برصغير جي امن کي تباهه ڪندڙ مذهبي انتهاپسندي…!! : اشرف نوناري

برصغير جي تاريخ جو جائزو وٺبو ته گڏيل هندوستان جي ورهاڳي کان اڳ برصغير ۾ رهندڙ سمورن مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۾ محبت، امن ۽ ڀائيچاري جي ڊگهي تاريخ آهي. هر مذهب جو ماڻهون ٻئي مذهب جو احترام ڪندو هو، عيدون، ڪرسمس ڊي توڙي هولي وغيره گڏيل طور تي ملهايون وينديون هيون، جڏهن گڏيل هندوستان جو ٻه قومي نظريي تحت ورهاڳو ٿيو ته ائين پيو لڳي ڄڻ ملڪن جو نه پر مذهبن جو ورهاڳو ٿيو هجي 1947ع کان 1954ع تائين ٻنهي پاسن جي مذهبي ماڻهن جو تاريخي مالي ۽ جاني نقصان ٿيو، دنيا جي تاريخ ۾ مذهبي بينادن تي هڪ وڏي لڏپلاڻ ٿي ۽ لکين ماڻهون پنهنجي جنم ڀومين ۽ وطن کان جدا ٿيا، ورهاڳي کانپوءِ مذهبي بنيادن تي هڪ ٻئي جون مال ملڪيتون لٽيون ويون ۽ ڪيترن ئي عورتن کي جنسي تشديد جو نشانو بڻايو ويو. پنهنجي ڌرتي نه ڇڏيندڙن کي زبردستي وطن ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ آخرڪار ائين ٿيو ته مسلمانن ۽ هندن کي پنهنجو الڳ الڳ وطن مليو ٻه قومي نظريي جي بنياد تي ٺهندڙ ٻنهي ملڪن جي آئين ۽ قانون ۾ اقليتن ۽ غيرمذهب ماڻهن جي مذهبي آزادي ۽انهن جو تحفظ شامل آهي جڏهن ته ٻئي ملڪ دنيا ۾ سيڪيولر هئڻ جا دعويدار آهن، گڏيل هندوستان جي ورهاڳي کانپوءِ برصغير ۾ سڀ کان وڏو نقصان آدم جي اولاد جو ٿيو، اڄ ٻنهي ملڪن ۾ انسانيت جو وجود خطري ۾ آهي جڏهن ته مذهبي انتهاپسندي تيزي سان وڌنڌي پئي وڃي ۽ ٻئي ملڪي مذهبي انتهاپسند دهشتگردن هٿان مجبور آهن، هندوستان ۾ وڌنڌڙ مذهبي جنونيت پٺيان حڪومتي هٿ شامل آهن، جڏهن نريندر مودي گجرات جو وزيراعليٰ هو ان وقت گجرات ۾ مذهبي بنياد تي جيڪي فساد ڪرائي بيگناهه مسلمانن جو قتل عام ڪرايو ويو، سوين ماڻهن کي مذهبي بنياد تي زندهه ساڙيو ويو، ان فسادن هندوستان ۽ پاڪستان ۾ مذهبي انتهاپسندي واري باهه مٿان پيٽرول وارو ڪردار ادا ڪيو. ان کانپوءِ بابري مسجد کي شهيد ڪري مندر تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن عمل به نفرتن جي ديوار کي مضبوط ڪيو، ڀارت ۾ هن وقت جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو قابل مذمت ۽ ڳڻتي جوڳو عمل آهي، ڇو جو برصغير جو اصل مسئلو غربت، بک ۽ بيروزگاري آهي مگر انسان جي بنيادي مسئلن کي پٺ تي رکي هڪ سازش تحت مذهبي ڪٽر پڻي کي وڏو مسئلو بڻايو ويو آهي، ۽ اهائي وجه آهي جو پاڪستان ۽ ڀارت کي مذهبي انتهاپسندي جي چغل ۾ ڦاسائي نه صرف ٻنهي ملڪن کي ترقي کان بلڪي ٻنهي ملڪن جي عوام کي به بنيادي حقن کان محروم رکيو پيو وڃي،جنهن سبب دنيا اندر ٻنهي ملڪن جي سيڪيولرصورت شديد متاثر ٿيندي پئي وڃي، ڀارت ۾ جڏهن کان مودي سرڪار آئي آهي ته مذهبي انتهاپسندي واري واقعن ۾هڪ دفعو ٻيهر اضافو ٿيندو پيو وڃي، شيوسينا جي هندو انتهاپسند دهشتگردن هڪ هفتو اڳ پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي وزير خورشيد قصوري جي ڪتاب واري مهور تي تقريب جي ميزبان سندرا ڪلڪرني کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد ان جو منهن ڪارو ڪيو. ان کان علاوه شيوسينا جي غنڊن بي سي سي آءِ جي آفيس مٿان حملو ڪيو، ان کان علاوه ڪشميري مسلمان ڊرائيور کي ان ڪري ساڙيو ويو ته ان هڪ ڳئون ماتا ماري هئي، اهڙي طرح والاريل ڪشمير جي مسلمان اسيمبلي ميمبر مٿان به ڪارو رونگ هاري ان جو ڪارو منهن ڪيو ويو،بمبئي پوليس پنهنجي ئي ملڪ جي مسلمانن کي گرفتار ڪري تشدد ڪري ٿي جيڪو سڀ ڪجهه مذهب جي بنياد تي ڪيو پيو وڃي، هندوستان سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ به مذهبي بنياد تي ٿيندڙ واقعا ڳڻتي جوڳا آهن، صرف سنڌ جي ڳالهه ڪبي ته سنڌ ۾ گذريل ٽن سالن ۾ 22 کان وڌيڪ هندن جون مذهبي عبادت گاهون مذهبي بنياد تي ساڙيون ويون، جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي ڌرم شالا مندر، حيدرآباد جي ڪالي ماتا وارو مندر، عمر ڪوٽ جو شيو مندر ۽ حيدرآباد جي شيو ڀڳوان جي مندر سميت ڪراچي، گولاڙچي، ٽنڊو محمد خان، شيخ ڀرڪيو، ٽنڊوالهيار ، مٺي ، ڪنڌڪوٽ سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ هندن جي ڀڳوانن جون مورتيون ٽوڙي مندر ساڙيا ويا، سنڌ ۾ هندن جا اغوا به محمول بڻيل آهن جان ۽ مال جي خطري کان پوءِ صرف ٽن سالن ۾ 8 هزار هندو خاندان سنڌ ڇڏي هندوستان لڏي ويا آهن، ان کان علاوه مذهب جي نالي تي هندومعصوم ڇوڪرين کي اغوا بعد زبردستي مذهب مٽرائڻ وارا واقعه به عام جام آهن، جڏهن ته هندو نوجوان ڇوڪرين کي اغوا بعد اجتماعي جنسي ڏاڍائن کان پوءِ مارڻ واري واقعن ۾ به اضافو ٿيندو پيو وڃي، صرف ٻن مهينن ۾ عمر ڪوٽ جي حوا عرف حوي مينگهواڙ، ريشمان ڪولهي، ڪڪوڪولهي ليلان ڀيل سميت هڪ درجن کان وڌيڪ هندو ڇوڪرين کي جنسي ڏاڍائين کانپوءِ بيدردي سان ماريو ۽ ساڙيو ويو آهي، ان کان علاوه پنگريو جي ڀورو ڀيل جي دفن ٿيل لاشن کي قبر مان ڪڍي پنگريو جي گهٽين ۾ گهليو ويو ان کان وڌيڪ پاڪستان / سنڌ ۾ بدترين مذهبي انتهاپسندي جي ٻئي شڪل ڪهڙي ٿي سگهي ٿي . پنجاب اندر ته وقت جي گورنر سلمان تاثير کي سرعام گوليون هڻي ماريو ويو ۽ چيو ويو ته سلمان تاثير توهين رسالت ڪئي آهي اڄ مذهبي بنياد تي ان قاتل جي حقن ۾ هزارين ماڻهون احتجاج ڪري رهيا آهن سندس موقف آهي ته سلمان تاثير جو قاتل ممتاز قادري اسلام جي تعليم جي عين مطابق ڪم ڪيو آهي، پر اسلام هڪ انسان جي قتل کي پوري انسانيت جو قتل قرار ڏنو ويو..! جهڙي طرح هندوستان ۾ هندو انتهاپسندن مسلمانن مٿان حمله ڪرڻ شروع ڪيا آهن ته هندوستان جي سوين ساڃاهه وند، اديبن، دانشورن، قلم ڪارن، صحافين ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙن انسان پسند ماڻهن هندوستان حڪومت کي ايوارڊ واپس ڪندي هندوانتهاپسندي تي سخت احتجاج ڪيو آهي ۽ چيو ته هي منهن ڪارو مسلمانن جو نه پر هندوستان جو ٿي رهيو آهي، اهڙي طرح پاڪستان ۾ به ساڃاهه وندن کي مذهبي انتهاپسندي خلاف اٿڻو پوندو، برصغير جي ملڪن خاص سنڌ جيڪو دنيا ۾ امن ۽ انسانيت جو عملبردار رهيو آهي، جتان هميشه دنيا جي سلامتي کي دعا مليل آهي، جهڙوڪ،

سائيم سدائين ڪري مٿي سنڌ سڪار،

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين (شاهه)

هزارين ساله تاريخ رکندڙ سنڌ جتي سمورن مذهبن جو احترام ڪيو ويندو آهي اڄ اها سنڌ مذهبي انتهاپسندي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسندي پئي وڃي، جيڪڏهن سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي کي نه روڪيو ويو ته پوءِ دنيا اندر مذهبي نفرتن جو سيلاب ايندو ۽ خلق خدا بي موت مرندي رهندي، برصغير جي امن کي تباهه ڪندڙ مذهبي انتهاپسندي کي روڪڻ لاءِ عالمي دنيا کي نوٽيس وٺڻو پوندو، ننڍي کنڊ جي ڏيڊ ارب ماڻهن کي مذهبي انتهاپسندي جي بنياد تي فساد نه پر امن ۽ سک گهرجي چند انتهاپسند برصغير ۾ مذهبي بنيادن تي نفرتن جو زهر پکيڙي رهيا آهن جنهن جي رستا روڪ ڪرڻ گهرجي، نه ته سمورو برصغير ان مذهبي دهشتگردي جي لپيٽ ۾ اچي ويندو، برصغير جاملڪ پنهنجي آئين، قانون ۽ سيڪيولر ملڪن واري دعويٰ کي سچ ڪندي ملڪن ۾ موجود سمورن مذهبي قومن کي مذهبي آزادي ڏيئي انتهاپسندي جو خاتمو آڻين ۽ انسانيت جي عظمت کي بحال ڪن،

بقول حافظ نظاماڻي جي؛

ڪوآرحمان جي پاسي ڪو آ ڀڳوان جي پاسي،

اسانجو سجدو آ ان کي جيڪو آ انسان جي پاسي،

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *