ايلان ڪُردي جو لاش ۽ مسلم دنيا جي بي حسي..:وزير علي جمالي

4 سيپٽمبر جي صُبح جو ترڪي جي هڪ جزيري جي ڪناري تي چئن سالن جي معصوم ٻارڙي ايلان ڪُردي، جنهن کي ڳاڙهي رنگ جي شرٽ ۽ نيري رنگ جو ڪڇو پاتل هو، ان جي لاش کي ڏسي سڄي دنيا جي باضمير ۽ درد دل رکڻ وارن انسانن جي اکين ۾ بي اختيار ڳوڙها تري آيا، هر دل تڙپي اُٿي هئي ۽ هر ماڻهوءَ کي ايلان ڪُردي جي شڪل ۾ پنهنجي جگر جو ٽڪرو ڏسڻ ۾ آيو هو. ايلان ڪُردي جيڪو پنهنجي والدين سان گڏ شام مان لڏپلاڻ ڪري ترڪي جي سامونڊي پٽي ذريعي يونان جي جزيري کان يورپ ڏانهن پناهه وٺڻ توڙي پنهنجي پتڪڙن خوابن کي ساڀيان ڏيڻ لاءِ سک جي ساڻيهه جو راهي ٿيو هو، ان کي شايد اُها خبر نه هئي ته سندس حسين خوابن جو سفر ڪجهه گهڙين اندر سمنڊ جي بي رحم ڇولين جي حوالي ٿي ويندو. هو جنهن سک جي سفر لاءِ سمنڊ ۾ ٻيڙيءَ تي سوار هو، جڏهن سندس ٻيڙي سمنڊ جي تيز لهرن جي وَر چڙهي وئي ۽ هو پنهنجي ماءُ ۽ ٻين ٽن ڀاءُ ڀينرن سميت سمنڊ جي بي رحم موجن جي نذر ٿي ويو. جڏهن ترڪي جي رضاڪارن هن جي معصوم جسم کي ڪناري تي اونڌو پيل ڏسي سندس لاش کي کڻي ايمبولينس ۾ رکيو ته ان وقت اُتي موجود صحافين پاران جاري ڪيل بي جان جسم جون  تصويرون ڪجهه ڪلاڪن اندر سوشل ويب سائٽس فيس بڪ، ٽيوٽر ۽ واٽس اپ ذريعي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي ويون ۽ دنيا ۾ سندس حمايت ۾ مظاهرا شروع ٿي ويا. يورپ جي سڀني ملڪن خاص طور تي جرمني، فرانس، برطانيا، ڊنمارڪ، اسپين وغيره ۾ شهرين جو وڏو انگ روڊن تي اچي ويو ۽ شام جي مظلوم پناهگيرن جي حمايت ۾ پنهنجي حڪومتن تي زور ڏنو ته هو انهن کي پناهه ڏيڻ لاءِ يورپي يونين جي سخت قانونن ۾ نرمي آڻين.

يورپي يونين جي اڪثر ملڪن خاص ڪري جرمني، فرانس ۽ برطانيه پنهنجي پنهنجي ملڪن اندر شامي پناهگيرن کي پناهه ڏيڻ جا منصوبا جوڙيا آهن ۽ انهن لاءِ روزگار، صحت ۽ ٻييون سهولتون فراهم ڪرڻ جا اعلان ڪيا آهن. ٻئي طرف وري هنگري، سربيا ۽ پولينڊ جهڙن ڪجهه  ملڪن جي معتصب عيسائي حڪومتن پاران مسلم پناهگيرن کي پنهنجي ملڪ جي سرحدن کان ڏور رکڻ لاءِ سخت پاليسيون لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ بي گهر، لاچار ۽ بي سرو ساماني جي ڪيفيت جو شڪار پناهگيرن مٿان هنگري جي سرحدن تي پوليس ۽ فوج طرفان سخت تشدد ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سوين مرد، عورتون ۽ ٻارڙا زخمي ٿي پيا. ان  ظالماڻي عمل خلاف پڻ يورپ جي ساڃاهه وند ۽ باضمير عوام طرفان ڀرپور احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن ۽ هنگري جي حڪومت خلاف سخت ڪاوڙ جي لهر ڇائنجي وئي آهي. مذهب، قوم، فرقي ۽ رنگ ونسل کان بالاتر ٿي ڪري فقط انسانيت جي نالي تي اڄ مهذب يورپي عوام نه رڳو عرب دنيا جي جنگين جو شڪار پناهگيرن پر افغاني، برمي، سوڊاني، ڪوريائي ۽ پاڪستاني پناهگيرن کي پڻ ويلڪم چئي رهيا آهن، جنهن سان هنن جي انسان دوستيءَ تي فخر ڪري سگهجي ٿو. هن وقت عرب دنيا ۾ جيڪي گهرو جنگيون هلي رهيون آهن، خاص طور تي شام، عراق، ليبيا ۽ يمن ۾ انهن جنگين جي نتيجي ۾ لکين مسلمان پنهنجي اباڻن ڪکن، ملڪيتن ۽ زمينن کان بي گهر ٿي بي سرو ساماني جي حالت ۾ مختلف پاڙيسري ملڪن جن ۾ ترڪي، لبنان ۽ اردن سرفهرست آهن، اتي جي پناهگير ڪيمپن ۾ ڪسمپرسي واري حياتي گذارڻ تي مجبور آهن، جيڪي ڪالهه تائين پنهنجي ڀريل گهرن ۾ سک ۽ امن سان خوشحال زندگي گذاري رهيا هئا، اُهي اڄ خوني جنگين جي ڪري دربدري ۽ بک بيروزگاري واري حياتي گذارڻ تي مجبور ٿي پيا آهن. هن خطي ۾ جاري خطرناڪ گهرو ويڙهه ۾ سڀ کان خوني ويڙهه شام جي آهي، جتي هن وقت تائين ڏيڍ لک کان وڌيڪ انساني حياتيون موت جي راڪاس جو شڪار جڏهن تي لکين ماڻهو زخمي ۽ ملڪ جي اڌ آبادي بي گهر ٿي چڪي آهي، شام جي جنگ هن وقت ملٽي نيشنل جنگ جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، جتي علائقائي طاقتن کان علاوه عالمي طاقتن جا مُفاد ۽ مطلب هڪٻئي سان ٽڪرائجڻ جي ڪري گذريل چئن سالن کان جاري ويڙهه جي انت جو ڪوبه امڪان نظر نه اچي رهيو آهي. شام ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل ويڙهاڪن توڙي مسلڪ ۽ فرقيواريت جي بنياد تي وڙهڻ وارا گوريلا گڏجي شام جي مقامي آباديءَ جو صفايو ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهن. اقتدار، اختيار ۽ مفادن جي هن عالمي جنگ عرب دنيا کي لوڏي ڇڏيو آهي. هڪ طرف سعودي عرب ۽ ايران جهڙن مقامي سپر طاقتن جا مُفاد آهن ته ٻئي پاسي وري القائده، داعش ۽ ٻيون خوني جهادي تنظيمون آهن، جيڪي شام جي وڌ کان وڌ علائقن تي قبضو ڪرڻ لاءِ پنهنجي رستي ۾ ايندڙ هر شيءِ کي خاڪ ۾ ملائي رهيا آهن. هن جنگ ۾ دنيا جي تمام رائج الوقت جنگي قانونن جون ڌڄيون اڏايون پيون وڃن. هڪ پاسي ايران ائٽمي مسئلي تي يورپ ۽ آمريڪا سان معاهدي کانپوءِ پاڻ کي نار ۾ سپر طاقت تسليم ڪرائڻ توڙي سعودي عرب سميت ٻين عرب ملڪن کي دٻاءُ ۾ آڻڻ لاءِ خطي جي سڀني ملڪن ۾ اقليتي شيعه فرقي سان تعلق رکندڙ آباديءَ کي بغاوت تي آماده ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي، جنهن جو هڪ چٽو مثال ”يمن“ آهي، جتي حوثي شيعه قبيلو اقليت ۾ هئڻ جي باوجود اڳوڻي ڊڪٽيٽر علي عبدالله صالح جي حمايت ۽ مدد سان اقتدار تي قبضو ڪري ورتو آهي. جڏهن ته ان عمل کي سعودي عرب ۽ ٻين شاهوڪار عرب رياستن پاران جنگ جو اعلان سمجهندي شيعه مليشيا خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ يمن به شام جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي. اقتدار، اختيار ۽ پنهنجي انا پرستيءَ کي اوچو ڪرڻ واري هن ويڙهه ۽ ڀڙڪايل باهه جي شعلن جو ٻارڻ خطي جو عوام بڻجي رهيو آهي.

شام جا پناهگير جيڪي سمنڊ پار ڪري يورپي ملڪن ڏانهن پناهه وٺڻ لاءِ مجبور ٿي پيا آهن، ڇا انهن کي پناهه ڏيڻ لاءِ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ شاهوڪار ۽  قدرتي وسيلن سان مالا مال پاڙيسري ملڪن مان ڪنهن به هڪ رياست ڪو اعلان ڪيو؟ ڪويت، بحرين، قطر، اومان، ابو ظهبي، دبئي توڙي سعودي عرب سميت ڪنهن عرب رياست پاران يمن، عراق ۽ شام جي پناهگيرن لاءِ ڪو رليف پيڪيج ڪونه ڏنو ويو آهي. پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي ڇتي تنقيد کان پوءِ فقط سعودي عرب جي حڪومت پاران اها وضاحت پيش ڪئي وئي ته سعودي عرب ۾ 25 لک شامي پناهگيرن کي پناهه ڏئي کين صحت، تعليم ۽ ٻيون بنيادي انساني ضرورتون فراهم ڪيون پيون وڃن، شامي طالب علمن کي سعودي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ وڏي پيماني تي داخلائون ڏئي مفت تعليم ڏني پئي وڃي، پر مجموعي طور تي ڏسجي ته عرب دنيا جي جنگين جي شڪار مظلوم ۽ معصوم پناهگيرن لاءِ شاهوڪار عرب رياستن جي حڪمرانن پاران ڪو به اهڙو قدم يا اعلان ڪونه ٿيو آهي، جنهن سان دربدري ۽ مظلوميت جي زندگي گهاريندڙ هنن پناهگيرن جي ڏکن ۾ ڪا ڪمي ٿي سگهي. عرب دنيا جا حڪمران ۽ شهزدا جيڪي سڄي دنيا ۾ پنهنجي دولت ۽ عيش واري زندگي گذارڻ جي حوالي سان مشهور آهن، هوا، سمنڊ ۽ خشڪي ۾ سندن شاندار محلات نما جهاز جن تي دنيا جي هر قسم جي عيش وعشرت جو سامان موجود هوندو آهي، هنن جي ملڪيت ۾ آهن، هو جنهن به ملڪ جو رخ ڪن ٿا ته ان ملڪ جي معيشت رات پيٽ ۾ ترقي جون منزلون تيزي سان طئي ڪرڻ لڳندي آهي. پوءِ آخر ڪهڙو سبب آهي جو هو شام، يمن ۽ عراق جي جنگ تي هٿيارن، ويڙهاڪن ۽ گولا بارود ذريعي ٻارڻ ته مهيا ڪري رهيا آهن پر ان جنگ جي شعلن جو شڪار ٿيندڙ مظلوم شهرين کي پنهنجي ملڪن ۾ پناهه ڏيڻ لاءِ ڇو تيار ناهن؟ افغانستان جنگ ۾  30 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن کي پاڪستان جهڙو غريب ملڪ گذريل ٽيهن سالن کان پناهه ڏئي سگهي ٿو ته پوءِ ههڙن شاهوڪار رياستن کي به اسلام، عرب قوم ۽ انسانيت جي ناتي هنن مظلوم پناهگيرن کي پنهنجي رياستن ۾ پناهه ڏيڻ ۽ سندن دردن جو درمان ڪرڻ لاءِ ضروري ۽ تڪڙا اپاءُ وٺڻ لاءِ ضروري قدم کڻڻا پوندا. ان کان اڳ جو  لکين “ ايلان ڪُردي” جهڙا معصوم ٻارڙا سمنڊ جي بي رحم موجن جو شڪار ٿي وڃن، ان کان اڳ جو لکين مائرن جون جهوليون خالي ٿي وڃن، هزارين ونين جي سرِ جا تاج انهن کان وڇڙي وڃن، عرب دنيا ۽ اقوام عالم کي وقت جي بي رحم موجن جي وَر چڙهيل ايلان ڪُردي جهڙن معصوم گلن جهڙن ٻارڙن کي بچائڻ لاءِ اڳتي اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *