اچو ته تاريخ مان ڪجهه سکون: عاجز جمالي

منهنجي عمر بنگلاديش کان ٿوري وڏي هوندي. بابا ٻُڌائيندو رهيو آهي ته جڏهن پاڪستان ۽ هندستان جي جنگ هلي رهي هُئي، گهرن ۾ بتيون ۽ باهه ٻارڻ جي اجازت نه هوندي هُئي، (بليڪ آئوٽ هو) اُنهن ڏينهن ۾ تون پيدا ٿيو هُئين. منهنجو اڻ پڙهيل والد به چوندو هو ته بنگالين تي وڏو ظلم ڪيو ويو هو، نه ته پاڪستان ڪڏهن نه ٽُٽي ها.

جڏهن اسان هوش سنڀاليو ته دُڪانن تي هڪ پوسٽر لڳل ڏٺو، جنهن ۾ اندرا گانڌي کي ٻڪري ۽ ذوالفقار علي ڀُٽو کي شينهن ڏيکاريو ويو هو. اسان ٻار هُئاسين، اسان جي دلين ۾ ڀارت خلاف نفرت ويهاري ويندي هُئي. صبح جو قطار ۾ بيهي پاڪ سرزمين شاد باد پڙهندا هُئاسين ته اِئين لڳندو هو ته اسان ئي پڪا پاڪستاني آهيون. اسان ٻُڌو هو ته شيخ مجيب پاڪستان جو ڪٽر مخالف هو، اُن لاءِ هو انڊيا سان ملي ويو هو ۽ هُن پاڪستان کي ٽوڙيو. جيئن جيئن وڏا ٿيندا وياسين ڪجهه نيون ڳالهيون ٻُڌڻ لاءِ مليون، مڪتي باهني، حمود الرحمان ڪميشن، جنرل نيازي، نوي هزار پاڪستاني فوجي ڀارت ۾ قيد، شمله معاهدو، جنرل نيازي جو هٿيار ڦٽا ڪرڻ، وغيره وغيره. بابا چوندو هو ته ”انڊيا، بنگلاديش کي آزاد ڪرائي پاڪستان کان بدلو ورتو آهي،“ پر اُنهن پيچيده ڳالهين کي سمجهڻ اُن عمر ۾ وس جي ڳالهه نه هُئي. ڪاليج جي زماني ۾ جوهي (ضلعي دادو) جي ننڍي لائبريريءَ ۾ مون کي هڪ اردو ڪتاب هٿ لڳي ويو هو. ’مون ڍاڪا کي ٻُڏندي ڏٺو‘، اُهو هڪ پاڪستاني جرنيل جو لکيل ڪتاب هو. پوءِ ڪجهه سوال به ذهن ۾ هٿوڙي جيئن لڳڻ لڳا. مثال ٻه قومي نظريو ڇا آهي، جيڪڏهن پاڪستان، ڀارتي مسلمانن جي لاءِ جُڙيو هو ته پوءِ بنگلاديش ڇو ٺهيو؟ ڇا بنگالي مسلمان ناهن؟ صحافت ۾ اچڻ کان پهريان ڪيترائي ڪتاب پڙهڻ سبب اها ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ لڳي هُئي.

مان ستن سالن جي عمر ۾ ڪراچيءَ جي اُن رات کي وساري ناهيان سگهيو، جڏهن مون پراڻي ايئرپورٽ تي ڪنهن وٽان اِهي لفظ ٻُڌا هُئا ته ”سنڌين جي حڪومت ختم ٿي وئي.“ اهي لفظ منهنجي اڻ پڙهيل چاچي کي ايئرپورٽ تي ڪو پڙهيل لکيل شهري بابو ٻُڌائي رهيو هو. چاچي کان پُڇيم ته ڇا ٿيو آهي؟ هُن ٻڌايو هو ته مُلڪ ۾ مارشل لا لڳي چُڪي آهي، اسين هاڻ صُبح جو واپس ڳوٺ هلنداسين. في الحال سعودي عرب نٿا هلي سگهون، حالتون خراب ٿي ويون آهن. اسان سعو  دي عرب نه وڃي سگهياسين. پوءِ مارشل لا، لانگ بوٽن جي ڪڙڪو، فوجي عدالتون، هر هنڌ فوجي ٽرڪون ڏٺيون. پوءِ هڪ ڏينهن اهڙو اچي ٿو، جنهن ڏينهن پرائمري اسڪول ۾ پڙهڻ واري ٻار جي دل ۾ نفرت جي هڪ چڻنگ دُکي پوي ٿي. نوابشاهه (اڄڪلهه جو بينظير آباد) هي 4 اپريل اوڻيهه سؤ اوڻياسي جو ڏينهن هو، جڏهن مان پنهنجي والد سان نوابشاهه جي موني بازار ۾ ڪپڙن جي مارڪيٽ ۾ هئس ته ڪپڙي جي دُڪاندارن زور زور سان تاڙيون وڄائي خوشيءَ جو اظهار پئي ڪيو، ”ڀُٽو ڪو ڦانسي هوگئي.“ مُنهنجو پيءُ پريشان ٿي ويو. اباڻو ڳوٺ ٻانڌي، نوابشاهه کان ٽيهه ڪلوميٽر پري هو، بابا خريداري ڇڏي اسٽيشن ڏانهن هلڻ لاءِ چيو، اُتان ٽرين پڪڙي، ٻانڌي پهچي وياسين. ڏٺوسين ته بازار ۾ ڪجهه ماڻهو تمام گهڻو خوش هُئا، اُهي مٺايون ورهائي رهيا هُئا. بابا سختيءَ سان منع ڪيو ته مٺائي نه وٺجانءِ، اهي جماعت اسلامي وارا آهن، اُنهن ڀُٽي کي ڦاسيءَ تائين پهچايو آهي. نوابشاهه ۽ ٻانڌي ۾ جشن ملهائڻ وارا اُردو ڳالهائڻ وارا هُئا، ۽ اُهي جماعت اسلامي جا ڪارڪن هُئا. اُتان کان منهنجي ذهن ۾ ٻه قومي نظريي هڪ زوردار هٿوڙو هنيو. ٻيو هٿوڙو پوءِ اُن وقت لڳو، جڏهن سنڌ جي ڳوٺن ۾ لانگ بوٽن جا آواز ٻُڌا. اها ايم آر ڊي (موومينٽ ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي) جي تحريڪ هُئي. ۽ اسان ڪاليج ۾ هُئاسين. ديوارن تي نعرا لکندا هُئاسين، ڇانوڻي نامنظور، ڪالاباغ ڊيم نامنظور، ڄام ساقي کي آزاد ڪريو، جمهوريت کي بحال ڪريو، جنرل ضياءَ کي گرفتار ڪريو وغيره وغيره. شايد اُنهن ئي ڏينهن ۾ حبيب جالب لکيو هو، ’ظلمت ڪو ضيا، صَر صَر ڪو صبا، …. ڪيا ڪهنا‘. مون کي ڳوٺ احمد خان برهماڻي جا سڙيل گهر اڃا تائين ياد آهن، جن جي ٻاهران پوڙهيون عورتون فوجين کي هٿ کڻي بددعائون ڏئي رهيون هيون. ۽ پوءِ جڏهن صحافت ۾ آيس ته سمورين ڳالهين جو ادراڪ ٿيڻ لڳو.

مان ايم آر ڊي جي زماني ۾ ئي بلوچستان جي اُن علائقي ۾ ويس، جتي نواب نوروز خان ۽ اُن جي ساٿين جي خلاف آپريشن ڪيو ويو هو. هي ضلعي خضدار جو علائقو زهري هو. مون مير شاهه بيگ خان کي به ڏٺو، جنهن جو سينو گولين سان پروڻ ٿيل هو، پر هو زندهه هو. بلوچن تي آپريشن هر دور ۾ جاري رهيو. اڄ به جاري آهي. بلوچستان هميشه منهنجي دلچسپيءَ جو مرڪز رهيو آهي. اڄ جڏهن مان ڀارتي جرنيل اروڙا سنگهه جي سامهون پاڪستاني جرنيل اي ڪي نيازي جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ کي ڏسان ٿو ۽ بنگلاديش جي يومِ آزادي کي ڏسان ٿو ته اِهو ئي نظر اچي ٿو ته باغي شيخ مجيب جو بنگلاديش، محب وطن جرنيلن جي پاڪستان کان بهتر آهي، ۽ اڄ اسان بنگلاديش کان ڪيتري به نفرت ڪندا هُجون، پر تاريخ کي نفرت سان رد نٿو ڪري سگهجي. ۽ نه ئي تاريخ بنگالي قوم جي قربانين ۽ پاڪستاني برانڊ محب وطني جي متوالن جي ظلمن کي وساري سگهي ٿي.

باقي بچي ويل پاڪستان ۾ جڏهن بلوچستان ۽ سنڌ بغاوتن جا عَلم کنيو بيٺا هجن، ته ٻه قومي نظريو ڪٿي بيٺل آهي؟ قائداعظم جو پاڪستان ڪٿي بيٺو آهي؟ هتي، نوي هزار جوانن کي قيد ڪرائڻ واري جرنيل کان پُڇاڻو ڇو نٿو ٿئي ۽ عوام جي محبوب ليڊر کي جڙتو ڪيس ۾ ڇو ڦاهيءَ چاڙهيو ٿو وڃي. هڪ هٿين خالي ڇوڪريءَ کي ڌماڪن سان اُڏايو ويو، پر هڪ جرنيل غداري جي ڪيس ۾ به مزا ماڻي رهيو آهي. هڪ صوبي جي رياست، هڪ قوم جي وردي، جرنيل به اُتي جا، ڪرڪيٽر به، اسٽبلشمينٽ به اُتان جي، يا پوءِ نفرت ڀڙڪائڻ وارا اُهي ماڻهو، جيڪي اُوڻيهه سو اٺونجاهه کان اڄ تائين مُلڪ جي اقتدار جا شيئر هولڊر آهن. 16 ڊسمبر باقي بچي ويل پاڪستان جي لاءِ سبق سکڻ جو ڏينهن آهي، نفرت ڪرڻ جو نه!

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *