اچو ته تاريخ جا ورق اٿلايون…:پنهل ساريو

سنڌ اندڙ رياستي ظلم ۽ بربريت جي تاريخ تمام پراڻي آهي، هتي مهذبپڻي جا قدر موڪلائي ويا آهن 70سالن کان نالي ماتر جهموريت جي شڪل هر دور ۾ مارشلا کان به وڌيڪ ڀوائتي رهي آهي، پر اڄوڪو دور انتهائي بدترين دور آهي، اڳ پاڪستان ۾ رهندڙ قومن کي محروم تصور ڪيو ويندو هو پر اڄ سنڌ ۽ بلوچستان جون وارث قومون انتهائي جبر ۽ تلسط هيٺ آهن، هنن قومن سان حاڪم طبقن جو رويو ٻڌائي ٿو ته هي قومون بدترين مظلوم قومن جي حيثيت ۾ ساهه کڻي رهيون آهن،                  سنڌ ۽ بلوچستان جو فرق هن ريت آهي ته سنڌ 1940 جي قرارداد کي اسيمبلي مان پاس ڪرائي گڏيل ملڪ جي ڳالهه سان رضاڪارانه طور تي سهمت ٿي هئي، جڏهن ته بلوچستان هن جوڙ جڪ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو هو، پر اڄ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هڪجهڙائي هي آهي ته ڌاڙيل پيا ڳوليون جي مصداق هتي سياسي ۽ قومي ڪارڪنن جي گهرن تي چڙهايون  ڪري چادر ۽ چوديواري جي تقدس کي پائمال ڪري عورتن، ٻارڙن ۽ پوڙهن تي نه فقط تشدد ڪيو وڃي ٿو پر انهن جي نيڻن جي ٺار جوڌن جوانن جا لاش اجتماعي قبرن يا وري ريگستان مان ملن ٿا، ان جو تازو مثال 6 سيپٽمبر پڙهه ڦٽي مهل صنعتي اعتبار کان سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر ڪوٽڙي مان نالي واري شاعر ۽ اديب ديدار شام جي گهر تي بکايل بگهڙن جيان وردي پوشن هلان ڪري نه رڳو گهر مان اله تلهه ٻهاري ورتو پر ابهم ٻالڪ ننڍڙي مخدوم بلاول کي وٺي سمورن گهر جي ڀاتين کي دهشت ۽ خوف کان هسايو ويو، جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته جيڪڏهن سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڍول سپاهين ساڳياهٿڪنڊا استعمال ڪيا آهن ته بخوبي سمجهي سگهي ٿو ته ٻنهين هنڌن تي سول ۽ ملٽري بيروڪريسي امن ڪئين قائم ڪيو هوندو، ديدار شام هڪ پرامن سياسي ڪارڪن آهي، هميشه رهبراعظم سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد واري فڪر ۽ فلسفي جو پوئلڳ رهيو آهي، سدائين بشير خان قريشي جي سرواڻي ۾ سنڌ جو جهرجهنگ جهاڳيندو رهيو آهي، هن هر وقت شاعري ۾ حسين چهرن، ذلفن ۽ خوبصورت گلن جي ڳالهه ڪئي آهي، گلاب جي گل جهڙو ديدار شام وردي پوشن کي ڪئين دهشتگرد نظر آيو، انهي ڪري اسين سمجهون ٿا ته جڏهن قومون مظلوم هونديون آهن تڏهن قومي ڪارڪن ان جي وارثي لاءِ حوصلي ۽ همت سان اڳيان وڌندا آهن، ديدار شام جي حوصلي همت بردباري ۽ بيباڪي کان خوفزده هٿيار بند فورسز بنهه ڊڄي ويا، رينجرس ۽ پوليس ڪيترائي سپاهه وٺي ديدار شام کي قيد ڪيو پر کين خبر ناهي ته هو، ديدار شام توڙي اهڙن لکين ڪڙوڙين قومي ڪارڪنن جي سوچن ۽ فڪر کي قيد ڪري نٿا سگهن ، جيڪڏهن جهموريت جي نالي ۾ اسيمبليون رينجرس کي پنهنجي عمل کان تجاوز ڪرڻ جا اختيار ڏينديون يا وري خود اسيمبليون فوجي عدالتن جي لاءِ قانون سازي ڪنديون ته لازمي طور تي مظلوم قومن کي وڌيڪ جبر ۽ بربريت جو نشانو بڻائڻ لاءِ فورسز کي اختيار ملي ويندا.

جيڪڏهن ائين ٿيندو ته پوءِ هي ملڪ فلاحي رياست واري حيثيت وڃائي ويهندو، 6 سيپٽمبر 1965 کي بچاءُ طور ياد ڪندي حڪمران طبقا ڪشمير ۾ ٿيندڙ بربريت کي ياد ڪن ٿا پر وساري ٿا ويهن ته 70واري ڏهاڪي ۾ جناح جو پاڪستان ٽٽي ويو 90 هزار فوجي هندستان ۾ جنگي قيدي بڻياانهن ڪمزورين ۽ ڪوتاهين تي ڪڏهن به سنجيدگي سان ناهي سوچيو ويو نه رڳو اهو پر حڪمران وساري ويٺا آهن ته هنن 1940 واري قرارداد تي عمل ناهي ڪيو هنن رياستي معاملن ۾ مذهب کي مداخلت جي دعوت ڏني نتيجي ۾ سڄي ملڪ کي انتهاپسندي وڪوڙي وئي ۽ فرقيواريت هن ملڪ جي دنيا ۾ سڃاڻپ بڻجي وئي، ان وقت به ويانا ڪانفرنس ۾ سائين جي ايم سيد چيو هو ته هي ملڪ دنيا ۾ دهشتگردي جو مرڪز بڻجي ويندو پر ان جو نوٽيس نه ورتو اڄ وري جنگ جا طبل وڄايا ويا آهن.

چين راهداري کي اهميت ڏني پئي وڃي، جڏهن ته آمريڪا، هندستان ۽ متحده عرب امارات نئو محاذ کولي ورتو آهي.ان مان محسوس ٿئي ٿو ته هي حڪمران طبقا هن ملڪ کي ايٽمي جنگ طرف وٺي وڃي رهيا آهن جنهن بابت آمريڪا جي نالي واري ميگزين تجزيو ڪيو آهي ته جيڪڏهن هن خطي ۾ ايٽمي جنگ لڳي ته اوڀر ايشيا تباهه ٿي ويندي، اسين سمجهون ٿا ته حڪمران طبقن جا ڪشمير ڏانهن هڪڙا ۽ سنڌ، بلوچستان ڏانهن ٻيا رويا آهن

انهي ڪري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ نوجوانن جي  چچريل لاشن ملڻ جو انگ شايد ڪنهن جنگ جي حالتن واري ملڪ کان وڌيڪ هجن، بهرحال جنرل نيازي کان جنرل ضياءَ تائين ۽ ان کان پوءِ مشرف جي ڪردار تائين خود فوج جي پوتاميل جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته جنرل نيازي اوڀر بنگال ۾ لکين ماڻهن جو قتل ڪري جناح جي پاڪستان جي نقشي کي تبديل ڪري ڇڏيو، ۽ جنرل ضياءَ اميرالمومنين بڻجي حميد گل جهڙن ماڻهن کي متعارف ڪرايو جن ڳجها ادارا جوڙي سڄي دنيا ۾ دهشتگردن جون نرسريون پيدا ڪيون، مجاهدين کان طالبان تائين انتهاپسندي جو ٻج ڇٽيو مٿان وري جنرل مشرف چين جي ٽيڪنالاجي حاصل ڪري نواب اڪبر بگٽي، محترمه بينظير ڀٽو، سميت ملڪ جي قيادت جو قتل عام ڪرايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *