باچا خان يونيورسٽي ۾ وهايل رت جو حساب ڪير ڏيندو؟…: مظهر خاصخيلي:

ملڪ اندر وڌندڙ دهشتگردي خلاف جيئن ئي مسلم ليگ ن جي حڪومت وجود ۾ آئي آهي ان جي اچڻ سان ئي وفاقي حڪومت ۽ عسڪري قيادت گڏيل طور اهو اعلان ڪيو هو ته ملڪ اندر وڌندڙ دهشتگردي خلاف سڄي ملڪ ۾ نيشنل ايڪشن پلان تحت ضرب عضب جهڙا آپريشن ڪيا ويندا پر ڏک ۽ افسوس جهڙي ڳالهه اها آهي ته جهڙي نموني سان اهي ڳالهيون ميڊيا تي اچي بانور ڪرايون ويون جيڪي گهڻي ڀاڱي پاڪستان جي گهرو وزير چوڌري نثار جي واتان فخر واري انداز سان ٻڌڻ لاءِ ملنديون هيون ته هن ملڪ مان دهشتگردن جو مڪمل خاتمو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي سڄي ملڪ اندر ڪٿي به دهشتگرد ڪارروايون ڪرڻ جي سگهه نه ٿا رکن. اها ڳالهه صرف ڳالهه ئي رهجي وئي ڇو ته خيبرپختون خواهه صوبي ۾ هڪ ٻئي پويان ٿيل زوردار ٻه ڌماڪا موجوده حڪمران ڌرين جي اکين مٿان چڙهيل پٽي کولڻ لاءِ ڇا ڪافي ناهن ڇو ته جنهن انداز سان 19 جنوري تي پشاور ويجهو خيبر ايجنسي جي سرحد علائقي ۾ خاصدار فورس جي چيڪ پوسٽ ويجهو آپگهاتي ڌماڪي ۾ 11 کان وڌيڪ جانيون هلاڪ ٿي ويون جڏهن ته 39 ڄڻا زخمي ٿي پيا جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت انتهائي سنگين ٻڌائي وڃي ٿي اڃا انهن فوت ٿي ويلن جي لاشن کي انهن جي پيارن مٽيءَ ماءَ حوالي نه ڪيو آهي ته ٻيهر 20 جنوري جي صبح تي پشاور شهر اندر ملڪ جي مشهور يونيورسٽي باچا خان اندر دهشتگردن داخل ٿي جيڪا ڪارروائي ڪئي آهي جنهن سبب 30 کان مٿي انساني جانيون موت جو شڪار ٿي ويون آهن جنهن ۾ پڙهندڙ شاگرد ۽ تعليم ڏيندڙ پروفيسر استاد ۽ يونيورسٽي جو انتظامي عملو شامل آهي جڏهن ته ڪيتري تعداد ۾ زخمي ٿيا آهن جن کي پشاور شهر جي سرڪاري اسپتالن ۽ خانگي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

هڪ طرف اسان جي موجوده وفاقي حڪومت امن امان جي حوالي سان انتهائي بهترين پريس ڪانفرنسون ڪري دعوائون ڪري ٿي ته ٻئي طرف وري خيبر پختون خواهه صوبي اندر هڪٻئي پويان ٿيل آپگهاتي ڌماڪن ۽ حملن کان پوءِ ڇا اسان جي موجوده گهرو وزير سميت وفاقي حڪومت جي پت وائکي نه ٿي وئي آهي جو هڪ ٻئي پويان لاڳيتو خيبر پختون خواهه ۾ ٿيل واقعن کان پوءِ اڃا به جيڪڏهن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پنهنجن اکين تي چڙهيل پٽيون نه کوليون ته نه ڄاڻ اڃائي الائي ڪيترا معصوم ۽ بيقصور شهري مذهب جي نالي تي دهشتگردي ڪندڙ انهن قاتلن جي دهشت جي علامت بڻجندا رهندا. ڇا هيءَ سوچڻ ۽ سمجهڻ جهڙي ڳالهه ناهي ته جنهن ملڪ جو وزيراعظم ۽ آرمي چيف ٻئي سعودي عرب ۽ ايران ۾ ٿيل ڇڪتاڻ کان پوءِ انهن ۾ صلح ڪرائڻ لاءِ انهن ملڪن ڏانهن دورن تي ويل هجن ۽ انهن جي پنهنجي ملڪ اندر دهشتگردي جا خطرناڪ واقعا ڪري انهن ڏانهن آخر اهي ڌريون ڪهڙو پيغام موڪلڻ چاهين ٿيون ڇا موجوده حالتن ۾ جيڪي هٿ سان طالبانن جي نالي ۾ دهشتگرد پيدا ڪرايا ويا آهن انهن کي اسان جا رياستي ادارا ڇا هن وقت تائين روڪڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن يا ٻئي طرف اهي ئي ساڳيا طالبان جن جي لاءِ آمريڪا جي صدر بارڪ اوباما جو چوڻ آهي ته روس کي ٽوڙڻ لاءِ آمريڪا ۽ پاڪستان گڏجي طالبانن کي پيدا ڪيو ان جي ڳالهه موجب ۽ اڳوڻي پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي چوڻ موجب ته پاڪستان جنهن طالبانن کي آمريڪا جي چوڻ تي پيدا ڪرايو آهي اهي اڳتي هلي پاڪستان جي اهڙو ڳچي ۾ پوندا جو انهن مان جان ڇڏائڻ مشڪل بڻجي ويندو انهيءَ شهيد بينظير جي ڪيل ڳالهه جي تصديق آمريڪا جي موجوده صدر بارڪ اوباما ڪري ڇڏي آهي ۽ لڳي ائين ٿو ته هن وقت ملڪ اندر طالبان ڌريون دهشتگردي جون ڪارروايون ڪري رهيون آهن

اهي ٻن حصن ۾ هن وقت ورهايل آهن جن ۾ هڪ ڌر پٺاڻ طالبانن جي آهي ته ٻي وري پنجابي طالبانن جي آهي انهن ٻنهي طالبانن مٿان شفقت جو هٿ وري به آمريڪا ۽ پاڪستان جو رکيل آهي. پوءِ آخر هن ملڪ اندر ٿيندڙ رتوڇاڻ ۽ پنهنجي شهرين جي بيگناهه وهندڙ رت کي اهي سگهاريون ڌريون آخر ڇو نه روڪرائي سگهيون آهن هي به هڪ اهڙو سوال آهي جنهن جو جواب ڳولڻ لاءِ اسان سمورن کي پيرا کڻڻ گهرجن ۽ خاص ڪري ان ڳالهه تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي ته ڪجهه وقت پهريان جڏهن هندوستان جي پٺاڻ ڪوٽ وٽ جيڪو ڌماڪو ٿيو هو ان ڌماڪي جا پيرا هندوستان جي ايجنسين ۽ حڪمرانن پاڪستان ڏانهن کڻي حملو ڪندڙ ملا مسعود اظهر مٿان نه رڳي الزام هنيو پر پاڪستاني حڪمران جماعت مسلم ليگ ن کي ان ڳالهه تي مجبور ڪيو ته نه چاهيندي به هنن جيش محمد جي اڳواڻ جيڪا تنظيم سپاهه صحابه تي پابندي مڙهڻ کان پوءِ نئين نالي سان جوڙي ان جي اڳواڻي مسعود اظهر کان ڪرائي وئي جنهن جي باري ۾ اهو به چيو وڃي ٿو ته پنجاب جو موجوده قانون وارو وزير راڻا ثناءُ الله پڻ اڻ اعلانيل انهيءَ تنظيم سان واسطو رکندڙ آهي ۽ 20 کان 30 جي لڳ ڀڳ مسلم ليگ ن جا ايم اين اي ۽ 50 جي لڳ ڀڳ ايم پي ايز پڻ اهڙا آهن جن جا نالا به انهيءَ جيش محمد جو اڳواڻ ميان مسعود اظهر جا ڏنل آهن ته پوءِ ان جي طاقت جو اوهان پڙهندڙ پاڻ اندازو لڳائي سگهو ٿا ڇو ته جڏهن هاڻي ڪجهه ڏينهن پهريان نيشنل ايڪشن پلان تحت ملڪ جي موجوده  وزيراعظم ميان نوازشريف سميت سندس وفاقي ڪابينا پنجاب اندر موجود دهشتگردن ۽ غير رجسٽرڊ ٿيل هزارن جي تعداد ۾ جڙيل مدرسن خلاف جيڪو اعلان ڪيو هو ان جي باري ۾ به ڪجهه سوچڻ گهرجي ته ڇا ان ڪيل اعلان کي هن وقت تائين ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آهن ته پوءِ ان ساڳي دهشتگرد قرار ڏنل تنظيم جيش محمد خلاف ڇو نه پنجاب اندر ڪارروائي ڪئي وئي آهي اهو به هڪ اهڙو سوال آهي جنهن جو جواب به موجوده مسلم ليگ ن جي قيادت کي ڏيڻ گهرجي ڇو ته هن وقت جنهن انداز سان پشاور ۾ هڪ ٻئي پويان ڌماڪا ڪارايا ويا آهن ۽ ٻيهر رت جي راند رچائي وئي آهي ان جي پيرن جا نشان به ٿي سگهي ٿو انهي ساڳي تنظيم ڏانهن وڃن ٿا ان جي جاچ ته موجوده وفاقي حڪومت کي ڪرائڻ گهرجي جيڪا خاص ڪري رڳي اعلانن ڪرڻ ۾ پوري آهي ۽ ملڪ اندر خاص ڪري دهشتگردي جون ڪارروايون ڪندڙ انهن طالبانن خلاف ڪو به جوڳو قدم نه ٿو کنيو وڃي

هاڻي ته اهو خوف به وڪوڙي ويو آهي ته پيار امن ڀائيچاري واري ڌرتي سنڌ جنهن ۾ مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگرد ڪارروايون ٻڌڻ لاءِ به نه ملنديون هيون اتي پڻ ڪجهه وقت دوران شڪارپور، جيڪب آباد سميت ڪراچيءَ ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ پڻ اهڙا ڌماڪا ڪرايا ويا جنهن سان نه ڄاڻ ڪيترا ماڻهو بي قصور شهيد ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي به شڪ پوي ٿو ته ٻيهر وري ڪٿي اهڙيون ڪارروايون سنڌ ۾ به نه ڪرايون وڃن ان لاءِ اسان جي سنڌ حڪومت کي به پنهنجون اکيون پٽڻ گهرجن ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ هزارن جي تعداد ۾ ٿيل غير رجسٽرڊ مدرسن خلاف سخت ڪارروايون ڪري انهن خلاف قدم کڻڻ گهرجي ۽ سنڌ جي خاص ڪري لاڙ واري پٽي ٺٽو بدين اندر ٺهندڙ انهن سوين مدرسن کي بند ڪرائڻ گهرجي جن کي صرف ٺاهيو ان لاءِ وڃي ٿو ته جيئن ايندڙ وقت ۾ سنڌ ڌرتي جي امن ڀائيچاري کي ختم ڪرائي سگهجي موجوده سنڌ حڪومت جيڪڏهن چاهي ٿي ته هو پنهنجي ان شهيد قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي نقش قدم تي هلي ٿي ته پوءِ اسان جي موجوده حڪومت کي سڀ کان گهڻيون ڪارروايون اهڙن مدرسن خلاف ڪرڻ گهرجن جيڪي ظاهر ۾ ڏسڻ لاءِ نه ٿيون ملن ڇو ته اڄ به سڄي سنڌ ۾ هزارن جي تعداد ۾ اهڙا غير رجسٽرڊ مدرسا قائم آهن جتي نه ڄاڻ الائي ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو اچي مذهبي تعليم جي نالي تي دهشتگردي جي تربيت ڏئي رهيا آهن. ڏک ۽ تڪليف جي اها ڳالهه به آهي ته گهڻي ڀاڱي ان ساڳي تنظيم سان واڳيل ماڻهو سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ موجوده آرمي چيف راحيل شريف جا بينر هڻائي ان جي هيٺان پنهنجيون تصويرون لڳائين ٿا پر انهن کي هن وقت تائين ڪجهه نه ٿو ڪيو وڃي ۽ نه ئي انهن کي اهڙو عمل ورجائڻ کان روڪيو وڃي ٿو ڇا هي ڳالهه سنڌ جو لکيل پڙهيل ۽ باشعور ماڻهو نه ٿو سمجهي جيڪي پنهنجي اکين سان اهي تصويرون ڏسن ٿا ۽ اهي ئي ساڳا ماڻهو انهيءَ تنظيم سان واڳيل جن مٿان بار بار دهشتگردي جا الزام مڙهيا وڃن ٿا پوءِ انهن خلاف آخر ڪارروايون ڪير ڪندو ان جي ڪري اسان جي سنڌ حڪومت کي پنهنجون اکيون پٽڻ گهرجن ائين نه ٿئي ته سنڌ جي امن پيار واري ڌرتيءَ تي ٻيهر وري رت وهائڻ جي جيڪا سازش ڪئي وڃي ٿي ان کي اهي دهشتگرد پنهنجون ڪارروايون ڪري رت ۾ ريٽو نه ڪري ڇڏين. ڇو ته جهڙي ريت خيبرپختون خواهه جي موجوده صوبائي حڪومت جيڪا پي ٽي آءِ جي جڙيل آهي ان جو سربراهه ميان عمران خان جنهن انداز سان اڳ چئي رهيو هو ته خيبر پختون خواهه مان دهشتگردي ختم ڪرائي آهي هاڻي ان کي به پنهنجون اکيون کولڻ گهرجن ۽ هڪٻئي پٺيان ٿيل ڌماڪن ۾ جيڪي ماڻهو شهيد ٿيا آهن انهن جي قاتلن کي وائکو ڪرڻ گهرجي ۽ خاص ڪري اصل قاتلن جا پيرا کڻڻ گهرجن ڇو ته جيڪي خودڪش حملو ڪري پاڻ کي اڏائي ڇڏيندا آهن انهن جي پويان اصل ٻيا هٿ لڪيل هوندا آهن ۽ خاص ڪري جيڪي اهڙا منصوبا جوڙيندا آهن انهن دهشتگردن جي نيٽ ورڪ تائين اسان جي ملڪ جي ڳجهن ادارن کي گهڻي ڀاڱي اڳواٽ ئي ڄاڻ هوندي آهي ته پوءِ آخر هي روز روز خودڪش حملا ڪري مسڪين شهرين جو پاڻي وانگر رت وهائيندڙ چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دهشتگرد گرفتار ڇو نه ٿي رهيا آهن ۽ موجوده وفاقي حڪومت جو گهرو وزير چوڌري نثار ڪالهه 19 جنوري کان وٺي 20 جنوري تائين ميڊيا آڏو نه آيو آهي ۽ نه ئي سندس ڪو بيان جاري ٿيو آهي ڏک ته اهو به آهي ته قومي اسيمبلي جهڙي مقدس ايوان ۾ چوڌري نثار تقرير ڪندي چيو هو ته اسلام آباد جي لال مسجد واري مولانا عبدالعزيز مٿان ڪا به ايف آءِ آر داخل ٿيل ناهي ان کي ڇا جي لاءِ گرفتار ڪيو وڃي پوءِ انهيءَ قومي اسيمبلي اندر ايم ڪيو ايم جو ايم اين اي انهيءَ مولانا عزيز مٿان داخل ٻه ايف آءِ آرون ڪٿان کڻي آيو.

هن ڳالهه لکڻ جو مقصد اصل هي آهي ته جنهن ملڪ جو گهرو وزير اهڙي غلط ڳالهه ڪري ان ملڪ اندر آخر دهشتگردن جي پاڙ ڪير پٽيندو ڇا جتي وفاقي حڪومت جا وزير دهشتگردي ۾ ملوث ماڻهن جي مدد ڪندا هجن اتي انهن دهشتگردن کي ڪا سزا ملي سگهي ٿي. اسان کي اسلام جهڙو بهترين مذهب مليو آهي جنهن ۾ انسانيت جو درس مليل آهي هتي ته مسلمان مسلمان جو پاڻيءَ وانگر رت وهائي خبر ناهي ته ڪهڙي مذهب جي ڳالهه ڪري ٿو. آخر اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو جڏهن اسان اسلام جي اصل نقش قدم تي هلنداسين ۽ هڪٻئي ۾ ڀائيچارو، محبت پيار امن قائم ڪنداسين شل اهڙو ڏينهن هن ملڪ اندر اچي جو ماڻهو ماڻهوءَ کي مارڻ بجاءِ مان ڏيڻ سکي نه ته هاڻي ته اسڪولن ۽ يونيورسٽين ۾ جيڪي خودڪش بمبار داخل ٿي حملا ڪري رهيا آهن ان مان ته اهڙو خوف ٿو لڳي ڪٿي اسان جي سڄي نوجوان نسل کي پنهنجي هٿ جا پاليل ختم نه ڪري ڇڏين.

 

مظهر خاصخيلي  03003779059

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *