بلاول جي نانءُ: سرمد منصور

موهن جي دڙي جي مٽيءَ مان ڳوهيل، سنڌ جي راڻي جا ڏهٽا ۽ شهيد راڻيءَ جي جگر جا ٽُڪرا، توکي پنهنجي شاندار سياسي سفر جي شروعات تي ڀليڪار ڪريون ٿا. سياسي رُڃ ۾ تنهنجي آمد مور جي رڙ جيان آهي، تون سينورجي ويل سياست جي تلاءَ ۾ اُهو ڪنول ٿي کڙيو آهين، جنهن کي ڏسندي نراس جا سمورا سپنا ٽُٽي پيا آهن، ماڻهن جي اکين ۾ اُميد جي جوت جلي پئي آهي ۽ اُنهن تنهنجي اکين ۾ ذلفي ۽ بينظير جي تصوير کي ڏسڻ شروع ڪيو آهي. تو مٿي اُن عظيم ڪردار جو نالو رکيو ويو آهي، جنهن کي حق ۽ سچ خاطر گهاڻي ۾ پيسجڻو پيو، جنهن پنهنجي آخري خواهش به اِها ڏيکاري ته کيس پيرن کان گهاڻي ۾ وڌو وڃي ته جيئن هو پنهنجي ٽُٽندڙ عضون جو آواز پنهنجي ڪنن سان ٻُڌي سگهي. مون کي پتو ناهي ته تو مٿي اِهو نالو رکندي تنهنجي وڏڙن ڇا سوچيو هو؟ پر اِها سنڌ جي روايت آهي ته اُهي پنهنجن ٻارن مٿان اهڙن امر ڪردارن جو نالو ان ڪري رکندا آهن ته جيئن اُهي پنهنجي نالي جو ڪو اثر وٺي سگهن. توکي سنڌ ۾ هزارين دودي نالي سان ملندا، پر چنيسر نالو ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ئي ملندو، جو ڪا به ماءُ چنيسر جهڙو طعنو سهڻ نه چاهيندي آهي.پيارا بلاول، ڪالهوڪي شاندار جلسي کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ جڏهن تو اُن گهنڊيدار وارن واري اُن سنڌ جي امر ڪردار هوش محمد شيديءَ جي مزار مٿان بيهي دُعا لاءِ هٿ مٿي کنيا هُئا ته تنهنجي پارٽي ۽ پارٽيءَ جي سمورن وزيرن لاءِ جيڪو ڪروڌ منهنجي ذهن ۾ گڏ ٿيل هُو، سو اُن ويلي نه ڄاڻ الائي ڪيڏانهن ٽڙي پکڙي ويو ۽ مون کي تو مٿي بي انتها پيار آيو. مون کي اِئين لڳو ته تون پنهنجي امڙ کان ٻه قدم اڳتي نڪري آيو آهين، تنهنجي اُها امڙ، جيڪا اڄ کان ست سال پهريان جلاوطنيءَ ختم ڪري جڏهن ڪراچي ايئرپورٽ تي جهاز مان لهي رهي هُئي ۽ هُن پنهنجي ڌرتيءَ تي پير ڌرڻ کان پهريان آسمان ڏانهن مُنهن ڪري دُعا لاءِ ٻُڪ ٺاهيو هو، اُن دُعا جي ٻُڪ ۾ هُن ڇا گهريو هوندو؟ مون کي اڄ تائين سمجهه ۾ ناهي آيو، پر ايتري سا پڪ ضرور اٿم ته هُن هن ڌرتيءَ جي اُنهن ڪروڙين مٿي ۽ پيرين اُگهاڙن جي سُک جي لاءِ دُعا ضرور گُهري هوندي، هُن ڌڻيءَ جي درٻار ۾ پنهنجي ڌرتيءَ تي پير ڌرڻ جي شُڪر ادائي ضرور ڪئي هوندي، جو بلاول هيءَ ڌرتي اُنهن وسيع دل رکندڙ ماڻهن جي ڌرتي آهي، جن ڌارين کي به پنهنجي ٻانهن ۾ ڀري ڇپر ۽ ڇانوَ ڏني، اُنهن کي پناهه ڏني ۽ اُنهن کي پنهنجي ڌرتيءَ جي هُجڻ جو احساس ڏياريو، پر اِها اُنهن جي بدقسمتي آهي جو اُهي اُن ڇانوَ ڏيندڙ ڌرتيءَ کي اڄ تائين پنهنجو نه ڪري سگهيا آهن.بلاول، هوش محمد شيديءَ جي مزار تي تنهنجي گهريل دُعا، سنڌ دشمنن کي ضرور نيست ۽ نابود ڪرڻ وارو هٿيار ثابت ٿيندي. گڏوگڏ اِها دُعا اُنهن ماڻهن لاءِ به هڪڙو پيغام آهي، جيڪي سنڌ کي نڌڻڪو سمجهي اُن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ گهرن ٿا. ۽ اُميد ٿي ڪجي ته هوش محمد شيديءَ مٿان تنهنجي گهريل اِها دُعا ڪو سياسي داءُ نه پر تنهنجي اندر جو آواز هوندي.پيارا بلاول، ڪير ڇا به چوي، پر منهنجي دل بار بار اِهو ئي چئي رهي آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ لاءِ بلاول بڻجي وريو آهين، تنهنجي زندگيءَ جو مقصد اقتدار جي حاصلات هرگز نه هوندو، بلڪه اُنهن ڪروڙين ماڻهن جي اُميدن جو عڪس بڻجي سياسي جَر مٿي جرڪندين، جن کان، آزاديءَ جي دولاب ۾ رکي، سڃاڻپ، تهذيب، تمدن ۽ ثقافت ڦُرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. بلاول، تنهنجو نانو، جنهن ويل ٻانهون کُنجي اسٽيج تي اچي ماڻهن کان وچن وٺندو هو، تڏهن ماڻهو مٿس مرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا هُئا ۽ ساڳيو جذبو اڄ کان ست سال اڳ تنهنجي امڙ جي جانثارن اُن ساڳي ڪارساز سانحي وقت ڏيکاريو هو، جنهن جي ياد ۾ ڪالهه تو جلسو ڪوٺايو هو. رُڳو ايترو ئي نه پر تنهنجي امڙ جي شهادت تي سنڌ جا ماڻهو اِئين رُنا هُئا، جيئن ڪو پنهنجي گهر ڀاتيءَ جي وڇوڙي تي روئندو آهي ۽ اِهو پهريون ڀيرو هو جو پوريءَ سنڌ ۾ ٽن ڏينهن تائين ڪنهن به سنڌيءَ جي گهر ۾ چُلهه ڪونه ٻري هُئي. اهڙو پيار شايد ئي ڪنهن قوم پنهنجي اڳواڻن سان ڪيو هُجي، جهڙو سنڌي قوم تنهنجي نانا ۽ امڙ سان ڪيو آهي. پر افسوس ته تنهنجي پارٽي اُهو واعدو پاڙي نه سگهي، جيڪو هُنن چونڊن وقت پنهنجن ماڻهن سان ڪيو هو. ممڪن آهي ته تنهنجي وزير وڙن کان اُهو واعدو وسري ويو هُجي، پر ماڻهن کي اڄ به ياد آهي، ماڻهو اڄ به تنهنجي امڙ جي قاتلن کي ڪٽهڙي ۾ ڏسڻ گهرن ٿا، اُنهن جا سينا تيستائين ڪونه ٺرندا، جيستائين اُهي پنهنجي عظيم ليڊر جي قاتلن کي ڦاهيءَ چڙهندي نه ڏسندا. پر لڳي ائين ٿو ته تنهنجي پارٽيءَ ليڊرن هاڻ اُنهن قاتلن کان بدلو وٺڻ وارو خيال ترڪ ڪري ڇڏيو آهي، اُنهن جهڙوڪر اقتدار جي عيوض اُن عظيم اڳواڻ جو خون بخش ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اِئين آهي ته پوءِ بلاول تون سنڌ جي ماڻهن کي گهڻي وقت تائين گڏ رکي نه سگهندين، تنهن ڪري اُنهن ماڻهن سان توکي اِهو وچڻ ڪرڻو پوندو ته تون پنهنجي ماءُ جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ واري واعدي کي پاڙي ڏيکاريندين. ماڻهو تنهنجي نانا جي هن پارٽيءَ سان گذريل 42 سالن کان واڳيل آهن، اُنهن ڪڏهن به اِهو حساب ناهي ڪيو ته سندن محبت جي بدلي هُنن کي ڇا پلئه پيو آهي، نه ئي اڄ هو اهڙي ميار اوهان کي ڏين ٿا، پر اِهو تنهنجو فرض ٿو بڻجي ته تون پنهنجي نانا ۽ پنهنجي امڙ جي ماروئڙن جي خوابن کي ساڀيان ڏيارڻ جي ڪوشش ڪرين، جيڪي تنهنجي نانا ۽ تنهنجي امڙ اُنهن جي اکين ۾ پوکيا هُئا.پيارا بلاول، سنڌ جي ماڻهن جي حالت ڇا آهي؟ تون يقينن اُن کان واقف هوندين، جو ٿورو ئي وقت اڳ ۾ تو ٿر جي اُنهن نٻل ۽ ڪمزور ماروئڙن جي ٻارن کي موت جي مُنهن ۾ ويندي ڏٺو هو، اُهي ماروئڙا جن وٽ غذائي کوٽ هُئي، جيڪي پنهنجي ٻارن جو پيٽ به پوريءَ ريت ڀري نه ٿي سگهيا. اُنهن سان تو جيڪي واعدا ڪيا هُئا، سي ڪنهن حد تائين ته پاڙيا ويا، پر انهن کي مڪمل طور پاڻي نه اچي سگهيو آهي، جو اڄ به اُهي علائقا ڏڪاريل آهن، اُنهن کي تنهنجي توجه جي ڪالهه به ضرورت هُئي اڄ به آهي.پيارا بلاول، توکي سنڌ جي اُن اڀاڳ طرف به ڌيان ڏيڻو پوندو، جنهن ۾ برادريون هڪ ٻئي خلاف هٿيار تاڻيو ويٺيون آهن، ۽ اُنهن برادرين جا اڪثر سردار تنهنجي پارٽيءَ جا سرگرم اڳواڻ آهن. جيڪڏهن تون اُنهن اڳواڻن کي اُهي جهڳڙا ختم ڪرڻ لاءِ پابند بڻائين ته شايد جنگي حالتن ۾ جيئندڙ اُهي برادريون سُک جو ساهه کڻي سگهن ۽ اُنهن جا ننڍڙا ٻارڙا جن جي هٿيارن ۾ ڪتابن بجاءِ هٿيار آهن، اُهي اسڪولن جو رُخ ڪري سگهن. ايترو ئي نه پر بلاول تنهنجي اُن سنڌ ۾ سج لٿي کان پوءِ ماڻهن جو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ چُرڻ پُرڻ محال آهي، جو ڏوهاري گور گهمندا وتن ٿا ۽ اُنهن کان ڪو پُڇڻ آکڻ وارو ناهي.۽ اِهو به ته، تنهنجن هنن ماروئڙن جون زندگيون ڏاڍيون تنگ گُذرن ٿيون، اُنهن کي روزگار نٿو ملي، اُنهن کي صحت جون سهوليتون ناهن ۽ اُنهن جي ڳوٺن ڏانهن ويندڙ رستا سياسي تڪرارن سبب پڪا نٿا ڪيا وڃن، اُهي ورهين کان اُنهن کڏن کوٻن وارن رستن جو سفر ڪرڻ تي مجبور آهن، اُنهن جي اکين ۾ هاڻ جيڪڏهن اُميدن جا ڪي گونچ پوکڻ به چاهين ته اُنهن مان اِئين هٿ نه ڪڍي وٺجيئن، جيئن تنهنجي موجوده قيادت گذريل دور دوران ڪيو آهي. سو پيارا بلاول، هتي جي ماڻهن تنهنجي نانا ۽ تنهنجي امڙ سان سدائين نڀايو آهي، تنهن ڪري هاڻ تنهنجو وارو آهي ته تون اُنهن سان نه رُڳو نڀائيندين، پر اُنهن کي اِهو ثابت به ڪري ڏيکاريندين ته سنڌ کي هڪ ڀيرو ٻيهر بلاول وري مليو آهي. اسين تنهنجي هن سياسي سفر لاءِ دُعاگو آهيون ۽ اِها به دُعا گهرون ٿا ته تون ڪرپٽ، موقعي پرست، ڦورن، لُٽيرن، قبضي خورن ۽ ٻچاپڙن کان محفوظ رهندين!

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *