بجلي جو بحران ختم ٿي سگهندو…؟؟: غلام مصطفيٰ جمالي 

هن وقت خان صاحب عمران خان جي حڪومت آئي آهي ته مان سمجهان ٿو ته  عوام کي پڪ ٿي وئي هوندي ته2019۾ بجلي جو بحران ختم ٿي ويندو.جڏهن ته خان صاحب به اهڙو بيان ڏئي چڪو آهي ۽ اهڙي بيان کانپوءِ قوم کي 2019جي انتظار ۽ بجلي جي بحران ختم ٿيڻ جو آسرو ٿي پيو آهي.پر هي پاڪستان قوم به آسرن جي پجلڻ واري قوم آهي ۽ قوم جي اها بدنصيبي آهي ته اها قوم هميشه آسرن تي پلي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب حڪومت لوڊشيڊنگ ختم نه ٿيڻ جو اعتراف ڪندي 2019ع تائين لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ واري پنهنجي اعلان ته ڪيو آهي پر ڇا اهو حيقيت ۾ تبديل ٿيندو ڇو ته گذريل حڪومت ۾ جيڪا منصوبا هلي رهيا هئا انهن منصومن تي هن وقت تائين  صرف اڌ ڪم ٿي سگھيو آهي، ان ڪري بجلي جي لوڊشيڊنگ 2019ع تائين ختم ٿيڻ ممڪن ناهي. ڇو ته پاڪستان ۾ ٽوٽل 43 بجلي جا  منصوبا هلي رهيا آهن جن مان  14 منصوبا بند پيا آهن. رڳو 3 منصوبن جي پيداوار 90 سيڪڙو تائين آهي ۽ 2019 تائين بجلي جي ڪُل پيداوار 18 هزار 34 ميگاواٽ تائين پهچي سگھندي جڏهن ته ان دوران بجلي جي گھرج 25 هزار 790 ميگاواٽ تائين ٿي ويندي.هيمشه وانگر هن وقت پوري ملڪ ۾ بلجي جو وڏو بحران آهي،جنهن سبب پوري ملڪ جي معيشت کي وڏو نقصام پهچي رهيو آهي،

وڏين ملن ڪارخانن کا ويندي عام دڪاندار به بجلي بحران جي ڪري پنهنجو ڪاروبار پوري طرح سان نه پيا ڪري سگهن.حڪومت جو ئي منشور ئي اهو رهيو آهي ته منصوبا هلندا رهن ۽ عملي ڪم نه ٿي ڇو ته هيمشه وفاق ئي انهي ڏس ۾ اهڙو ڪو قدم ناهي کنيو جنهن سان ملڪ مان بجلي جو بحران ختم ٿي سگهي.هميشه ڏٺو ويو آهي ته جڏهن به ملڪ جي معيشت ۽ ڪاروباري سرگرميون تباهي جي ڪناري جي پهتيون آهن ته انهن جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ توانائي جو بحران ئي رهيو آهي ۽ اهو ته سورهن آنا سچ آهي ته پاڪستان ۾ هن وقت جيڪووڏي ۾ وڏو اهم مسئلو آهي اهو توانائي جي بحران جو آهي.جڏهن ته ملڪ جي اقتدار جي ڪرسين تي ويٺل ليڊرن وڏي هام هڻي اهو چيو ته آهي ته جيڪڏهن اسانکي اقتدار مليو ته اسان جو پهريون ۽ اهم ڪم اهو هوندو ۽ ملڪ مان توانائي جو بحران ختم ڪيو ويندو.! پر افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته پاڪستاني ليڊر عوام سان صرف ۽ صرف وعداه ڪري ڄاڻن ٿا.

جڏهن واعدن جي وفا جي وقت سندس روايا روايت وانگر بدلجڻ ۾ دير ناهن ڪندا. دنيا جي ڪيترائي ملڪ ڏسو جيڪي پاڪستان جي آزاد ٿيڻ کان پوءِ وجود ۾ آيا ۽ انهن وٽ وسائل به تمام گهٽ آهن.پراڄ انهن ملڪن ۾ بجلي جي لوڊشينگ ته پري جي ڳالهه آهي ان ملڪن اندر بجلي جي لوڊشينٽنگ جو تصور به ناهي.محسوس ائين ٿو ٿئي ته ڄڻ اسان پٿرن جي دور اندر پنهنجي زندگي نه گذاري رهيا آهيون.اسان کي ڇڏي ڪري رڳو اسانجي پاڙيسري ملڪن تي هڪ نظر وجهون ته انهن ملڪن ۾ اهڙو بجلي جو بحران ناهي جهڙو اسانجي ملڪ ۾ آهي سموري ڏينهن اندر صرف چار ڪلاڪ بجلي آڻي عوام کي بيوقوف بنائڻ خوب ڄاڻن ٿا،اسان جي ملڪ جي عوام لوڊشِينگ جو هڪ اهڙو عذاب ڀوڳي رهي آهي .جيڪو عذاب هن دور جي حڪومت جو هٿرادو پيدا ڪيل آهي.بجلي جي لوڊشينگ جو هڪ اهڙو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي .جيڪو ختم ٿيڻ جو نالو ئي ڪون ٿو وٺي.افسوس جو مقام آهي بجلي جي لوڊشينگ انساني زندگي کي مفلوج بڻائڻ ۾ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏي.۽ اهوئي سبب آهي ته حڪومت بجلي جي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ سنجيدا نه هنيون.مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن ڪجهه سال اڳ اسين پيداواري صلاحيت ۽ انهي بجلي جي بحران طرف ڌيان ڏيون هان ته ملڪ مان بجلي جي بحران ئي ڪافي حد تائين ڪنٽرول ٿي سگهيو ٿي.جيڪو ممڪن به هو ۽ هاڻ به ممڪن آهي.محترم شهيد بينظير بجلي بحران لاءِ منصوبا جوڙيا پر آيل ٻئي حڪومت انهن منصوبن کي رد ڪري ڇڏيو.اهڙي طرح هر حڪومت ٻئي حڪومت جي منصوبن کي رد ڪندي رهي،

اهو انهي بنياد ئي ته انهي منصوبن جو ڪرِڊيٽ ٻين حڪومت ڏانهن وڃي ٿو.انهي ڪري هر حڪومت اڳين حڪومت جي منصوبن کي رد ڪندي رهي.پر اها به حيقيت آهي ته اهو ملڪ ۽ عوام سان دشمني جي ٻڌل هڪ خيال آهي.جنهن ڪري ملڪ انهي بحران مان نڪرڻ بجاءِ هر روز انهي دندل ۾ ڦاسندو پيو وڃي.جيڪڏهن ملڪ جي مفاد لاءِ حڪمران ڏسن هان ته هي ڏينهن ڏسڻا نه پون هان.پرويز مشرف جي دور حڪومت اندر پورا اٺ سال بجلي جو استعمال ڪيو ويو پر انهي جي پيداوار لاءِ ڪي به اپاءٌ نه ورتا ويا،جنهن جي نتيجي ۾ پ پ حڪومت کي ٻاهران بجلي گهرائڻي پئي،پراڄ وفاق حڪومت به انهي طرف ڪو به ڌيان نه ڏئي رهي آهي.اسان وٺ پاڻي ڪوئلي سميت ڪيرائي وسيلا آهن جن مان بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي پاڪستان پنهنجي جاگرافيائي حيثيت سبب انهن جي محور جو مرڪز بڻيو پيو آهي. ٻئي پاسي تيل جي ملٽي نيشنل ڪمپنين جي هڪ هٽي هر گز نه ٿي چاهي ته تيل ۽ گيس جي متبادل توانائي جي ذريعن کي ڪتب آندو وڃي. پاڪستان جا نااهل حڪمران ۽ خصي سرمائيدار ان لائق ئي نه رهيا آهن جو سامراجي جڪڙبندين ۾ رهندي توانائي جي ذخيرن کي استعمال ۾ آڻي سگهن سوشلسٽ انقلاب ذريعي سامراجين کان نجات حاصل ڪري سگهجي ٿي ۽ قرض ضبط ڪرڻ سان ۽ پيداواري ذريعن کي قومي تحويل ۾ وٺڻ سان پيداوار ۾ بي پناهه اضافو ٿيندو ڇو ته سوشلسٽ نظام ۾ پيداوار منافعي ڪمائڻ بجاءِ عوام جي ضرورتن جو پورائو ڪرڻ هوندي ۽ پاڪستان ۾ صرف پاڻي سان 40,000MW بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي.

ان کان علاوه پاڪستان ۾ 185.175 ارب ٽن ڪوئلي جو ذخيرو موجود آهي جنهن جي ماليت سعودي عرب ۽ ايران جي گڏيل تيل جي ماليت جي برابر آهي. جنهن سان پڻ وڏي پيماني تي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي ۽ نامياتي پٿر (Organic Shales) جا ذخيرا پڻ وڏي مقدار ۾ موجود آهن جن مان 51 کرب ڪيوبڪ فِيٽ شيل گيس (Shale Gas) حاصل ڪري نيچرل گيس ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿي، جيڪا سستي ۽ ماحول دوست پڻ آهي جنهن کي پڻ بجلي جي پيداوار لاءِ استعمال ڪري سگهبو. ان کان علاوه پاڪستان جي ريگستاني علائقن ۾ سولر انرجي جا پلانٽ لڳائي سگهجن ٿا، پاڪستان ۾ سامونڊي پٽي تي پن بجلي ذريعي پڻ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي ۽ نيو ڪليئر ٽيڪنالاجي وسيلي پڻ بي پناهه بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. جنهن سان نه صرف لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿيندو پر ضرورت کان وڌيڪ بجلي پيدا ٿيندي جيڪا ايڪسپورٽ ڪري سگهبي. ان لاءِ هن ملڪ جي نوجوانن، پورهيتن، هارين ۽ انقلابين تي اها ذميداري عائد ٿئي ٿي ته هن منافعي جي نظام کي انساني ضرورتن جو پورائو ڪندڙ نظام يعني سوشلسٽ نظام ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ انقلابي جذبن سان طبقاتي جدوجهد کي تيز ڪندي هن ملڪ ۾ سوشلسٽ انقلاب برپا ڪجي جيڪو نه صرف هن ملڪ جي حدن تائين محدود رهندو پر ڏکڻ ايشيا جي رضاڪارانه سوشلسٽ فيڊريشن جي قيام ۽ عالمي سوشلسٽ انقلاب جو باعث بڻبو ۽ عوام سک جو ساهه کڻي باقي ٺلهن منصوبن جوڙڻ مان ڪجهه ڪون ورندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *