برما انسانن جي قتل گاھه؛مسرورسيال

دنيا ۾ ازل کان وٺي ظلم ۽ بربريت جو دور هلندو پيو اچي. ڌرتي کي بيگناھن جي رت سان  رنڱيو وڃي ٿو، ظالم پنهنجي شيطانيت واري هوڏ تي هلندو پيو اچي ۽ پنهنجي ظلم جا نت نوان طريقا استعمال ڪندو پيو اچي. ڪٿي رنگ، نسل جي صورت ۾ ته ڪٿي ننڍ وڏائي واري غرور هيٺ ته ڪٿي وري مذهبن جي جنونيت کي هٿيار بڻائي وٺي ٿو. دنيا ڏسندي پئي اچي  ته ڪهڙي نه نموني انسان ڪٺا پيا وڃن ۽ هر دور ۾ ڪربلا برپا ڪئي پئي وڃي ، مظلوم ڪهڙي طرح هردور۾ انسانيت جي دشمنن هٿان ظلم، ستم، ڏاڍ، ڏمر هيٺ هلندا پيا اچن، دنيا جو ڪهڙو خطو آهي جتي انسانيت کي نه لڄايو ويو هجي، ڌرتيءِ جو ڪوبه اهڙو ٽڪڙو خالي نه هوندو جتي انسانيت جي تذليل جا داستان نه ملندا هجن پر افسوس اهو آهي ته هردور ۾ ظلم خلاف به پسند نا پسند جي بنياد تي آواز بلند ٿيندا رهيا آهن، انساني حقن وارا ادارا ، گڏيل قومن وارو ادارو ، دنيا ۾ آمريت ۽ ظلم بربريت خلاف آواز بلند ڪرڻ جو ٺيڪو کنيل عالمي طاقتن جون اکيون هر وقت کليل ته رهن ٿيون، پر ڏسن اتي ٿيون جتي سندن مفاد سلهاڙيل هجن ٿا عراق، افغانستان ، پاڪستان ، لبيا ، شام سميت اهڙن ملڪن ۾ جتي سندن جائز ناجائز مفاد آهن، اتي مداخلت ڪري اتان جي آزادي کي کسي وٺن ٿا پر بحرين ، يمن ، فسلطين ، برما ۾ ٿيندڙ ظلم نظر نٿا اچڻ ڇو ته اهو ظلم ڪرڻ وارا سندن ويجھا دوست آهن ۽ سندن جائز ، ناجائز ها ۽ نه ۾ ساٿ ڏيڻ وارا آهن برما ۾ جيڪو ٻڌ مت  عقيدي سان تعلق رکندڙن جن  ٻڌ مت جي فڪر کي هاڃو رسائيندي انسانيت کان ڪريل حرڪتون ڪيون آهن اتي انهن انساني حقن جي تنظيمن جي خاموشي ، گڏيل قومن جي داري جي غير ذميواري ، عالمي   طاقتن پاران اک چورائڻ وارو انداز ، عالمي ميڊيا پاران مجرماڻي خاموشي ۽ خود مسلمان ملڪن پاران زبانن کي لڳايل تالن تي ڪيترائي سوال ذهن ۾ اڀرن ٿا … ته ڇا برما جو خطو هن دنيا جو حصو ناهي ، هتي بيدردي سان ڪسجندڙ ، ڦاهي چڙهندڙ ، زنده جلايا ويندڙ ، اجتماعي طور هڪ جاءِ تي گولين جو کاڄ بڻجندڙ برمي مسلمان ڇا هن دنيا جي مخلوق ناهن ……..؟ آخر هتي معصوم ٻارڙن جا ڪسجندڙ ڳلا ڪنهن کي نظر ڇو نٿا اچن ، عورتن سان ٿيندڙ زيادتيون ۽ سندن حساس عضويٰ ڪٽجندي ڪنهن کي نظر ڇو نٿا اچن ، هڪ مسلمان هجڻ جي جرم هيٺ جيڪو ڪجھه انهن سان ٿي رهيو آهي اهي اسان جا دانشور ليکڪ ، ڏاها ڇو تڙپي نٿا اٿن جيڪي خارجين جي ظلمن تي اٿي اسلام تي ته ڇتي تنقيد ڪن ٿا جيڪي اسلام جي حقيقي فڪر کي بيان ڪرڻ بدران پنهنجي دانشوري جو استعمال اسلام جي اڻائن کي ظاهر ڪرڻ ۾ ڪن ٿا ، برما جيڪو 7 ڪروڙ آبادي وارو ملڪ آهي جنهن جي اڪثريتي آبادي ٻڌ مت مذهب سان تعلق رکن ٿا جنهنجا 14 صوبا آهن 1996 ع ۾ هن جو سرڪاري نالو تبديل ڪري ميانماررکيو ويو ٿين سين هڪ فوجي جرنيل آهي جيڪو وڏي عرصي کان آمريت قائم ڪيل آهي ڪنهن زماني ۾ دنيا جي انهن ملڪن ۾ شمار ٿيندڙ جيڪو دنيا کي چانور مهيا ڪندو هو اهو اڄ فوجين جي لٽ مار ۽ بيڊ گورننس ڪري دنيا جي غريب ترين ملڪن ۾ سڃاتو وڃي  ٿو سندس اقتصادي حالت اِها آهي جو سندس جي ڊي پي جي شرح دنيا ۾ گھٽ مان گھٽ واري آهي هن ملڪ جو هڪ وڏو صوبو اراڪان آهي جنهن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي جيڪو اڳ مسلمانن جي الڳ آزاد رياست هئي 1784ع  برما جي هڪ راجه حملو ڪري ان تي ناجائز قبضو ڪري ورتو هو ۽ برما جو حصو ٻڻائي ڇڏيو هو 1886ع کان 1986ع تائين برٽش راڄ ۾ رهيو صوبو اراڪان بنگلاديش جي ساحلي پٽي جي شهر چاٽگام سان گڏ آهي 2010ع جي آخر ۾  فوجي آمر عالمي دٻاءُ کان پوءِ ملڪ ۾ چونڊون ڪرايون جنهن جي نتيجي ۾ مخالف ڌر جي عورت  اڳواڻ آنگ سانگ سوچي ڪامياب ٿي ۽ اقتدار ۾ آئي جنهن لاءِ چيو پئي ويو ته هن جو رويو مسلمانن لاءِ ڪافي نرم  آهي پر اڪثر مبصرن جو چوڻ آهي ته اِها سندس سياست آهي جيڪا صرف بيانن تائين محدود آهي پر انهن لاءِ عملي طور ڪوبه قدم نه کڻي سگھي آهي جڏهن ته برمي مسلمانن کي هڪ صوبي کان ٻئي صوبي وڃڻ توڙي هڪ شهر کان ٻئي شهر وڃڻ پنهنجي جان جوکم ۾ وجھڻ برابر هوندو آهي هن وقت ته ظلم جي انتها ٿيل آهي جيڪو برما ۾ ڪيو پيو وڃي دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ اقليت سان اهڙو ظلم نٿو ٿئي جھڙو هتي ڪيو وڃي ٿو ۽ هي ظلم اهي ڪري رهيا آهن جيڪي ٻڌ مت جي ڌرم جا قائل آهن ٻڌ مت جي عقيدي وارا پنهنجي وات ۽ نڪ کي به ڪپڙي سان بند رکن ٿا اهو ان ڪري ته ٻڌمت جو فڪر آهي ته متان سندن وات يا نڪ ۾ به ڪو جيت جڻيو وڃي  مري نه وڃي جنهن ڌرم ۾ جيت جڻئي جي زنگي جو ايترو خيال ٻڌايو ويو هجي اتي انسانيت جو بيدردي سان قتل ڪيو وڃي معصوم ٻارڙن جي ڳلن ۾ ڦاها وڌا وڃن سندن لاشن کي ٽنگيو وڃي سندن ڳلا ڪٽيا وڃن ، سندن جسمن تي ڏنڀ ڏنا وڃن ۽ خنجرن ، ڇرين سان جھير ڏنا وڃن مٿن فائر ڪري اجتماعي قتلِ عام ڪيو وڃي اتي ٻڌمت  ڌرم ضرور شرمندو ٿيندو هوندو پر شرم نٿو اچي ته انهن کي نٿو اچي جيڪي پاڻ کي ٻڌمت ڌرم جا سڏائي اهڙا انسانيت کان ڪريل عمل ڪن ٿا اسين سمجھون ٿا ته اهڙا انسانيت جا ويري ڪنهن به ڌرم جا پوئلڳ نٿا ٿي سگھن نه ئي ڪو ڌرم کين پنهنجو ڪندو پر جيڪي انسانيت کي سمجھن ٿا پوءِ اهي ڪهڙي به ڌرم سان تعلق رکن ٿا اهي برما جي بيگناھه ڪسجندڙ انسانن جي لاءِ آواز اٿارين ۽ سندن مدد ڪن اسان جا حڪمران جيڪي اگھور ننڊ ۾ ستل آهن جن کي پنهنجي ملڪ ۾ ٿيندڙ ظلمن تي سوچڻ ۽ ان کي روڪڻ لاءِ وقت ڪونهي اهي ڪنهن جي ڪهڙي مدد ڪري سگھندا پر جي کين جاڳ به ٿيندي آهي ته صرف پريس بيانن تائين محدود هجن ٿا ان ڪري اسان جي حڪمرانن سميت سمورن مسلمان ملڪن توڙي عالمي انساني حقن جي تنظيمن کي پنهنجا فرض نڀائڻ گھرجن گڏيل قومن جي اداري کي جاڳايو وڃي ، عالمي طاقتن کي پڻ برما ۾ ٿيندڙ ظلم تي اکيون کولڻ گھرجن  هتان جي مظلومن جي مدد ڪرڻ گھرجي برما جا مظلوم جيڪي دنيا جي مدد جا منتظر اهن جيڪي مظلومن جي مدد ڪرڻ وارن ڏانهن وانجھائي رهيا آهن ، ڏسجي ته برما جي مظلوم مسلمانن جي ڪا واهر ٿئي ٿي کين ظلم ۽ ستم جي چنبي مان  آزاد ڪرا يو وڃي ٿو يا نه يا ائين ئي کين ظلم کي برداشت ڪرڻ جو عادي بڻايو ويندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *