بلدياتي اليڪشن کانپوءِ سنڌ جو سياسي وايو منڊل : اسحاق سومرو

پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو پارٽي بنيادن تي ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن  ۾ سنڌ جي 22 ضلعن جي چونڊ نتيجن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ دفعو ٻيهر وڏي اڪثريت سان سوڀ ماڻي چڪي آهي. اليڪشن جي ٻئي مرحلي ۾ جتي 14 ضلعن ۾ چونڊ عمل ٿيو، پهرين مرحلي جيان ٻئي مرحلي ۾ به سنڌ ۾ پ پ جي مخالف پارٽين ٿوڙي روايتي ڌرين کي عبرتناڪ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. اهي روايتي جاگيردار گهراڻا پنهنجا اباڻا ضلعا ۽ تعلقا به وڃائي ويٺا، جتي سوين سالن کان سندن حاڪميت جو طبل وڄندو هو، سواءِ بدين ۾ ذوالفقار مرزا جي جنهن ضلعي جون 50 سيڪڙو سيٽون حاصل ڪري پنهنجي منفرد سياسي حيثيت قائم رکي. ٻئي طرف ضلعي نوشهروفيروز جو جتوئي خاندان، جنهن کي جهوني سياستدان سيد ظفر علي شاهه جي حمايت پڻ حاصل هئي، سئو سالن کان وٺي موري شهر تي پنهنجي سياسي مالڪي به هو مڪاني چونڊن ۾ وڃائي ويٺا، جيستائين سوال آهي، نوشهري فيروز ضلعي جي شهرن محرابپور ۽ ڀرياسٽيءَ جو، جتان پ پ کي مڪمل ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو آهي، اتان کٽي آيل اڪثريت آبادي اردو ۽ پنجابي ڳالهائيندڙ جي آهي، جيڪي هميشه پ پ مخالف ووٽ جي ڪري مشهور آهن. ان ڳالهه جي تصديق نامياري صحافي حسن مجتبى ويهه سال اڳ محرابپور کي پنجاب جي شهر “ٽوباٽيڪ سنگ” سان ڀيٽ ڏيندي هڪ دلچسپ ڪالم لکيو هو، ڇاڪاڻ ته اتي لڳ ڀڳ آبادي پنجابي ۽ اردو زبان ڳالهائيندڙن جي آهي. جڏهن ته اتان اعلانيل اليڪشن نتيجا ٻڌائين ٿا ته ٻنهي شهرن ۾ هر اليڪشن ۾ ووٽ پ پ جي مخالفت ۾ رهيو آهي. اهڙيءَ طرح جڏهن اسين بدين جي شهر گولاڙچيءَ جي چونڊن واري تاريخ ۽ ووٽ جي رخ تي نظر وجهون ٿا ته  اتي پڻ پ پ مخالف ووٽ پنجابي ڳالهائيندڙن جي ڪري سرس آهي، دلچسپ ڳالهه ته سنڌ ۾ رهندڙ پنجابين جو هي وڏي ۾ وڏو تعلقو پڻ آهي. ظاهر آهي ته اتان ڪامياب ٿي ايندڙن جي اڪثريت پڻ پنجابي ئي آهن. هنن چونڊن ۾ به گولاڙچي ٽائون ڪاميٽيءَ جي 6 مان 4 سيٽون پنجابي ڳالهائيندڙ کٽي آيا آهن.

باقي بدين ۽ ٽنڊي باگو مان مرزا جي ڪاميابي ڪا گهڻي غيرمتوقع نه آهي، بدين مان مرزا جي ڪاميابيءَ جي پٺيان ڊي جي رينجرز جي موجودگي، عزيز ميمڻ کي ٽن ڪلاڪن تائين حراست ۾ رکڻ، چونڊ کان چند ڪلاڪ پهرين 22 پولنگ اسٽيشن کي ٻين جڳهين تي منتقل ڪرڻ جو پ پ قيادت الزام هڻي رهي آهي.

نوابشاهه ضلعي ۾ پ پ جو مقابلو سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو زين شاهه ۽ نواب شاهه شهر ۾ متحده قومي موومينٽ سان هو. نوابشاهه شهر جي اليڪشن ملتوي ٿي وئي، سيد زين شاهه سڪرنڊ تعلقي مان پنهنجا اميدوار بيهاريا هئا. 2013ع جي عام چونڊن ۾ سيد زين شاهه  سڪرنڊ واري صوبائي اسميبليءَ جي تڪ تي پ پ جي اميدوار غلام قادر چانڊيو سان ڀرپور مقابلو ڪيو هو ۽ سڪرنڊ جو شهر کٽيو هو. ان کي هن اليڪشن ۾ بدترين شڪست ملي آهي، شهر سڪرنڊ جي 15 وارڊن تان هڪ به ڪائونسلر نه چونڊرائي سگهيو پر دلچسپ ڳالهه ته پنهنجي ڳوٺ واري يونين ڪائونسل مجيد ڪيريو تان سندس چيئرمين، وائيس چيئرمين، توڙي ضلعي ڪائونسل تي چونڊ وڙهندڙ پڻ هارائي ويا، کيس پوري يوسي ۾ صرف هڪ ڪائونسلر جي سيٽ ملي سگهي ۽ اهڙيءَ طرح سندس پارٽيءَ جي ڄامشوري ضلعي ۾ سواءِ 4 ڪائونسلرن جي ڪٿان به کٽي نه سگهيا، قاسم آباد جيڪو سنڌ جي قوم پرست پارٽي جو دارالحڪومت پڻ سڏجي ٿو، جتي سڀني قوم پرست پارٽين جون مرڪزي آفيسون ۽ سرگرمين جا ڳڙهه سڏبا آهن. قوم پرستن کي بدترين شڪست ڪيترائي سوال ڇڏي ٿي. 2013ع جي الڪيشن ۾ سنڌ قومي عوامي اتحاد جي اياز لطيف پليجي جنهن 14 هزارن کان به وڌيڪ ووٽ کنيا، اتان هن جي پارٽي هڪ به ڪائونسلر چونڊرائي نه سگهي، پر پي ٽي آءِ جو هڪ ڪائونسلر قاسم آباد مان چونڊيو ويو، جڏهن ته حيدرآباد شهر مان متحده قومي موومينٽ کي واضح برتري ملي، جتان پ پ کي صرف 15 يونين ڪاميٽين جون سيٽون مليون. هالا جي شهر  ۽ مٽياريءَ جي پوري ضلعي ۾ پ پ کي سرسي ملي، ضلعي ٽنڊو الهيار مان سينيٽر راحيله مگسي جي پٽ کي ٻن ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي سيٽن تان  شڪست ملي، ٿرپارڪر ضلعي مان اربابن جي تڏا ويڙهه ۽ شيرازين جي ٺٽي ۽ سجاول مان بادشاهي جو خاتمو، عمرڪوٽ ۽ ٽنڊو محمد خان مان واضع اڪثريت هڪ دفعو ٻيهر پ پ کي سنڌ ۾ سوڀارو ڪيو. 2013ع ۽ هاڻي اڍائي سالن کانپوءِ 22 ضلعن ۾ مليل واضع برتريءَ ٿي، مڪاني چونڊن ۾ شڪست سان همڪنار ٿيل اڳواڻن ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چونڊن ۾ ڌانڌلين جو الزام هڻندي فوج ۽ رينجرز جي نگرانيءَ ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

1970ع کان وٺي سنڌ ۾ ٿيندڙ سڀني چونڊن جو جيڪڏهن گهرائي سان جائزو ورتو وڃي ته هر اليڪشن ۾ هر طرف پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ٻي طرف پ پ مخالف روايتي ڌريون آهن. انهن ۾ اڪثريت انهن جي آهي جيڪي 35 سالن ۾ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا سياسي پارٽيون بدلائي ۽ نيون پارٽيون ٺاهي اقتدار جا مزا ماڻيندا رهيا آهن، سندن سياسي پارٽين جو وجود سندن ذاتي حلقن يا ڪجهه ضلعن تائين رهيو آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي سٺي حڪمراني واري ڪارڪردگي بلڪل نه رهي آهي، پر پ پ جون هيءَ مخالف شخصيتون وري پنهنجا پاسا بدلائي ۽ پوئين در کان اقتدار ماڻڻ واري رڪارڊ جي ڪري سنڌ جي ماڻهن ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهڻ ۾ ناڪام ويون آهن. جنهن جو فائدو هر اليڪشن ۾ پيپلز پارٽيءَ کي مليو آهي، هن بلدياتي اليڪشن کان پوءِ اها ڳالهه واضح ٿي ويئي هئي ته سڀني ضلعن ۾ پ پ جي نشان تير تي اليڪشن وڙهندڙ جي مقابلي ۾ مخالف سياسي پارٽين پنهنجا 20 سيڪڙو کان به گهٽ اميدوار بيهاريا هئا، سياسي پارٽين کان وڌيڪ آزاد اميدوار يا پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي ورڪرن ئي فارم جمع ڪرايا هئا، جن کي سيٽون نه مليون هيون، پ پ کي هر سيٽ تي ڪارڪنن ۽ همدردن طرفان وڏي تعداد ۾ پارٽي ٽڪيٽن لاءِ درخواستون مليون، ٻئي طرف مخالف ڌرين کي هر سيٽ تي بيهارڻ جيترا اميدوار به نه ملي سگهيا.

دلچسپ ڳالهه ته پ پ جا اُهي ئي مخالف آهن جيڪا ڏهاڪن کان پ پ جو سنڌ ۾ مقابلو ڪن ٿا، جن شخصيتن ۽ پارٽين ۾ مسلم ليگ فنڪشنل، لاڙڪاڻي جو ممتاز ڀٽو ۽ ڏوڪري جا انڙ، ٻيٽي ضلعي دادو جا جتوئي، موري جا جتوئي، ٿر جا ارباب، ٺٽي جا شيرازي، سن جا سيد ۽ هاڻي بدين ۾ زرداري مخالف ذوالفقار مرزا آهي.

سنڌ ۾ 2008ع جي اليڪشن کانپوءِ پ پ جو متبادل ڳولڻ جون ڪوششون ۽ خواهشون ڪجهه سنجيده انداز ۾ شروع ٿي ويون، 2013ع جي اليڪشن ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ف) جي پيرپاڳاري جي اڳواڻي ۾ ڏهه جماعتي اتحاد پڻ قائم ٿيو پر اهو اتحاد به ان اليڪشن ۾ نتيجا نه ڏئي سگهيو ۽ ان اتحاد تان به اهي ئي روايتي مخالف اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيا هئا، هاڻي به 22 ضلعن ۾ اهي ئي ساڳيا چهرا پ پ سان مقابلو ڪري رهيا هئا. جن کي 2013 کان به وڌيڪ بري شڪست ڏسڻي پئي آهي.

هيٺين سطح تي ٿيل هن اليڪشن ۾ جتي پ پ پنهنجي هزارين ورڪرن کي هڪ سياسي سيٽ اپ جو حصو بنائڻ ۾ ڪامياب وئي آهي ۽ پهريون دفعو پ پ بلدياتي سطح تي پهچي وئي آهي. پ پ لاءِ اهو سونهري موقعو آهي ته اها سنڌ ۾ هيٺين سطح تي ماڻهن جي خدمت ڪري، ٻئي طرف پ پ جي مخالفن جو وڌيڪ ڪمزور ٿيڻ ۽ خصوصن قوم پرست پارٽين جي انتهائي مايوس ڪن ڪارڪردگيءَ هڪ دفعو ٻيهر پ پ کي سنڌ جي واحد سياسي پارٽيءَ طور هڪ دفعو ٻيهر سامهون آندو آهي، پ پ جو متبادل اهي روايتي پ پ مخالف آهن جيڪي پنهنجي پروفائل ۾ پارٽيون بدلائڻ جو وڏو رڪارڊ، وڏن جي مدد سان اقتدار ۾ ايندا رهيا آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ پ پ جو متبادل مڊل ڪلاس جي  صورت ۾ حقيقي جمهوريت پسند پارٽي ۽ ايماندار ماڻهو ٿي سگهن ٿا.

هن وقت تائين ۽ خاص طور تي هن بلدياتي چونڊن جي نتيجن کان پوءِ اهو هاڻي بلڪل چٽو ٿي ويو آهي ته تبديليءَ جو راڳ ڳائيندڙ، ووٽ جي اهميت تي ليڪچر ۽ روزانو جا ڀاشڻ ڏيندڙ ڪالم نگارن طرفان تبديليءَ جي لاءِ عطائي ڊاڪٽرن وارو لٻاڙي فلسفو ٻڌائيندڙن کي اعتراف ڪرڻ کپي ته هنن جي ٻڌايل نسخن تي سنڌ جي ماڻهن ڪوبه ڌيان نه ڏنو آهي. جيستائين سياسي پارٽين جو تعلق آهي ته اهو به واضح ٿي ويو آهي ته سنڌ جو ماڻهو پ پ کي سواءِ ڪنهن به ٻي ملڪي سطح جي پارٽي خاص طور تي مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان تحرڪ انصاف کي ووٽ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، جيستائين پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جو تعلق آهي ته اها سنڌ جي ٻن يا ٽن ضلعن ۾ ئي پ پ جو مقابلو ڪري ٿي، اها به گهڻو ڪري پنهنجي مريدن جي ووٽن تي، سنڌ جي قوم پرست پارٽين طرفان سنڌ ۾ پهريون دفعو سياسي بنيادن تي ٿيندڙ هن بلدياتي چونڊن ۾ ڀرپور حصو نه وٺي هڪ سونهري موقعو وڃائي ڇڏيو. جنهن ڪري سندن کي به ٻيهر صف بندي ڪرڻ جي ضرورت آهي. وقت جي ضرورت آهي ته حقيقت پسنديءَ جو مظاهرو ڪري وچين ڪلاس جي سياست کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ دفعو سنجيدگيءَ سان سوچڻ ۽ لوچڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *