بدعنوان سماج جا بدعنوان ماڻهو؛عاجز جمالي

بس ۾ هلندي هڪ همراهه کي گرمي لڳي وئي. همراهه بيهوش ٿي ويو، ساهه نه پيو آسائي سگهيو. جهٽ ڪري پاڻي جي بوتل هٿ ڪري همراهه مٿان پاڻي وڌو، اکيون کوليائين کيس چيم پاڻي ٻه ڍڪ پي، همراهه چيو روزو آهي، جلدي ڪري ايڌي ايمبولينس وارن کي فون ڪيوسين. ڳچ پنڌ تي ايمبولينس بيٺي هئي. همراهه کي ايمبولينس تي چاڙهڻ وقت رش ٿي وئي، سڀ مسافر هيٺ لٿا. ايمبولينس تي همراهه کي ليٽائڻ مهل غريب جو موبائل فون سيٽ ڪو ماڻهو کسڪائي ويو. بس ۾ واپس آياسين، هر ڪوئي چوڻ لڳو هي ڪهڙي مسلمانيت آهي. بس ۾ هڪ همراهه ٻڌائڻ لڳو ڪجهه ڏينهن اڳ سندس زال کي گرمي لڳي، هوءَ نجي آفيس ۾ ڪم ڪندي آهي، جلدي جلدي ڪري آفيس جي ٻين عورتن کيس ايمبولينس ۾ ويهاريو، مائي اسپتال پهتي ته سندس منڊي ۽ هڪ هٿ مان سون جي چوڙي غائب هئي. هي رمضان جي مهيني ۾ مسلمانن يا جمهوريه پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي.

هڪ ٻيو مثال ٻڌو پوءِ مان پنهنجي اصل موضوع تي اچان. مون کي گذريل مضمون جي تسلسل ۾ ڪرپشن تي لکڻو آهي پر سياستدانن، حڪمرانن، ڪامورن، جرنيلن ۽ صحافين تي لکندي هي پاڪستان جي عام ماڻهن جا به مثال ڏنم، ٽيون مثال پاڪستان جي واپارين جو ٻڌو. پهرين رمضان کان ئي ملڪ ۾ گرمي جي شديد لهر تيز ٿي. ڪراچي ۾ هڪ ته گرمي ٻيو وري بجلي غائب، بجلي ڏيندڙ ادارو ڪي اليڪٽرڪ جنهن کي هاڻي ڪراچي جا ماڻهو قاتل اليڪٽرڪ چون ٿا، اها خود ڪرپشن جو وڏو داستان آهي. ڪي اي ايس سي جي نجڪاري جنرل مشرف دور ۾ ٿي، هي سنڌ سرڪار جو ادارو هو. خير اسان جو موضوع ڪرپشن آهي، ڪي اليڪٽرڪ جي ڪرپشن ناهي. سو گرمي وڌڻ سبب ڪراچي جي مارڪيٽ ۾ ايئرڪنڊيشنڊ ۽ فرج، ريفريجريٽر جي گهرج ۾ واڌارو ٿي ويو، هر ماڻهو اي سي خريد ڪرڻ لڳو پر مسلمانن جي ملڪ جي مسلمان واپارين هي موقعو غنيمت سمجهيو، هر فرج ۽ ايئرڪنڊيشنڊ جي اگهه ۾ ڏهه کان پندرهن هزار روپين جو واڌارو ڪري ڇڏيو.

هڪ اندازي موجب گذريل ڏهن ڏهاڙن اندر صرف ڪراچي جي اليڪٽرانڪ مارڪيٽن جي واپارين ڪراچي جي عام شهرين کان ڏهه ارب روپيا وڌيڪ وصول ڪيا. سڄي دنيا ۾ هن قسم جي لٽ مار کي بليڪ مارڪيٽنگ چيو ويندو آهي. يورپ جي ملڪن ۾ بليڪ مارڪيٽنگ جي سزا ايتري ئي آهي جيتري اسان وٽ قتل تي آهي. خير اسان وٽ جڏهن قتل تي ئي ڪا سزا ناهي ته بليڪ مارڪيٽنگ تي ڪير سزا ڏيندو؟ ٻي صورت ۾ جيڪڏهن اسان پاڪستان بدران ڪنهن سڌريل ملڪ ۾ هجون ها ائين اهو سڀ ڪجهه ٿيندو هجي ها ته هن وقت تائين سرڪاري ڪامورن سان گڏ ڪي اليڪٽرڪ جا ڪامورا ۽ ڪراچي اليڪٽرانڪ مارڪيٽن جا واپاري به جيلن ۾ هجن ها.

اسان هڪ ڪرپٽ سماج ۾ رهون ٿا، جتي سڄو سماج ئي بدعنوان بڻجي وڃي ۽ سماج جا اڪثر ماڻهو بدعنوان بڻجي وڃن ته اتي احتساب ڪير ڪندو؟ سچ ته اهو آهي ته اسان جي سماج ۾ احتساب ڪندڙ ادارا ئي بدعنوان ادارا آهن، نيب هجي، اينٽي ڪرپشن هجي، حساس ادارا هجن يا پوليس ۽ ٻيون ايجنسيون، ڪرپشن جي خلاف احتساب جي نالي تي اڄڪلهه جيڪا وٺ پڪڙ آهي, جهڙوڪر عارضي هجي، ڪنهن کي ڪجهه ناهي ٿيڻو. اڄ جي اخبار ۾ آهي ته ڪرپٽ چيف انجنيئر خلاف انڪوائري ڪندڙ اينٽي ڪرپشن جو ڊپٽي ڊائريڪٽر سعيد رند خود ڪرپٽ نڪتو, رشوت وٺڻ جي عيوض کيس برطرف ڪري گرفتار ڪيو ويو. اهو سچ آهي ته اينٽي ڪرپشن يعني رشوت ٽوڙ کاتو حقيقت ۾ رشوت جو کاتو بڻجي چڪو آهي.

ڪراچي تعليم کاتي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر وهاب عباسي کي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ۾ گرفتار ڪرڻ کانپوءِ عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت ملزم کي جيل موڪلي ڇڏيو، پر اينٽي ڪرپشن کاتي ساز باز ڪري ’ڏنو پٽ ڇٽو‘ ڪري همراهه کي ڇڏي ڏنو. هو ٻيهر پوسٽنگ لاءِ تعليم جي وزير نثار کهڙي ۽ سيڪريٽري فضل الله پيچوهو جي آفيس جا چڪر هڻي رهيو آهي. ايس ڊي او سطح جو هي آفيسر ڪروڙ پتي ڪيئن ٿيو جو نيب ۽ اينٽي ڪرپشن کاتي کي پئسا ڏيئي جان ڇڏائي ويو؟ هاڻي جڏهن ايف آءِ اي، ڪي ايم سي ۽ تعليم کاتي ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ۾ چار پنج همراهن کي سوگهو ڪيو، جيڪي شهري پارٽي جا ذميوار آهن ته ايف آءِ اي وهاب عباسي کي به هٿيڪو ڪري، خود سنڌ هاءِ ڪورٽ به ملزم کي ضمانت کان جواب ڏنو هو ته آخر اينٽي ڪرپشن وارن ڪيئن ڇڏي ڏنو؟ ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن جي لاڳاپيل آفيسرن کان جاچ ڪري ته پتو پئجي ويندو؟

سڄي سنڌ جون ڪرپشن ڪهاڻيون کلي رهيون آهن، هر سطح تي ڪرپشن موجود آهي. هر کاتي ۾ ڪرپشن آهي پٽيوالي کان وٺي سيڪريٽري تائين وزير کان وٺي وزيراعليٰ هائوس تائين، گورنر هائوس کان وزيراعظم هائوس تائين، ايوان صدر کان وٺي جنرل هيڊڪوارٽر تائين ڪير به هن بيماري کان بچيل ناهي، ڪير به مقدس ناهي.

مثال گذريل ڏينهن انصار عباسي جنرل مشرف دور ۾ شهيدن جي نالي تي ڏنل زمينن بابت اسٽوري شايع ڪئي. زمينن جو سودو رڳو سنڌ ۾ ڪو نه ٿيندو آ، پنڊي، اسلام آباد ۽ لاهور ۾ به عام جام آهي. مشرف دور ۾ شهيدن جي نالي تي ورتل زمين نيلام ڪئي وئي ۽ پرويز مشرف جي ويجهن مائٽن ۾ ڪيئن ورهائي وئي؟ ان جي جاچ به ٿيڻ گهرجي.

هن ملڪ جو اهو هميشه الميو رهيو ته هتي احتساب هميشه سياست زده هوندو آهي. اڄڪلهه به سياست زده احتساب ٿي رهيو آهي، ڪجهه ڪامورا، وزير قربان ٿيندا، رڳو سنڌ ۾ احتساب جي ون وي ٽريفڪ هلندي، بس پوءِ وري اڄ جا حڪمران سڀاڻي جا مظلوم بڻجي ويندا. ڪرپشن سڄي ملڪ ۾ آهي، ان ڪري بدعنواني خلاف ملڪ گير احتساب جي ضرورت آهي. بلوچستان ۾ هزارين ايڪڙ زمين ورهائي وئي آهي، ان جو ڪو حساب ڪتاب ڪونهي، پنجاب ۾ ميٽرو بس پراجيڪٽ هجي، ڊائيوو جو ٺيڪو هجي، ييلو ڪيب اسڪيم هجي يا هاڻ وفاقي سرڪار جي بيروزگارن کي قرض ڏيڻ جي اسڪيم، انهن سڀني اسڪيمن ۾ به بدعنوانين جون ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن، ان جي به تحقيقات ٿيڻ گهرجي.

مطلب هڪ صوبي کي سنگل آئوٽ ڪيو ويو ته احتساب سياسي بڻجي ويندو، عارضي طور تي ته ڪا پارٽي دٻاءُ ۾ اچي ويندي پر ان جا مستقل نتيجا ٺيڪ نه هوندا.

سنڌ ۾ ڪرپشن جا پيرا کڻبا ته وڏن وڏن نالن تائين ويندا. سچ اهو آهي ته سنڌ کي ڪٿان ڪا واهه نظر نه پئي اچي. سڄو سماج بدعنوان ماڻهن جي وڪڙ ۾ آهي. ڪو هڪ ادارو يا ڪي چند ماڻهو ڪرپٽ ناهن، بلڪه هر ادارو، هر قسم جو ادارو ۽ انهن ۾ ڪم ڪندڙ هر ماڻهو ڪرپٽ آهي. اسين ان بدعنوان سماج جا رهواسي آهيون، جنهن ۾ ڪنهن تي به اعتبار نه ٿو ڪري سگهجي، هر ڪوئي سنڌ جي نالي تي دڪان کولي اسان کي لٽي رهيو آهي. اسين سڀ لٽ مار جو شڪار آهيون، لٽ مار جو شڪار سماج، جنهن ۾ هر ماڻهو لٽ مار لاءِ تيار آهي. هن قسم جي سماجن ۾ احتساب جا ڊراما عارضي هوندا آهن، هن قسم جي معاشرن ۾ وڏي سماجي تبديلي جي ضرورت هوندي آهي. وڏي خونريزي جي ضرورت هوندي آهي، هي بيمار سماج آهي، جنهن ۾ وڏي سرجري جي ضرورت هوندي آهي، ڇو ته هن جو ڦٽ ناسور بڻجي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *