، انھن مائرن جي ڏک جو اندازو نٿو لڳائي سگھجي، اھو دردناڪ واقعو ھو مرڻ گھڙيءَ تائين نه ٿيون وساري سگھن. انھن مائرن جي اکين جا لڙڪ اسان نٿا روڪي سگھون.پر سڀ کان پھرين اھو ڏسون ته ورسڪ روڊ واري ھنڌ تي ان علائقي جي بيھڪ ڪيئن آھي، جتي آرمي اسڪول آھي. پشاور ۽ يونيورسٽي جي روڊ جي اتر ۾ ھي علائقو گهڻو ڳتيل آبادي وارو علائقو آھي، جنھن جي اتر ۾ ڪجهھ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي قبائلي علائقو مھمند ايجنسي ڏانھن کان ڪي پي ڪي جي بائونڊري تائين فورسز جي چيڪنگ وارو ڪو مستقل نظام نه آھي. دھشتگرد مھمند ايجنسي واري پاسي کان آساني سان آرمي اسڪول تائين پھتا. ڇو جو آرمي پبلڪ اسڪول ۾ داخل ٿيڻ لاءِ دھشتگردن اترين حصي کان قبرستان وارو رستو استعمال ڪيو ۽ قبرستان کان مھمند ايجنسي تائين آساني سان پھچي سگھجي ٿو. ڇو جو سيڪيورٽي جو بندوبست صرف آرمي اسڪول جي چؤديواري کان ئي شروع ٿئي ٿو، ان چؤديواري کان پٺ تي جيڪڏهن ڪابه چرپر ٿئي ته ڪنھن کي ڪا به خبر نه پوندي. جيڪڏھن دھشتگرد مهمند ايجنسي کان پشاور ۾ داخل ٿيا آھن ته انھن کي اسڪول تائين پھچڻ ۾ ڪا به ڏکيائي نه ٿي ھوندي. حڪومت کي کپي ته سخت آپريشن جاري رکي ۽ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا وڃن.اڄ شايد شھيد اعتزاز جھڙي بھادر نوجوان جو خيال ھر پاڪستانيءَ کي آيو ھوندو، جنھن پنھنجي حياتي ڏئي سوين شاگردن جون زندگيون بچايون هيون. اميد آھي ته ھاڻ سيڪيورٽي ايجنسيون اھڙن منصوبن جي اڳواٽ معلومات ڏئي معصومن جون حياتيون بچائينديون

*************

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *