بلاول جو جلسو- عوام جا ڪجهه نوان سوال ؛ عاجز جمالي

سنڌ جي دل ڪراچيءَ ۾ قائداعظم جي مزار سامهون هڪ تاريخي ميڙاڪو نظر آيو. پيپلزپارٽيءَ جي جلسي ۾ شريڪ ٿيندڙ جلسي ۾ هونئن ته پاڪستان ۾ رهندڙ سڀني قوميتن ۽ برادرين جا ماڻهو هوندا پر جلسي ۾ 80 کان 90 سيڪڙو سنڌي بلوچ شريڪ هئا. بلاول جي سياسي اننگز چونڪن ۽ ڇڪن تي ٻڌل هئي. تنقيد کان مٿانهون ڪير به ڪونهي. بلاول تي به تنقيد ٿي سگهي ٿي. بلاول جو پيءُ 1987ع کان وٺي اڄ تائين تنقيد جو شڪار آهي پر ميڊيا جي ماڻهن کي سنڌي ماڻهو تنقيد لاءِ هميشه سولو لڳندو آهي. هن ملڪ جي اصل ڌڻين تي جيتري تنقيد ٿيندي آهي، اوتري شايد ئي ڪنهن تي ٿيندي هوندي. ڪراچيءَ ۾ ٿيل پيپلزپارٽي جي جلسي ۾ جڏهن شريڪ ٿيل ماڻهن جو انگ لکن ۾ هو ته ان ۾ ضرور خاميون ۽ خرابيون به هونديون. جيڪي هر پارٽيءَ جي هر جلسي ۾ هونديون آهن. پر سياسي جلسن ۾ عوامي ميڙاڪن جو بنيادي مقصد سياسي حالتن تي پوندڙ انهن جو اثر يا سياسي سگهه ظاهر ڪرڻ هوندو آهي. ڪراچيءَ ۾ وڏا وڏا جلسا ۽ وڏيون وڏيون ريليون اڪثر ٿينديون آهن پر پيپلزپارٽيءَ کي ڇڏي باقي ڪنهن پارٽيءَ جي ڪردار تي ميڊيا ۾ تنقيد نظر نه ايندي. مثال اڃا گذريل مهيني ڪراچيءَ ۾ عمران خان جو جلسو ٿيو. مان پاڻ ان جلسي ۾ موجود هوس. جلسي ۾ گهڻو ڪجهه ٿيندو رهيو، ڪيترائي ڀيرا گند نظر آيو. ايتري قدر جو ٻين صوبن مان ايندڙ تحريڪ انصاف جون خواتين عهديدارن کي اسٽيج تي روئندي ڏٺو. پر ميڊيا ڪا به منفي ڳالهه نه ڏيکاري. ايتري قدر جو عمران خان خلاف هڪ ڏينهن اڳ ريلي ڪڍندڙ ايم ڪيو ايم جلسي جي صبح عمران خان کي ويلڪم ڪيو. ان تي سياسي تجزيه نگار هڪ لفظ نه ڳالهايو. عمران خان پنهنجي سڄي تقرير ۾ سنڌ جي ورهاڱي جي سوال تي هڪ اکر ڪو نه چيو بلڪه مخدوم شاهه محمود قريشيءَ به ان سوال تي ڪو نه ڳالهايو پر ڪنهن به ان تي ڪو تبصرو نه ڪيو.ڪراچيءَ ۾ روز وڏا وڏا ميڙاڪا ٿين ٿا، ڪڏهن به ميڊيا اها ڳالهه رپورٽ نه ڪندي آهي ته انهن جلسن ۾ ماڻهن کين گهرن مان ڪيئن ڪڍي گاڏين ۾ ويهاريو ويندو آهي. باقاعده هر گهر کي اڳواٽ ٻڌايو ويندو آهي ته کي جلسي ۾ ڪيترا ماڻهو ڏيڻا آهن. سڀ کان وڏي حيرت جي ڳالهه آهي ته ان پارٽيءَ جي جلسي ۾ ڪڏهن ميڊيا ڪئميرا عوام جي صفن ۾ داخل نه ٿي سگهندي آهي پر ميڊيا ڪڏهن به ان تي تنقيد ڪري ئي نه ٿي سگهي. ڪراچيءَ ۾ مذهبي جماعتن جا جلسا ڪيئن ٿيندا آهن، سرڪاري ملازم ۽ مدرسن جا طالب انهن جلسن ۾ ڪيئن شريڪ ٿيندا آهن. ڪڏهن به ميڊيا رپورٽ نه ڪندي آهي پر بلاول ڀٽو جي جلسي ۾ شريڪ ٿيندڙ سنڌي، بلوچ، ٻهراڙي جا غريب ماڻهو، هاري، مزدور، پورهيت ميڊيا جي زبان ۾ رڍون ٻڪريون (ڀيڙ بڪريان) آهن. ٿلهي ليکي پاڪستان جي ميڊيا آڏو ٻهراڙين مان ايندڙ سنڌي ۽ ڪراچي جي ٻهراڙين مان ايندڙ بلوچ حقير لڳندا آهن، جاهل لڳندا آهن انهن جي کائڻ، پيئڻ، بسن ۾ سوار ٿيڻ، مانيءَ جي مٿان ڪِري پوڻ، ميڊيا لاءِ تنقيد جا موضوع هوندا آهن. ڪنهن تقريب ۾ ميڊيا سان واڳيل ماڻهو پاڻ ڪيئن مانيءَ مٿان ڪري پوندا آهن، اهو ڪڏهن ڪنهن به ڪو نه سوچيو. بظاهر ته اُهي جاهل به ناهن، ٻهراڙين جا بکايل غريب به ناهن، رڍ ٻڪريون به ناهن. پر سنڌ جو غريب عوام ڪراچيءَ ۾ بلاول ڀٽو زرداريءَ جي جلسي ۾ شريڪ ٿيڻ اچي ٿو ته مٿس چٿرون ڪري رپورٽون ٺاهيون وڃن ٿيون. سڄو ڏينهن جلسي ۾ موجود هجڻ باوجود رات جون رپورٽون ڏٺيون ته مون کي ڏاڍي حيرت ٿي. حيرت ته مون کي پيپلزپارٽيءَ جي ”ميڊيا مئنيجرز“ تي به آهي جنهن انهن ئي چينلز کي ڪروڙين روپين جا اشتهار ڏنا ۽ لکين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود جڏهن لکين ماڻهن جي شرڪت ۽ انهن تائين جلسي جي اسٽيج جو منظرنامو ۽ آواز ٻڌائڻ لاءِ جيڪي به بندوبست ڪيا ويا هئا اُهي ٺيڪيدار پئسا ڳڙڪائي ويا پر انتظام صحيح نه ڪيا پر ان جي باوجود ايڏي وڏي جلسي ۽ عوام جي ايڏي وڏي شرڪت کي ”ناڪام چوڻ“ وارن لاءِ ايترو ئي ڪافي آ.

”شرم تم ڪو مگر نهين آئي.“

جلسي جو منظرنامو

مان جلسي منجهه پيزا کائيندڙ صحافين ۾ شامل ڪو نه هوس پر مان هميشه چوندو آهيان، اڄ اسين جيڪو ڪجهه رپورٽ ڪري رهيا آهيون اُهو پنجاهه سالن کانپوءِ تاريخ جو حصو بڻجي ويندو، ايندڙ دور جا نوجوان اسان جي رپورٽن کي ائين ڏسندا جيئن اڄ اسين حُر تحريڪ يا پاڪستان ٺهڻ جي تاريخ بابت رپورٽون ڳولي ڳولي پڙهندا آهيون. اڄ هوشو شيدي جو ڪو انٽرويو ملي وڃي يا ان زماني ۾ ڪا اخبار هوش محمد شيديءَ کي رپورٽ ڪري ها ته اسان کي ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون.“ جي نعري جي ڪيفيت جو اندازو ٿي سگهي ها. پر مون کي بلاول جي جلسي ۾ گهڻن سالن کانپوءِ پيپلزپارٽي جو روايتي سياسي ڪلچر ۽ ”دلان تير بجا“ جو انداز نظر آيو. اهو پيپلزپارٽيءَ جو ئي سياسي ڪلچر آهي ته ووٽر پنهنجي ايم پي اي ۽ ايم اين اي تي تنقيد به ڪري ٿو، دانهون به ڪري ٿو، گاريون به ڏئي ٿو پر ان جي ئي چوڻ تي ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين ڪهي اچي ٿو. هن جلسي ۾ نواب وساڻ ۽ اياز سومري سميت مون ڪيترائي چونڊيل نمائندا عوام جي وچ ۾ ڏٺا. ڪيتريون ئي ايم پي ايز ٻهراڙين مان آيل ماين جي وچ ۾ ويٺيون هيون، ڇو ته اُهي ايم پي ايز به ڪالهه ڪارڪن هيون. سينيٽر سعيد خان، سينيٽر عاجز ڌامراهه، سينيٽر ڪريم خواجه، سينيٽر هري رام هي سڀ ڪير آهن، جيڪي بلاول سان گڏ اسٽيج تي بيٺا هئا. ان ساڳي اسٽيج تي يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف ۽ پيپلزپارٽيءَ جا اُهي وزير به موجود هئا، جن تي مون سميت سنڌ جي لکين ماڻهن جي تنقيد آهي. ڇو ته بلاول جي جلسي جي ڪاميابيءَ کانپوءِ مان اهو چوندس ته مٿن تنقيد اڃا به وڌندي. سنڌي عوام بلاول سان ملهايو ته هاڻي ان سوال ۾ اڃا به شدت ايندي ته نثار کهڙا سنڌ جي تعليم کي بهتر بڻائڻ لاءِ تو ڇا ڪيو؟ منطور وساڻ، ڄام مهتاب، شرميلا فاروقي، مخدوم جميل الزمان، ممتاز جکراڻي، شرجيل ميمڻ سميت انهن سمورن وزيرن کان عوام جي سوالن ۾ وڌيڪ شدت ايندي. بلڪه هاڻي سنڌ جو عوام بلاول کان به اڳتي هلي سوال ڪندو ته شهيد جا فرزند تو پنهنجي پارٽيءَ کي سڌارڻ لاءِ ڇا ڪيو؟ تو پنهنجي وزيرن جو ڪيترو احتساب ڪيو، جن جا هٿ چار ئي پهر ڪرپشن ۾ رڱيل آهن. بلاول پنهنجي تقرير ۾ جنهن 2018ع جي عام چونڊن جو ذڪر ڪيو انهن چونڊن ۾ سنڌ جو عوام ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪندو. عمران خان ۽ نواز شريف تي تنقيد ڪرڻ اوهان جو حق آهي پر عوام ان تنقيد کي موٽ تڏهن ڏيندو جڏهن اوهان سنڌ جي عوام لاءِ ڪجهه ڪري ڏيکاريندؤ؟ عمران خان جو اٿيل طوفان سنڌ جي نئين نسل جي ذهنن ۾ ڪيترائي سوال اٿاري رهيو آهي، انهن سوالن جو جواب جلسن ۾ ملندو پر اسٽيج تي بيٺل پيپلزپارٽيءَ جي اڳواڻن جي ڪارڪردگيءَ مان ملندو. ڇو ته پيپلزپارٽيءَ جي هڪ دؤر ۾ هزارين استاد ڀرتي ڪيا وڃن ٿا ۽ ٻئي دؤر ۾ وزير چوي ٿو ڀرتيون غير قانوني ٿيون آهن، پگهارون نه ڏيناسين. آخر اهو ڏوهه ڪنهن جو آهي، جنهن پئسا ڀري نوڪري ورتي ان جو يا جنهن پئسا وٺي نوڪري ڏني؟ اهڙا ڪيترائي سوال آهن جيڪي بلاول ڀٽو جي جلسي ۾ موجود سڀني ماڻهن ۽ صحافين جي ذهنن ۾ هئا پر قائداعظم جي مزار وٽ ٿيل جلسو ملڪي سياست تي ڏور رس نتيجا ڇڏيندو. مثال اهو جلسو طالبانائيزيشن جي خلاف هو، اهو جلسو نسل پرستي ۽ لساني سياست جي خلاف هو. اهو جلسو ملڪ ۾ دهشتگردي جي خلاف هو. اهو جلسو سنڌ جي ورهاڱي جي سوال جي خلاف هو. اهو جلسو سگهارن ادارن جي تيار ڪيل ان سياست جي خلاف هو، جيڪو ترقي پسنديت ۽ سياسي شعور جي خلاف آهي. سنڌ جي ٻهراڙين مان آيل سنڌين ۽ ڪراچيءَ جي بلوچن، پٺاڻن، اردو ڳالهائيندڙن، پنجابين، سرائيڪين، ڪشميرين، گلگتين، اسماعيلن ۽ ٻين قوميتن جي ماڻهن گهٽ ۾ گهٽ اهو ثبوت ڏنو ته هو جنونيت انتهاپرستي ۽ پاڪستان کي تباهه ڪندڙ قوتن جي خلاف پيپلزپارٽي سان گڏ آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *