اچو ته امن قائم ڪريون ؛سرور بلوچ

اسين ڪيتريون به دليلون ڏيون يا اکيون ٻوٽي سڀ ٺيڪ سمجهڻ لڳي وڃون پر شڪارپور واقعي بعد ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي رهيو ته سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي پنهنجون پاڙون کوڙي ويئي آهي ، سنڌ صوفين جي ڌرتي رهي آهي ۽ هت هميشه امن جي ڳالهه ٿيندي رهي آهي پر هاڻ گهڻو ڪجهه بدليل نظر اچي پيو ، سنڌ ۾ صوفين امن ۽ محبت جي ڳالهه ڪئي آهي پر امن ۽ هيڪڙائي جا دشمن به پنهنجا ڪارنامه جاري رکيو پيا اچن، مذهب، فرقي، ذات پات جي نانءُ تي ڪجهه شر پسند پنهنجا پنهنجا مقصد حاصل ڪري رهيا آهن ۽ نشانو وري به عام ۽ امن پسند ماڻهو ئي بڻجي رهيا آهن، اسان وٽ مذهبي، فرقيواراڻي انتهاپسندي ايڏي ته سگهاري نظر اچي رهي آهي جو هاڻ ڪجهه ڳالهائڻ کان اڳ هزار ڀيرا سوچڻو پوي ٿو متان ڪٿان ڪو فتويٰ جاري نه ٿي وڃي، جڏهن ته امن دشمن  ۽ دهشت پسند ماڻهو سرعام جيڪو ڪجهه ڳالهائي وڃن، ڪير ڪڇڻ وارو ناهي، اوهان اڪثر اهڙن جلسن يا ريلين ۾ وڃي ۽ ٻُڌي سگهو ٿا، جتي سندن تقريرون ٻُڌي اوهان کي خوف محسوس ٿيندو ته ماڻهو ڪيڏو نه دهشت ۽ نفرت پسند بڻجي ويا آهن ۽ ڪنهن ماڻهو کي مارڻ انهن لاءِ ڄڻ ڪنهن ڪارنامي وانگر ٿي ويو آهي. جهڙي ريت شڪارپور ۾.

شڪارپور جو واقعو سنڌ ۾ انتهاپسندي جو ڪو پهريون واقعو نه آهي پر اهڙي ريت ايڏو وڏو دُک دائڪ واقعو به شايد اڳ پيش نه آيو هُجي، سنڌ ۾ هندو ڀائرن کي ايذائڻ، سندن نياڻين کي مذهب مٽائڻ، زبردستي شاديون ڪرائڻ يا وري قبرستان ۾ لاش پورڻ تي ممڻ مچائي ڀوري ڀيل جي لاش کي قبر مان ڪڍي ٻاهر اڇلائڻ ۽ تذليل ڪرڻ جهڙا واقعا اڃان اسان جي سيني تي بار جيان محسوس ٿي رهيا هُئا ته شڪارپور جو واقعو سامهون اچي ويو آهي. جڏهن ته هت مذهب، فرقي، ذات پات، برادري جي نانءُ تي پڻ انيڪ دهشت پسند ماڻهن جون ڪاروائيون نظر اچن ٿيون، جيڪي روڪڻ تمام ضروري بڻجي ويون آهن. ڇو ته اهڙيون ڪارروايون سبب بڻجي رهيون آهن، انهن انسانيت جي دشمنن جو رستو آسان ڪرڻ جي ۽ اهڙي وقت ۾ اسان کي پنهنجون ننڍيون ننڍيون ناراضگيون ختم ڪري، انهن خلاف هڪ ٿيڻ جي پڻ ضرورت آهي.

جنهن ڏينهن شڪارپور واقعو ٿيو، ساڳئي ڏينهن وزير اعظم پڻ سنڌ ۾ موجود هو ۽ هُن ڪراچي ۾ امن قائم ڪرڻ جو ڪريڊٽ وزير اعليٰ سنڌ کي ڏنو، ڪراچي ۾ ڪيترو امن آهي؟ ان بابت ڇا ڳالهائجي پر ڪاش اهو ڪريڊٽ سڄي سنڌ ۾ امن ڪرائڻ تي کيس ڏجي ها، جتي هاڻ اُهي ڌريون سگهاريون ٿي رهيون آهن، جن کي بنا ڪنهن جاچ پڙتال جي انساني همدردي جي ڇٽي هيٺ هت اچڻ جي اجازت ڏني ويئي ۽ هاڻ انهن کي واپس موڪلڻ شايد سائين جن جي وس به ناهي رهيو، ٻوڏ ۽ ويڙهاند جي وقتن ۾ جنهن ريت سنڌ ۾ ٻين صوبن ته ڇا پر ٻين مُلڪن جا ماڻهو هت اچي رهيا هُئا ته انهن ۾ رڳو ضرورتمند نه هُئا پر ڪيترائي دهشتگرد پڻ سنڌ پُهتا هُئا، سنڌ ۾ جنهن ريت دهشتگردي جو واقعو پيش آيو آهي، ان مان اها ڳالهه ظاهر ٿي ويئي آهي ته هڪ وڏي کيپ هت اڄ به موجود آهي، جنهن کي دهشتگرد مختلف وقتن تي استعمال ڪندا ۽ اسان وٽ ته هونئن به وڏا وڏا ادارا محفوظ نه آهن ته هُتي عام ماڻهن جي ڪهڙي حفاظت ممڪن بڻائي سگهجي ٿي. جڏهن ڳالهه امن جي ڪجي ٿي ته ساڳئي وقت امن جي دشمنن کي پڻ ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ وڌ کان وڌ نئين نسل کي انهن جي قيد مان پڻ بچائڻ جي ضرورت آهي.

حيدرآباد مان پڻ هڪ پانڌيئڙو فتح شاهه فراق امن مارچ لاءِ سفر تي نڪتو، جنهن 6 ڏينهن اڳ حيدرآباد مان پنهنجي پنڌ جو آغاز ڪيو ۽ مختلف درگاهن مان ٿيندو سانگهڙ پهتو، سندس پيغام به امن هو ۽ ان پيغام کي ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ هن اهو سفر شروع ڪيو ۽ سندس سفر جي پڄاڻي سانگهڙ پريس ڪلب ۾ ٿي، جتي پاڻ امن بابت پنهنجو لکيل هڪ گيت پڻ ٻڌايو.

اچو ته قائم ڪريون امن، ڌرتي ڪريون چمن چمن

سوالين جون سڀ دلي مُرادون، خوشين ۾ تبديل ٿين

اچو ته قائم ڪريون امن

هٿيار نه ڪِي ڪي بم کپن، ٿو عالم چاهي چين امن

جيارڻ لاءِ انسانيت کي، گيت پيا شاعر لکن لکن

اچو ته قائم ڪيون امن

جنهن ماءُ مٽي جي ٿڃ پين، تنهن ڀونءَ ڀلاري تي ڪيس ٿين

سپوت پيا ڳوڙهن سان، داغ سمورا ڌوئن ڌوئن

اچو ته قائم ڪريون امن

ايٽم ٿيو ايجاد هو ڇالا، انسانن کان اهڙو سوال آ

جڳ سڄي جي جيوت ساري، پکي پکڻ پيا پڇن پڇن

اچو ته قائم ڪريون امن

هي سنڌ سموري شاد هجي، ڪُل عالم شل آباد هُجي

لال قلندر، شاهه ڀٽائي، سچل سامي چون چون

اچو ته قائم ڪريون امن

افغان فلسطين عراق آ، ڏُک سنڌڙي فتح شاهه فراق آ

هيرو شيما جي ڏسي تباهي، درد ٿا دل ۾ دُکن دُکن

اچو ته قائم ڪريون امن

فتح شاهه فراق جو امن مارچ عارضي طور ختم ٿيو آهي. ڇو ته جيسين امن جا دشمن موجود آهن، تيسين امن جو پرچار به جاري رهڻ گهرجي، امن جو پيغام انسان ذات کي بقا جو پيغام آهي ۽ اهو پيغام مختلف ماڻهو پنهنجي پنهنجي وڙ مطابق ڪندي نظر اچن ٿا، ڪٿي ڪو صوفي راڳ ڪرائي ماڻهن ۾ امن جو درس ڏي ٿو ته وري ڪٿي امن ڪانفرنس ذريعي محبت پکيڙي وڃي ٿي ۽ اڄ امن سڀني جي ضروت آهي پر جڏهن ڳالهه ڪجي ٿي امن ۽ محبت جي ته پوءِ ان پاسي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته ڇا رڳو ڪراچي جو امن ماڻهن کي عزيز آهي، جنهن جي بحالي تي ڪريڊٽ ڏنو ٿو وڃي، اڄ سڄي سنڌ کي امن جي ضرورت آهي ۽ ان لاءِ ڪوششون وري به حڪومت کي ڪرڻيون پونديون ۽ امن جي پانڌيئڙي فتح شاهه فراق جو پنڌ تڏهن سجايو ٿيندو، جڏهن سڀ گڏجي سندس ۽ امن پسند ماڻهن جا ٻانهن ٻيلي ٿيندا، اڄ وقت جي ضرورت آهي ته پنهنجا ننڍا ننڍا ويڇا وساري گڏ ٿيون ۽  اچو ته امن قائم ڪيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *