اچو ته ٻين تي تنقيد بجاء پاڻ سڌاريون‎: احسان علي جوڻيجو

اسين سنڌي ھڪ شاھوڪار ڌاناء  پڙھي لکي قوم سمجھيا آھيون اسين پورھيت غيرتمند ۽ عقلمند قوم سمجھيا ويندا آھيون اسين سنڌي سياست ۾ مٿبرا بھادر اديب سمجھيا ويندا آھيوم اسين سنڌي پڙھيل لکيل معاشي بھتر طبقو سمجھيا ويندا آھيون پر اسان حقيقن سنڌي قوم دنيا ۾ ايترا ت پوئتي پئجي ويا آھيون جنھن جو تاريخ ۾ ڪوئي مثال ڪو ن ٿو ملي اسين پنھنجي پيرن تي پاڻ اھڙو ت ڪھاڙو وھائي ڪڍيو آھي جو ڪڏھن پنھنجي پيرن تي بيھي سگھجڻ جي ڪوشش ڪيون ب ت ن بيھي سگھنداسين.

سڀ کان پھريان اسين پنھنجي ڳچيء ۾ جھاتي پائي ڏسون ت اسين سنڌ سان ڪيترا سچا آھيون اسين سنڌين سنڌ کي ڇا ڏنو آھي ڪيتري قدر ان جي حفاظت وارثي ۽ ان جي لاء ڪجھ ڪيو آھيو اسين پاڻ سنڌي سنڌ سان ڪيترا سچا آھيو جيڪڏھن اسين چند سوال کڻي پنھنجي پاڻ پنھنجي ضمير ۽ اندر جي انسان کان ڪنداسين ۽ جيڪڏھن اسين ۽ چند سوال کڻي ضمير جي عدالت ۾ وينداسين ت واقعي ۾ اسان جي شڪست ٿيندي اسين پنھنجو ڪيس ضمير جي عدالت ۾ ھارائي ويھنداسين ڇو جو اسين سنڌين سنڌ سان ايترو سلوڪ ڪيو آھي ايترو نقصان ڏنو آھي جو تاريخ جا ڪورا ڪاغذ اسان جي غداري اسان جي اناپرستي ۽ اسين جي ڪيل سنڌ سان ويساھ گھاتين جو چٽو ثبوت ڏيندا ت سنڌي ھڪ قوم ھئي جيڪا امير شاھوڪار ھئي جيڪا وڏي اديب قديمي قوم ھئي جنھن وٽ موئن جي دڙي جھڙي ڪوٽڏيجي قوعي جھڙي عمرڪوٽ جي سھڻن نظارن ۽ مڪلي جھڙي قديم قبرستان ۽ ڀنڀور جھڙيون عظيم قديم ھستيون ۽ سھڻي ثقافت ھئي ھوء سنڌي قوم ھڪ بھادر قوم طور ڄاتي سڃاتي ويندي ھئي ان سنڌي قوم اڻ کٽ معدني وسيلا ھيا ھوء قدرتي ذخيرن سان مالا مال قوم ھئي ھنن وٽ ٿرپارڪر جھڙي جنت جھڙي وادي گورخ ھل جھڙا قدرتي نظارا ڪينجھر سنڌودراء جھڙا قدرتي چشما ھيا ۽ قدرتي نظارن سان سھڻي جنت جو ٽڪرو ڄاتي وينڌڙ سنڌ ھئي . ان سنڌي قوم وٽ عظيم ھستيون ھيون انھن وٽ دنيا جو عظيم شاعر حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه ھيو انھن وٽ عظيم صوفي شاعر سچل سرمست جھڙا بزرگ شاعر ھيا ۽ سامي جھڙا بزرگ ھيا ھو سدائين پنھنجي صوفياڻي ڪلام سان سنڌي قوم کي مھراڻ ۾ مھڪائي اڀاري ويا . ان کانپوء انھن سنڌي قوم وٽ دولھ دريا خان جھڙو بھادر اڳواڻ ھيو جنھن جي ڄمار سنڌي قوم جي لاء وڙھندي گذري ۽ سنڌي قوم جي لاء وقف ڪئي . صوفي شاھ عنايت جھڙا صوفي شاعر جن جي جوت ڪيترائي من جي جوت جلائي وئي.

پر اسين اھي سڀ عظيم ھستيون وساري اسين معدني وسيلن جا مالڪي کان لاوارثي ظاھر ڪري اسين شاھ سچل سامي جا سر ساز گيت وساري اسين بھادر اڳواڻن جون ڏنل سنڌ مٿان قربانيون وساري اسين جنت جھڙي وادي سنڌ جي ٽڪري تي دھشت جي باھ کيڏي اسين موئن جي دڙي جي مٽيء سان غداري ڪري اسيم سنڌين سنڌ جي سينڌ سان غداري ڪري اسين سنڌين سنڌ جا دڳ سنڌ جي پڳ ڌارين جي ھٿن ۾ ڏيئي اسين سنڌين بحرياء ٽائون نالي قبضاگير گروپ جي حامي ڀري ٿرپاڪر جي ڪوئلي کي ننڌڻڪو ڪري سنڌ جي دڳن کي لاوارث ڪري سنڌ جا ماڳ ڌارين پنجابين پٺاڻن کي ڏئي پنھنجا ھٿ ڇنڍي اسين پنھنجو ڪم ٻيم تي ڀاڙي پيٽ پرستي ۾ وڃ سنڌ سان اھڙوطت ھشر نشر ڪيو آھي سنڌ سان اھڙو ت ويساھ گھاتي ڪئي آھي سنڌ سان اھڙي ت غداري ڪئي آھي سنڌ جي غدارن سان ٺاھ ڪري اھڙو ت مچ مچايو آھي جو تاريخ اسان کي ڪڏھن ب معاف ن ڪندي تاريخ اسان سان ڪڏھن ب ٺاھ ن ڪندي تاريخ اسان کي ڀاڄوڪر ڀاڙيو ويڪائو ۽ بزدل لکندي تاريخ اسان کي اناپرست ٻين تي ڀاڙينڌڙ ۽ ٿڪيل قوم لکندي تاريخ اسان کي آفريڪي نسلن سام ڀيٽ ضرور ڪندي جيڪي پنھنجي ٻوليء ۽ ڌرتي کي ن بچائي سگھيا اھي ب اناپرستي خودپرستي ۾ ھليا ويا ۽ آخري ۾ نتيجو اھي دنيا جي گول نقشي تان ئي مٽجي ختم ٿي ويا ڪڻو ڪڻو ٿي ماريا واريا ڌڪاريا ويا ۽ انھن جي ٻولي قوم جي نالو نشان ئي مٽجي ويو ڄڻ ت ڌرتيء تي آيا ئي ن ھيا ڄڻ ت اھا قوم ھئي ن ڪا ن ڄڻ ت اھا ٻولي ھئي ئي ڪا ن ائين سڀ ستياناس ڪري پنھنجو نسل جو ۽ پنھنجو ويا جو تاريخ انھن کي ڌڪاري اھڙو ت غدار مڪار وارن باب ۾ لکي ڇڏيو جو انھن جا پاپ انھن جو نسل ب نٿو لاھي سگھي جيڪي پاپ انھن پنھنجي ڌرتي تي ستل ئي رھي ڪيا.

اسان کي سڀ کان پھريون پاڻ پرستي مان نڪرڻو پوندو!

اسين پنھنجو پاڻ کي سڃاڻو اسين ڪير آھيون اسان جي اصل مقصد ڇا آھي اسين ڪھڙي طرف نڪتا ھليا ويا آھيون جيڪڏھن اسان کي اھو پتو پئجي ويو ت يقينن اسين ستر پرسنٽ پنھنجي اصل مقصد جي راھ گامزن ڪري سگھون ٿا اسين يقينن پنھنجو پاڻ ۾ ڪپ سڌارو آڻي سگھون ٿا جيڪڏھن اسين ٿورو جھٽ پل اھو ڏسون ت اسين ڪيڏانھن پيا وڃون!

اسان جيڪڏھن سنڌ جي ترقي چاھيون ٿا ت اسان کي سنڌي قوم ٿي اڀرڻو پوندو اسان کي اناپرستي شھرت پرستي ذات پرستي ۽ فرقي پرستي واري ڄار مان نڪري ڪري فزا ۾ ھڪ آزاد سنڌي قوم ٿي اڀرڻو پوندو اڳتي وڌڻو پوندو ۽ عملي سنڌ جي حقن جي لاٻ جھدجھد ڪرڻي پوندي ٻي صورت ۾ اسين اھڙي ڄار ۾ فاٿل ھوندي ڪڏھن ب اڳتي وڌي ڪون ٿا سگھون اسين ڪڏھن ب ترقي ن ڪري سگھنداسيم جيستائين اسين انھم سازشن واري ڄار مان سنڌي قوم پنھنجو اڄوڪي ۽ اينڌڙ نسل جي جند ن ڇڏايون!

اسان کي پنھنجو پاڻ پرکڻو آ پنھنجو پاڻ کي سرداري ڀوتاري نظام مان نڪرڻو آ اسان کي وڏيري واري سماج مان نڪرڻو پوندو جيڪڏھن اسان کي پنھنجي ڪيل ڪرتوتن ۽ نقصانن مان نڪري ڪري سنڌ ۽ سنڌيـن لاء ڪو ڪم ڪرڻو آھي ت سڀ کان پھرين اسين انھن واڳن مان جند آجي ڪري ھڪ عوامي سرچشمو ھڪ عوامي سمنڊ اٿلي ڪري پنھنجي مدد پاڻ دنيا جي باقي قومن چين بنگلاديش ۽ آفريڪا جيان انقلاب آڻڻو پوندو ت جيئن اسان جو اينڌڙ نسل اسان معيارون ن ڏئي ت ڪھڙي سماج ڪھڙي غلامي واري گندي گار ۾ اڇلائي ڄڻي فٽو ڪري ويو!

تعليمي نظام جي سڌاري لاء اسان کي پنھنجي مدد پاڻ ڪي عملي ڪم ڪرڻا پوندا سڀ کان پھريان ان پنھنجي گھر مان شروعات ڪرڻي پوندي بجاء ڪنھن پرائيوٽ اسڪولن جي اسان کي پنھنجي ٻارن جي گھرن ۾ ڌيان ڏيڻ سان گڏ سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا وٺي ڏيڻي پوندي ت جيئن باقي غريب توڙي امير برابري واري نظام تي پنھنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا وٺي ڏين ۽ حڪومت پرائيويٽ اسڪولن بجاء سرڪاري اسڪولن ڏانھن ڌيان ڏئي!

ٻوليء کي بچائڻ لاء ب اسان کي پنھنجي گھر مان شروعات ڪرڻي پوندي اسان کي پنھنجي گھرن ۾ ھر لفظ ھر جملو سنڌي ٻوليء سان لکڻو پڙھڻو ۽ ڳالھائڻو پوندو اسان کي بجاء انگلش اردو جي پنھنجي ٻارن کي سنڌي ٻوليء جي تعليم ڏيارڻي پوندي ۽ ان کانپوء اسڪولن دفترن ۽ سرڪاري عمارتن ۾ سنڌي ٻوليء لکڻ پڙھڻ ۽ ڳالھائڻ لاء ڪا عملي جھدوجھد ڪرڻي پوندي ۽ حڪومت ۾ ويٺل وزيرن مشيرن جي ضمير کي جاڳائڻو پوندو پر اھو سڀ تڏھن ٿيندو جڏھن اسين پھريون پنھنجو پاڻ سڌارينداسين ن ت ٻي صورت ۾ اسين ڪڏھن ب ٻوليء بچائي ن ٿا سگھون پوء اسين سنڌي ٻوليء جا ڪوڙا دعويدار ثابت ٿينداسين .

غيرت جي نالي تي قتل!

اسان کي اھو ڏسڻو پوندو ت جڏھن بينظير انڪم سپورٽ جي نالي تي وطن ڪارڊ جي نالي تي پيپلز پارٽي جھڙي عرب نسل پارٽي اسان سنڌي قوم کي فقير طور ظاھر ڪرائيو آھي اسان کي اسان جي عزتن کي ٽڪي عيوض خريد ڪري ڇڏيو آھي اسين ٽڪن جي خاطر پنھنجي ننگن کي روڊن تي نچايون رلايون نٽھڻ اس ۾ موڪليون ٿا ۽ پاڻ مڇون ٽنگي گھرن ۾ ويھي غيرتي ٿا سڏارايون ت ات اوھان جي غيرت يا ت مري وئي آ يا ت توھان پنھنجي غيرت وطن ڪارڊ ۽ انڪم سپورٽ وارن حوالي ڪري آيا آھيو ۽ ان جي قسط ھر مھيني اوھان وٽ پھچي وڃي ٿي پر اتي اوھان جي غيرت وڏي جاڳي پوي ٿي جڏھن اظھار آزادي جو حق عورت استعمال ڪري ٿي جڏھن عورت پسند جي پرڻي جي ڳالھ ڪري ٿي يا ڪنھن مرد سان گھمي ٿي اتي توھاـ سڀني جي غيرت باھ وانگي ڀڙڪي پوي ٿي باقي وطم ڪارڊ ڄڻ ت توھان جون عزتون ئي غيرتوم ئي خريد ڪري ڇڏيون آھن جو ننگن کي روڊن تي رلائي فخي ڪيو ٿا پر ٻڏي ب ڪو ن مرو ٿا!

ان کان علاوا اسين پنجابين تص ڀاڙيندا آھيون ت اسان جا حق سڀ پنجابي کائي ويا اسان جي وسيلن تي قبضو اسان جي ڪاروبارن ۽ نوڪرين تي قبضو ڪري ويا . ڪندا ڇو ن ڪندا انھن جو حق آ انھن سھي ڪيو انھن ڀلو ڪيو انھن توھان کي سبق ڏنو تاريخ جا ڀونڊا ڪوڙا سورمو شرم ڪيو سنڌ جي تاريخ جاگرافيائي حدودم سان غداري ڪرڻ وارو سنڌيو شرم ڪيو تاريخ کي داڳ ن ڏيو ن ت تاريخ توھان جي ڪردات تي اھڙو داڳ مڙھي ڇڏيندي جو سڄي زندگي اوھان جا نسل اھو مٽائڻ گھرڻ ت ب ن مٽائي سگھندا.

جڏھن ڳالھ سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن جي آئي ت ڇا اسان وٽ  ڪرڻ وارا پنجابي پٺاڻ ھيا ڇا سنڌ جي شھر لاڙڪاڻي سکر ڏوڪري وراھ حيدرآباد ۾ ڪي وزيرستاني سواتي يا سرحدي ڪو ن ھيا اتي ڪم ڪرڻ وارا ٺيڪيدار نام نھاد پنھنجا ئي ڄاتل سڃاتل سنڌي ڪم ڪرڻ وارا ھيا جن ان ڪم دوران گھوٻيون ھيون جم ان ڪم دوران ڪرپشن جا پھاڙ ڪيرايا جن حڪومت طرفان مڪمل خرچ ڏيڻ باوجود ان ڪم ۾ ھيرافيري ڪئي جن ترقياتي ڪمن جي بچٽ ھڙپ ڪئي سڀ کان پھريان اسانکي پنھنجي گھر مان شروعات ڪرڻي پوندي جيڪڏھن اسان پنھنجي حقن پنھنجي دڳن پنھنجي ماڳن جي پاڻ حفاظت ن ڪنداسين پاڻ انھن ۾ گھوٻيون ن ھڻنداسين پاڻ سچائي سان فرض پورو ڪنداسين ت ڪو ٻيو ڌاريو اچي اسان جي انھن وسيلن ۾ گھوٻيون ن ھڻندو!

اسان کي سجاڳ رھڻو پوندو!

اسان کي پنھنجي وسيلن جي مالڪي ڪرڻي پوندي اسان کي پنھنجي ٻوليء جي مالڪڻي ڪرڻي پوندي اسان کي پنھنجي ڌرتي جي مالڪي ڪرڻي پوندي جي اسان ستا ستل ئي رھجي وياسين ت ضرور ڌاريا اچي قبضو ڪندا ضرور اسان جي وسيلن تي اسان جي ڪاروبارن تي اسان جي نوڪرين مٿان ھو ڌاڙو ھڻي ضرور دفترن مٿان قبضو ڪري ويھي رھندا پر جي اسان پاڻ سجاڳ ھونداسين اسان پاڻ انھن وسيلن جي مالڪي ڪنداسين ت ڪو ب ڌاريو ڪو ب غير اچي اسان جي ماڳن اسان جي دڳن اسان جي ڪاروبارن اسان جي نوڪرين تي ڌاڙو ن ھڻندو ن ڪنھن ۾ اھا جرئت ٿيندي ت ڪو ڌاريو اچي اسان کي اسان جي ڌرتي تي للڪاري ۽ حق کايون وڃي اھي سڀ اسان جون ڪوتاھيون ئي آھن جو اسين انھن جو مقصان ڀوڳيون ٿا پيا ۽ اڄ سنڌ جي وسيلن نوڪرين سرڪاري دفترن ۽ ڪاروبارن مٿان ڌارين پنجابين پٺاڻن افغانين مھاجرن ۽ بنگالين جو مڪمل طور تي قبضو آھي ھاڻي اسان کي پنھنجو عملي ڪم ڪري سچائي ۽ حقيقي وارثي وارو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ن ت اسين پنھنجي وارثي واري ورثي تان ھٿ کڻي بيھي رھنداسين جڏھن اقتدار تي مڪمل طور ڌارين جو قبضو ھوندو ۽ اسين سنڌي اقليتين ۾ تبديل ٿي وينداسين!

سنڌ کي نقصان گھڻو ڌارين ن سنڌين ڏنو!

اڙي يار ڪڏھن ائين ب ٿيو آ ڇا ت آقا پاڻ غلامي ڪري ۽ نسلن کي غلامي ڪندي نظر اچي مان ھت آقا جو لفظ بادشاھي سامراجي يا ڪنھن ڀوتاري نظام سان ن ٿو ڳنڍيا مان صرف اھو چوڻ ٿو چاھيان ڪڏھن ت توھان پاڻ ھن ڌرتي جا والي وارث ھيو ڪڏھن ت توھان جي ھن ڌرتي تي حق حاڪميت ھئي پر اڄ سنڌي قوم انا پرستي خود پرستي شھرت پرستي ۽ ذات پرستي واري نظام ۾ اھڙو ت ورھائجي ڪومائجي رلجي ويا آھيو جو صديون ڳولھ جو اھو رڻ اھو ريگستان نظر اچي جتي اوھان نسلن جو مستقبل رولي ڇڏيو آھي جتي پنھنجو وجود پنھنجي ثقافت پنھنجي سڃاڻڄ وڃائي ڇڏي آھي . شايد اھي ڪاريون ڪوٺيون نظر ئي ن اچن جتي اوھان سودا ڪري سنڌ کپائي وڪرو ڪري پاڻ محل اڏيا بنگلا اڏيا ۽ سنڌي قوم جي وسيلن زمينن سرن جا سودا ڪيا!!

ايترو /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 02

نقصان سنڌ کي عربن سومرن انگريزن ۽ سامراجن ب ن ڏنو جيترو نقصان سنڌ کي سنڌي قوم ڏنو !!

اوھان پاڻ کي ڏاھا داناء سمجھي ڪري اوھان پاڻ کي موئن جي دڙي جا مالڪ سمجھي اوھان پاڻ کي 5000 سالن جي ٻوليء ثقافت ورثي مالڪ سمجھي اوھان پاڻ کي قديم تر قديمي قوم ٻولي سمجھي اھڙو ت فخر تڪبر ۾ ھليا ويو جو تاريخ ۾ ڀونڊا سمجھي وينڌڙ ڪورا ڪاغذ سڏيا لکيا پڙھيا پيا وڃو!

توھان سنڌين سنڌ کي ڇا ڏنو ڪفر ۾ پورا شريڪ آھيو جھڙو نقصان سنڌ کي ڌارين غيرن ڏنو ان کان وڌيڪ نقصان سنڌ ۽ مظلوم سنڌي قوم کي سنڌي ڀوتارن سردارن وڪاميل سنڌين ۽ پيٽ پرستن ڏنو ان کان وڌيڪ نقصان ڪوڙن جوڌن سورمن وڪائو ڪجھ قومپرستن ڏنو ۽ نالي ماتر روحاني اڳواڻن ڏنو ان کان پوء وري اڌ کان وڌيڪ ڏوھ اسان جي عوام جو ھيو جن اھڙا ويڪائو اڳواڻ چونڊي اسيمبلين ۾ آندا ڪنھن چيو ھيو دھلن تي نچي ڪڏي ننگ نچايو ڪنھن چيو ت انڌن ڪوڙن سورمن آڏو عزتون وڃايو وقت وڃايو ڪنھن چيو ت ڀوتارن سردارن جون جتون وڃي چٽيو صاف ڪيو اڄ اھي سڀ ڪم ن ڪيو ھان اھڙا نتيجا ن ڀوڳيو ھان پنھنجي ڌرتي تي ن رلو ھان پنھنجي ڌرتي تي ن پڃو ھان پنھنجي ڌرتي تي روزگار لاء ن تڙپو ھان ۽ ن ئي انڪم سپورٽ جي نالي تي ننگ کي روڊن تي رلايو ھان..

اکين ۾ ڌوڙ وجھي ڌاريا ائين حق کائي فري لٽي ويا جو ڏيھن کي ڏس ڏيو ھاڻي انڌي اڳيان روئڻ اکين جو زيان چئبو ڇو جو اوھان ڏسندا ڏسندا رھجي ويو انا پرستي ۾ رھجي ويو ٻيا اچي کائي قبضو ڪري ويا!!

جڏھن فلسطين ۾ انگريزن ڪاروبار جيو ھڪ دڪان لڳايو ھيو ت اتي دڪان کانپوء ھوٽل کوليو پوء ڪلب کوليو ۽ وري اتي نيون نيون ڪنواريون ننڍي عمر واريون ڇوڪريون نچائڻ لڳا ۽ عربن جو ڌيان ان جسم ڏانھن ڪري پاڻ سڄي فلسطين تي گھيرو ڪري ويا جنھن ۾ ڪجھ جسم فروش عرب شامل ھيا جن جو ڏوھ ھيا ۽ ڪجھ وڪاميل عرب!!

سو اسان جو مثال ب اھو آھي ت ڌاريا اچي اسان جي علائقن ۾ ننڍا ڪاروبار ڪري اسام جو پاڻي ڪڇي ويا وڏا ڪاروبار کولي ڄمائي ويا اقتدارن تي ڪرسين تي حڪومتن تي قبضو ڪري ويا چاروطرف وڪوڙي گھيرو ڪري زمينن وسيلن تي قبضو ڪري ويا ۽ اسين سنڌي چپ چٽڻ ٻين تي ڀاڙڻ ۽ پنھنجو بار ٻين جي ڪلھڻ تي اڇلائڻ واري ريت ڪلھي ۾ ھار ڪري پاتيسين!!

ھاڻ اسين ڪوڙن جوڌن سورمن ۽ ويڪائو اڳواڻن جي پويان رلي رلي ٿڪجي ضرور پيان آھيون پر ھاڻ اسان کي انھن جي پويان لڳڻ کانسواء ٻيو ڪو ب رستو ناھي ڇو جو اسين روزگار کاتي انھن ڏانھن پيري پنڌ ڪري منٿون ڪيون ٿا سڀني سرڪاري کاتن ۾ ڌارين جي ڀڙمار آھي ھاڻ اسين غلام آھيون ڏٺا وائٺا!!

ھاڻ اسان کي انھن مان جان ڇڏائڻي آھي جيڪڏھن اسان چيني قوم وانگي حقيقي انقلاب جا دعويدار آھيون جيڪڏھن اسين موئن جي دڙي جا وارثي جا دعويدار آھيون جيڪڏھن اسين سنڌ ڌرتي جي وارثي جي ڳالھ ڪيون ٿا ت پوء اسان کي عملي ڪم ڪرڻو پوندو ت پوء اسان کي ٻڌي جو عملي مظاھرو ڪرڻو پوندو ۽ حقيقي انقلابي ليڊرن جو ساٿ ڏئي اناپرستي ذات پرستي فرقي پرستي مان نڪري ڪري ھڪ سنڌي قوم ٿي جيئڻو رھڻو ۽ اڳتي وڌڻو پوندو جيڪڏھن اسين چاھيون ٿا ت اسين دنيا ۾ ھڪ مثالي قوم نظر اچون ت اسان کي دنيا جي ملڪن سان ترقي ڪندي ڪلھي ڪلھي ۾ ملائي ھلڻو پوندو ت پوء اسان کي ھنن وڪاميل اڳواڻن سردارن ڀوتارن مان جان ڇڏائڻي پوندي ت پوء اسان کي تاريخ جي ڪيل غلطين مان سبق سکڻو پوندو جنھن جي ڪري اڄ اسيم پٺتي پيل ھر لحاظ سان قوم بڻجي وياـآھيون اھي سڀ خاميون اسين سنڌي ٻڌي ڪري دور ڪري سگھون ٿا بجاء ٻين تي تنقيد ڪر۾ بجاء ٻين تي ڀاڙڻ کان پاڻ کي عملي مظاھرو ڪرڻو پوندو جي اڃا ب ن جاڳيو ت پوء ستئي نسل سورن ۾ !!!!

ھاڻي اسان کي ٻڌي جو مظاھرو ڪرڻو پوندو!

اسان کي متحد ٿي حالتن سان مقابلو ڪرڻو پوندو اسانکي متحد ٿي وقت جي سامراجن کي ٽوٽا چٻائڻا پوندا ۽ اسان کي سنڌ جي آزادي خوشحالي ۽ ترقي لاء ملي جلي ڪري عملي جھدجھد ڪرڻي پوندي تڏھن وڃي اسين ڪنھن ڪاميابي جي چوٽين تائين پڄي سگھون ٿا اسان کي سڀ نفرتون رنجشون انائون ختم ڪري ھڪ ٻڌي ايڪي سان سنڌ کي ترقي جي راھ گامزن ڪبو ۽ دنيا ۾ ترقي يافته ملڪن سان ڪلھي ڪلھي ۾ ملائي ھلڻو پوندو دنيا ۾ پنھنجي عظيم قديم ثقافت ۽ ٻوليء کي اجاگر ڪري وري ساڳي شاھ ڀٽائي سچل سامي صوفي شاھ عنايت واري سنڌي قوم سڏائڻو پوندو ۽ مھمان نوازي صوفي ازم امن پرستي ۽ ٽوپي اجرڪ واري ثقافت سان گڏ دنيا ۾ جيئڻو پوندو اسان کي دنيا ۾ سنڌ ھڪ جنت جو ٽڪري وانگي ڪري دنيا جي گول نقشي تي بيھارڻو پوندو  ۽ پنھنجي ڌرتي سان وفا جو وچن ڪري اسان کي ساڳيَ سنڌي قوم راجا ڏاھر واري ٿي ڏيکارڻو پوندو اسان کي ٻوليء سان پيار ڌرتي سان پيار ۽ سچائي وارو رستو اختيار ڪرڻو پوندو اسان کي اناپرستي ختم ڪري سنڌ کي پنھنجي ڌرتي سمجھي ان جي ترقي لاء اپاء وٺڻا پونداطت جيئن اسان جو نسل اڄوڪي غلامي اڄوڪي بگڙيل سماج اڄوڪي نفرت انا ذات ۽ فرقي پرستي واري ڄار کان بچي ڪري ترقي يافته قوم ٿي فخر سان ڪنڌ مٿي کڻي گھمي سگھي!

اسان ائين  ن ڪيوسين ت!!

تاريخ ڪڏھن معاف ن ڪندي تاريخ اسان کي اھڙو ت ڪفر ڀريو لفظن سان مشابھت ڪندي جنھن سنڌ جھڙي  جنت جھڙي ڌرتي سان وفا ن ڪئي ۽ غدار مڪار نڪري پيا پوء تاريخ اھڙو ت اسان مٿان غداري جو داڳ مڙھي ڇڏيندي جو ستئي نسل اھو داڳ مٽائي  ن سگھندا ۽ پوء ڌاريا اسان جي وسيلن تي قبضو ڪري اسان کي ڌڪاري ختم ڪري اسان جو نالو نشان ئي دنيا جي نقشي تان ختم ٿي ويندو جي اسان ن جاڳياسين ستل رھياسين ت واقعي پوء جھڙيون حالتون ھلن ٿيون پيون اسان جي وجود کي جيترا خطرا لاحق آھن پوء اسان جيڪڏھن ستل رھياسين ت اسان ن ٻولي ن پنھنجي وجود کي ھن ڌرتي تي برقرار رکي سگھون ٿا پوء ٻوليء سان گڏ ڌرتي ب اسان کي معيارون ڏيندي ۽ اسان جي اينڌڙ سڀ نسل پوء سورن ۾ ڏسندي جي اڃا ن ب جاڳين سنڌي!

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *