بلاول ڀٽو زرداري جي آمد ۽ جمهور دشمنن ۾ بي چيني؛شرجيل انعام ميمڻ

شرجيل انعام ميمڻ

2014-oct-08-bbz-at-gkb-larkanaابن مريم هوا ڪري ڪوئي

ميري دک ڪي دوا ڪري ڪوئي

بلاول ڀٽو جو جلسو ڇا ٿيو هڪ نئين روايت جي شروعات ٿي وئي جلسي جي ڪاميابي لاءِ ڪنهن ڊي جي ضرورت ناهي هوندي، جڏهن اڳواڻ خطاب ڪري رهيا هجن ته ان دوران گانا وڄائڻ جي ضرورت ناهي هوندي. بلاول ڀٽو زرداري جو خطاب ڀٽو ازم واري فلسفي جو جوهر هو، جڏهن هو عوام کي مخاطب ٿيندي اهو سوال ڪري ته لڙو گي، مروگي، ته جواب اهو هو ته ها. جڏهن اهي جملا چئي رهيو هو ته  ائين محسوس ٿي رهيو هو جيئن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو روح هن ۾ سمائجي ويو هجي. هو شهيد ذواالفقار علي ڀٽي جي عوام پسند ، انسانيت دوست ۽ روشن خيال نظرين جي پرچار ڪندي نظر آيو. پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪندڙ اهو به تجزيو ڪن ٿا ته هاڻوڪي پيپلز پارٽي جي پيغامن ۽ نظرين ۾ روشن خيالي ۽ بين المذهبي هم آهنگي جي کوٽ آهي. جنهن جو جواب بلاول ڀٽو زرداري مذهبي انتها پسندن جي مذمت پنهنجي تقرير ۾ سلمان تاثير ۽ شهباز ڀٽي جي قربانين جو ذڪر ڪندي ڪئي. بلاول ڀٽو جي خطاب ۾ هڪ ٻيو نمايا پهلو ان عزم جو اظهار هو ته پاڪستان جي انهن علائقن ۾ جتي حڪومت جي عملداري کي چيئلينج ڪيو ويو آهي ۽ رياست  ۾ هڪ ٻئي رياست قائم ڪئي وئي آهي ، نه فقط ان فرضي رياست جو خاتمو ڪرڻ پيپلز پارٽي جو مشن آهي پر انهن علائقن ۾ هن پاڪستاني جھنڊو ڦڙڪائڻ کي به پنهنجي ترجيح قرار ڏنو. اهو ئي ساڳيو انداز جيڪو محترمه شهيد راڻيءَ 27 ڊسمبر تي پنهنجي شهادت کان اڳ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪراچي وارو جلسو ۽ چيئرمين بلاول جي تقرير مڪمل طور تي هڪ پيغام هو.اهو پيغام ڪشمير جي آزادي جو پيغام هو، مذهبي رواداري ۽ برداشت جو پيغام هو ۽ نوجوانن لاءِ اميد هئي. بزرگن جو سهارو هو، عورتن ۽ نارين جي حقن جي پاسداري جو علم هو. اقليتن ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ مختلف عقيدا ۽ نظريا رکندڙن لاءِ محبت  اخوت ۽ ٻڌي جو سبق هو چيئرمين بلاول ڀٽو جتي گڊ گورننس جي پرچار ڪئي اتي ڪرپشن کان پاڪ معاشري جي اهميت تي زور ڏنو. هو نه صرف ڪراچي پر گلگت بلتستان سميت پاڪستان جي سمورن علائقن م رهندڙ ماڻهن کي هڪ اهڙي هار ۾ پروڙڻ گھري ٿو جيڪو نازڪ به هجي ته مضبوط به هجي. هن جي پوري تقرير جو بنيادي محور ۽ مرڪز انسان دوستي ۽ انسان ذات هئي. تبديلي ۽ انقلاب يا آزادي جو عمل هڪ رات يا ڏينهن ۾ مڪمل ناهي ٿيندو. جيڪڏهن ڪو فرد تبديلي جو علم بلند ڪرڻ گھري ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ آزادي به گھري ٿو ته هن کي گھٽ ۾ گھٽ نه ڳالهه جي خبر هجڻ گھرجي ته اهو هڪ ڊگھو ۽ صبر وارو مرحلو آهي اهو سمورو عمل هڪ دم مڪمل ناهي ٿيندو. 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ جلسو هڪ پيغام هيو انهن ماڻهن لاءِ جيڪي اهو سمجھن ٿا ته پيپلز پارٽي پنهنجي مقبوليت وڃائي چڪي آهي. جلسي ۾ ڪرسيون هڪ لک هيون پر نام نهاد سياسي تجزئي نگارن کي اها ڳالهه ڪنهن به صورت ۾ هضم نٿي ٿئي، ته جلسي ۾ لکن جي انگ ۾ ماڻهون شريڪ ٿيا نه فقط جلسي گاھ بلڪ ڀرپاسي ۾ عوام جو وڏو انگ موجود هو. هو اڃا تائين اهو طئي ناهي ڪري سگھيا ته جلسي ۾ شريڪ ماڻهن جو انگ ڪيترو هو اڃا بلاول ڀٽو زرداري جو عوام سان خطاب ختم ئي ٿيو هو ته برساتي سياسي تجزيه نگار ۽ ڪجھ نام نهاد سفارتڪار ميدان ۾ اچي ويا ۽ چيئرمين پيپلز پارٽي جي تقرير کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ شروع ڪيو. سندن موقف هئو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جي تقرير بي ربط هئي. مون کي انهن جي لاچاري ۽ بيوسي تي کل اچي رهي آهي. ۽ مان ئي ڇا پر ملڪ جو هر باشعور شهري هنن جي تبصرن تي کلي رهيو آهي.

آگي آتي ٿي حال دل پي هنسي

 اب ڪسي بات پر نهين آتي

ان قسم جي هٿٺوڪين دانشورن ۽ تبصره نگارن جو بنيادي مسئلو هي آهي ته اهي هميشه پنهجي سڃاڻپ لاءِ جهدوجهد ڪندا آهن. انهن جي خوش قسمتي اها آهي ته جڏهن به انهن کي پنهنجي سڃاڻپ مڃرائڻ جو موقعو ملندو آهي ته جمهور جي مخالف ڪرڻ انهن جي مجبوري

  هوندي آهي. بنيادي مسئلو هي آهي ته ان قسم جا جمهوريت دشمن دانشورڪنهن به چينل ۽ ريڊيو تي ڳالهائڻ لاءِ ڪو به معاوضو ناهن وٺندا. نشرياتي ادارن لاءِ اهي دانشور ان لاءِ هر دل عزيز هوندا آهن ته کين ڪنهن به پروگرام ۾ مدعو ڪرڻ کان اڳ کين فقط ايترو ٻڌايو ويندو آهي ته اڃ جي موضوع جي حق ۾ ڳالهائڻو آهي يا مخالفت ۾. انهن ماڻهن جو معاملو نظرياتي مخالفت نه پر اسڪرين تي اچڻ جو شوق هوندو آهي. اسان جو هڪ دوست انهن کي شوقين بلاوائي ڪوٺيندو آهي. اهڙي قسم جا ماڻهون توهان کي تقريبن سمورن ئي سماجي ادارن ۾ نظر ايندا. انهن کي پروگرام جو ميزبان تجزيه نگار طور متعارف ڪرائيندو آهي اهي سياسي تجزيه نگار به هوندا آهن ته ڪڏهن معاشي، ڪڏهن انساني حقن جي حوالي سان ته ڪڏهن ٻارڙن جي حقن جي حوالي سان ، ڪڏهن عورتن جي حقن جي حوالي سان ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته پرڏيهي معاملن تي به تبصره ڪندي نظر ايندا آهن.انهن سمورن موضوعن جي حوالي سان تبصره نگارن جو مطالعو ڪيترو هوندو آهي ان باري ۾ موصوف پاڻ ۽ ميزبان به لاعلم هوندا آهن. اخلاقي تقاضو اهو آهي ته سياستدان کي سياست ڪرڻ گھرجي معيشندان جو موضوع معاشيات هئڻ کپي، تعليم واري ماهر جو موضوع تعليم پر هتي حالت اها آهي ته جن ماڻهن ڪڏهن پنجاھ ماڻهن جي مجلس ۾ شرڪت نه ڪئي هجي اهي لکين ماڻهن جي اجتماع کي پنهنجي قابليت جي بنياد تي هزارين نه سوين شمار ڪندا آهن. پر تبصري بازن لاءِ بلاول ڀٽو زرداري جو جلسو هڪ سبق آهي سمورن نشرياتي ادارن تي جلسي جي ڪوريج جي نشريات ڏسي وٺن تمام ڪيمرائن جي اک آخري نظر تائين جلسي ۾ شريڪ عوام کي ڏيکاريو.  پر وچ ۾ ڪائي جڳهه خالي نظر نه آئي ڇا ڪجي انهن جيالن جو جيڪي بلاول جي محبت ۾ پوري پاڪستان مان ڪهي آيا. ۽ جلسا ۽ ڌرڻا هڻڻ وارن کي احساس ڏياريو ته هو شاهنواز ڀٽي جي پڙ ڏهٽي سان، ذوالفقار علي ڀٽي جي ڏوهٽي، شهيد بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جي سياسي جانشين سان ڪيتري محبت ڪندا آهن. جمهوريت دشمنن پاران موت مار حملن جو خطرو به هيو پر پيپلز پارٽي قربانيون ڏيندڙن جي جماعت آهي هڪ اهڙي جماعت جنهن جي اڳواڻن پنهنجي جانين جو نظراڻو ڏئي ملڪ ۾ جھمهوريت جو علم بلند رکيو ۽ ان کي ڪرڻ نه ڏنو. ڪنهن به سياسي جلسي ۾ شريڪ ٿيندڙ جي تعداد جو اندازو فقط اسٽيج جي سامهون ۽ ان جي ڀرپاسي بيٺل ماڻهن جي موجودگي مان ناهي لڳايو ويندو، پر جيستائين

ماڻهون هجن ايستائين ڪيمرائن جي اک وڃڻ گھرجي. پر ظلم جي ڳالهه هي آهي ته تقرير ختم ٿيندي ئي ننڍي “ي ” سان تعلق رکندڙ مختلف هٿٺوڪين، دانشورن، صحافين، تجزيه نگارن ۽ سياسي معاملن جا ماهر مختلف نشرياتي ادارن جي اسڪرينن تي ظاهر ٿيا. انهن جي نظر کي به داد ڏيڻي پوندي. لکين ماڻهون انهن کي سون ۾ نظر آيا بلاول ڀٽو زرداري جي خطاب ۾ انسان دوستي جي پيغام کي انهن ڪا به اهميت نه ڏني . پورهيتن جي حقن بابت ڳالهائڻ کين نه وڻيو. انهن سڀني جو مقصد اهو نظر اچي ٿو ته پاڪستان ۾ رهندڙ سمورا ماڻهو هڪ ٻئي سان وڙهن. فرقيواريت ۽ مذهبي عقيدن جي بنياد تي هڪ ٻئي کي قتل ڪيو وڃي ڳالھ ٻولھ ۽ مفاهمتي عمل ذريعي مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ هٿيارن جي زور تي اهڙن نازڪ ، پيچيده ۽ سنجيده مسئلن جو حل ڳولهيو وڃي، انهن سمورن ماڻهن کي بلاول ڀٽو زرداري جي تقرير ٻڌي يقينن مايوسي ٿي هوندي پر انهن کي هڪ ڳالھ ضرور ياد رکڻ گھرجي ته بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ شروع ٿيندڙ هي سياسي ريلو رڪجڻ وارو ناهي. بلاول ڀٽو زرداري هڪ سياسي درياءُ آهي ۽ هر ڪوئي ڄاڻي ٿو ته درياءُ بادشاھ آهي جڏهن درياءُ بادشاھ جا رستا روڪيا ويندا آهن ته هو پنهنجا رستا پاڻ ٺاهيندو آهي. ان رستي وچ ۾ جيڪي به غير فطري ۽ مصنوعي رڪاوٽون اينديون آهن ته انهن کي لوڙهي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيندو آهي. بلاول جي قيادت ۾ هي سياسي ريلو نڪري چڪو آهي ان جي راھ ۾ جيڪي به مصنوعي رڪاوٽون اينديون اهي لڙهي وينديون اڃان ته هي شروعات آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي سياسي سفر جو سنگ ميل آهي غالب اهڙي ئي ڪنهن اجتماع تي چيو هو ته

ڦر اس انداز سي بهار آئي

ڪي هو ئي محرومه تماشائي

ديکو اي ساڪنان خطئه خاڪ

اس ڪو ڪهتي هين عالم آرائي

عالم آرائي مان مراد انسان دوستن، باشعور ۽ با ضمير ماڻهن جو هڪ گڏيل ميڙ آهي. بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ اهو سلسلو جاري رهندو اڃا ته اها صرف شروعات آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *