پشاور سانحي ۾ معصوم گلڙن جي بيدرديءَ سان شهادت واري المناڪ واقعي، جنهن پاڪستان سميت سڄي دنيا کي سوڳوار ڪري ڇڏيو. 27 ڊسمبر 2007ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت واري واقعي جيان هي هانءُ ڏاريندڙ واقعو، جنهن هر ماءُ، پيءُ، هر ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي هنجون هارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، اتي هن واقعي پاڪستان جي سياست ۾ به وڏي تبديلي آندي. پهريون ڀيرو دهشتگردن خلاف قوم هڪ آواز ٿي بيٺي، کاٻي ڌر سان گڏ ساڄي ڌر سان واسطو رکندڙ سياسي ۽ مذهبي پارٽين هڪ پليٽ فارم تي گڏجي نه صرف ان واقعي جي سخت لفظن ۾ نندا ڪئي پر گڏوگڏ دهشتگردن ۾ سٺا ۽ خراب دهشتگرد جو فرق ختم ڪري قوم کي دهشتگرديءَ جي لعنت مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ هڪ هڪاڻي جو فيصلو ڪندي، سمورا اسٽيڪ هولڊر حڪومت ۽ فوج جا بازو ٿي بيٺا.ان سڄي صورتحال ۾ هڪ کوٽ به شدت سان محسوس ڪئي ويئي. اها کوٽ ان للڪار جي هئي، جيڪا للڪار سڀ کان اڳ دهشتگردن کي ڪئي ويندي هئي. دهشتگرديءَ جي هر واقعي کانپوءِ ٻڌڻ ۾ ايندڙ للڪار ڪٿي گم ٿي ويئي هئي؟ ان بابت هر ڪو سوچي رهيو هو. نيٺ پشاور سانحي جي ٽن ڏينهن کانپوءِ ان للڪار جو آواز ٻڌو ويو، جيڪو آواز هيڻو هو ۽ ان آواز ذريعي اهو پيغام ڏنو ويو ته مون وٽ هن سانحي جي نندا لاءِ ڪي به لفظ نه آهن. هن واقعي مون کي سڪتي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. ڇا واقعي ائين هو؟ يا ان پويان ڪا ٻي ڪهاڻي لڪل هئي. بهرحال اوهان سمجهي ويا هوندا ته اها للڪار پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هوندي هئي، جنهن پنهنجي امڙ جي نقشِ قدم تي هلندي انسانيت جي ويرين کي هر وحشي ڪارروائي بعد فوري للڪار ڪري پئي ننديو آهي. هن ڀيري ان جي ٽن ڏينهن تائين خاموشي، سوشل ميڊيا تي به مذمت نه ڪرڻ واري عمل ڪيترائي سوال اٿاريا آهن. خاص طور ان ڪري ته جڏهن ساڄي ڌر سان واڳيل اسٽيڪ هولڊر به دهشتگردن کي نندي رهيا هئا ۽ پهريون ڀيرو حتمي ڪارروائي لاءِ حڪومت ۽ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل نظر آيا. ان وقت پيپلزپارٽي جهڙي اعتدال پسند، لبرل ۽ کاٻي ڌر سان واسطو رکندڙ مضبوط ۽ وڏي سياسي پارٽي جو چيئرمين غير فطري طور ڇو خاموش رهيو، پارٽي ته ان بابت ڪا وضاحت نه ڪئي، پر ڪجهه وقت کان هلندڙ انهن ڳالهين جنهن ۾ چيو ويو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس والد اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۾ تنظيمي ۽ سنڌ ۾ حڪومتي معاملا هلائڻ تان اختلاف ٿي پيا آهن. بلاول ڀٽو طرفان اعلانيل لاهور ڪنوينشن ۾ سندس جي نه اچڻ ۽ آصف علي زرداري جي خطاب ۽ ان ۾ بلاول ڀٽو جي ٻه سال سياست نه ڪرڻ واري اعلان، انهن ڳالهين کي هٿي ڏني.لاهور ڪنوينشن کانپوءِ آصف علي زرداري گجرانوالا ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪيو ۽ اتي بلاول، بلاول جا نعرا لڳا ته آصف زرداري کي ائين ڇو چوڻو پيو ته شهيد راڻي وصيعت ۾ منهنجو نالو لکيو هو، بلاول جو نه!!! جيڪڏهن اهڙي ئي ڳالهه هئي ته پوءِ بلاول کي چيئرمين بڻائي کيس ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ سرواڻي جو تاج ڇو پارايو ويو؟ ڪراچي ۾ وڏو عوامي جلسو منعقد ڪري بلاول ڀٽو کان سياست جو باقاعده آغاز ڇو ڪرايو ويو؟ اهي ڳالهيون وقت اچڻ تي ضرور پڌريون ٿينديون. سنڌ ۽ پنجاب ۾ تنظيمي معاملا هلائڻ تي پارٽي اڳواڻن ۾ اختلاف آهن. پنجاب ۾ پ پ جو لڏو منظور وٽو کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي پر شريڪ چيئرمين، منظور وٽو کي ئي صوبائي صدر برقرار رکڻ چاهي ٿو. اهڙي صورتحال سنڌ سرڪار کي هلائڻ وارن معاملن ۾ به آهي، پارٽي جا ڪيترائي سينئر اڳواڻ، چونڊيل نمائندا توڙي صوبائي وزير به ”آف دي رڪارڊ“ اهو برملا چون ٿا ته سنڌ حڪومت ۾ نظر ايندڙ چهرا بي اختيار آهن. توڻي جو وڏو وزير به بيوس آهي، پر جڏهن انهن کان ”آف دي رڪارڊ“ ئي پڇجي ٿو ته آخر اختيار ڪنهن وٽ آهن؟ ان تي اهي مسڪرائي لنوائي وڃن ٿا. مون جڏهن هڪ سينئر ايم پي اي کان بار بار اهو پڇيو ته آخر اختيار ڪنهن وٽ آهن، ان تي هن وراڻيو ته اختيار شريڪ چيئرمين ۽ سندس ڀيڻ ۽ ڀاءُ وٽ آهن ۽ اهي هن وقت اڇي ڪاري جا مالڪ آهن. جڏهن سينئر اڳواڻن مان ڪو همت ڪري ڪجهه ڳالهائي ٿو ته پوءِ ان کي مطمئن ڪرڻ بدران کيس ڀت سان لڳائڻ لاءِ سندس ئي تڪ ۾ ڪنهن شخصيت کي پيدا ڪري کيس ڪمزور ڪيو وڃي ٿو، اهڙا ڪيترائي مثال سامهون آهن. رڳو ڏسڻ لاءِ نظر هجڻ گهرجي.پارٽي اختلاف ان وقت به کلي نظر آيا جڏهن مير نادر خان مگسي ۽ حسنين مرزا کي صوبائي وزير جو حلف کڻڻ لاءِ دعوت ڏئي گورنر هائوس ۾ گهرائڻ کانپوءِ شريڪ چيئرمين جي ڀيڻ جي مداخلت ڪرڻ تي اهو چئي کين وزير بڻائڻ کان انڪار ڪيو ويو ته في الحال گنجائش نه آهي، جيڪڏهن اوهان صلاحڪار بڻجو ته نوٽيفڪيشن جاري ڪريون، جنهن تي هو ٻئي ناراض ٿي واپس هليا ويا، ان بعد تحريڪ انصاف سميت ٻين جماعتن انهن سان رابطا ڪيا پر هڪدم خاموشي ٿي وئي. جنهن لاءِ پارٽي جي ذريعن جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري ناراض اڳواڻن کي پيغام موڪلي في الحال خاموش رهڻ ۽ سندن خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. تازو جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جو چيئرمين مخدوم امين فهيم بلاول ڀٽو سان ڊگهين ملاقاتن بعد لنڊن ياترا ڪري واپس ڏيهه پهتو ته هن به کلي نموني پارٽي ۾ ٿيندڙ فيصلن تي تنقيد ڪندي مخدوم خاندان کي نظرانداز ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. مخدوم امين فهيم، شيري رحمان جي مقرري تي به اختلاف ڪندي چيو ته چيئرمين جي حيثيت ۾ مون سان مشورو نه ڪيو ويو. مخدوم صاحب طرفان پير پاڳاري سان گڏجي جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف سان ملاقات ڪرڻ واري معاملي پارٽي ۾ هلچل پيدا ڪري ڇڏي. پارٽي قيادت نوٽيس وٺندي اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه کي مخدوم صاحب کي راضي ڪرڻ لاءِ اماڻيو، پر مخدوم نه پرچيو ۽ هن پنهنجي سروري جماعت جو اجلاس گهرائي جماعت کي مستقبل جي سياسي حڪمت عملي لاءِ اعتماد ۾ ورتو آهي. ان گڏجاڻي کان اڳ مخدوم صاحب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آئون پارٽي نه پيو ڇڏيان، مون ڀٽي ۽ بينظير سان نڀايو آهي، بلاول کي ڪيئن ٿو ڇڏي سگهان، پر گڏوگڏ هن اهو به چيو ته پارٽي ۾ اصلاح جي ضرورت آهي، آئون پارٽي جو صدر آهيان ۽ مون کي ڪنهن کان به ڪجهه پڇڻ جي ضرورت نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته مون کي سروري جماعت به مضبوط ڪرڻي آهي. ڇو ته سروري جماعت کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. گڏجاڻي کانپوءِ اهي ڳالهيون ٻڌڻ ۾ آيون ته سروري جماعت جي اڳواڻن نظرانداز ڪرڻ تي پيپلز پارٽي قيادت ۽ سنڌ حڪومت تي سخت ڇوهه ڇنڊيا، جنهن بعد ايندڙ اليڪشن ۾ سروري جماعت جا نمائندا بيهارڻ لاءِ هر ضلعي ۾ اليڪشن سيل قائم ڪري جماعت جي ووٽرن جي رجسٽريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جيڪا منهنجي نظر ۾ پيپلز پارٽي لاءِ سٺي خبر نه آهي.مخدوم صاحب جي ناراضگي ۽ اها به لنڊن ياترا کانپوءِ، ان ڳالهين جي تصديق ڪري رهي آهي ته چيئرمين ۽ شريڪ چيئرمين ۾ اختلاف آهن ۽ اهي ختم ٿيڻ بدران وڌي رهيا آهن.******************(جاري)