اوهان جي ڳالهه اوهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي؟ ؛نسيم بخاري

پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا وزيراعليٰ هائوس ۾ ايم اين اي فريال ٽالپر جي خصوصي شرڪت جو حوالو ڏيندي، ان گڏجاڻيءَ جا وچور وائکا ڪيا آهن، جنهن گڏجاڻي ۾ سنڌ سرڪار جو سرڪاري سطح جو به بيوروڪريٽ توڙي پرنسپل سيڪريٽري سميت ڪو به آفيسر يا عملدار شريڪ نه هو. اها گڏجاڻي صرف ۽ صرف پيپلزپارٽيءَ جي سنڌ سرڪار ۾ شامل وزيرن، خاص مددگارن ۽ ايم پي ايز جي ڪوٺايل هئي، جنهن ۾ سنڌ سرڪار جو سربراهه سائين قائم علي شاهه پڻ موجود هو. گهر جو وڏو پنهنجي پوري ڪٽنب سان ڏک سور اورڻ لاءِ ويٺو ۽ اتي جيڪي لاڳاپيل ماڻهن توڙي حڪومتي وهنوار جي ڌڻيءَ جا ويچار آڏو آيا آهن، انهن کي ذريعن جي معرفت خلق پڙهي ڏاڍو حيران ۽ پريشان ٿي وئي آهي. ماڻهن کان پنهنجا غم وسري، کين اهو ويسورو ورائي ويو آهي ته مار! اسان سان ته ٺهيو پر هنن سان به ايڏو ويل، ايڏي ويڌن، اهڙو حشر جو کين ڪو کنگهي ئي نه ٿو. هي ويچارا ڪنهن ليکي ۾ ئي ناهن، انهن وزيرن، خاص مددگارن ۽ صلاحڪارن جو اهڙو هيڻو حال آهي جو حقيقتون بيان ڪندي، بي مثال ٿا لڳن، لاچار ٿا لڳن، الڪن ۾ ورتل ۽ سڏڪن کي روڪيندي ڏسجن ٿا ته پوءِ انهن جنهن عوام جي ووٽ واري مينڊيٽ سان سڄي تر جي خلق جو بار کڻي سندن مسئلن حل ڪرڻ جي هام هڻي، بوسڪيءَ جو پٽڪو پائي، وڏيون وڏيون گاڏيون سيڙائي، پيٽرول ساڙي ايوان ۾ پهتا آهن، تن تي ڪهڙي ميار يا انهن کي ديس جي درد بابت ڪهڙي دانهن ڏجي؟

اها سڄي صورتحال هڪڙي ڳالهه کي مڪمل چٽو ڪري وئي آهي ته اهي وزير، مشير ۽ خاص مددگار گذريل ستن سالن کان جنهن تنقيد جو شڪار ٿيندا آيا آهن، تنهنجي حقيقت ته ان مداخلت ۾ لڪل هتي جيڪا ٻاهرين ماڻهن جي هئي، جن کي پارٽيءَ جي اعليٰ قيادت جو اعتماد حاصل هو، جن جي مرضي سان کاتن جا سيڪريٽري رکبا ۽ بدلبا هئا ۽ جن جي معرفت، ٺيڪن سميت ٻيا سمورا عام ۽ خاص معاملا اڪلايا ويندا هئا، وزيرن، مشيرن ۽ خاص مددگارن وڏي واڪي اها دانهن ڪئي آهي ۽ سوال اٿاريا آهن ته جڏهن اسان جا سيڪريٽري ۽ ٻيا ماتحت ملازم رکيا ئي من پسند ماڻهن جي منشا سان ٿا وڃن ته اُهي اشاري به انهن جي تي ٿا هلن، جن جي آشيرواد سان اُهي هتي اچن ۽ پهچن ٿا، اُهي اسان جي ڳالهين کي حڪمن ۽ هدايتن کي ليکن ئي نه ٿا. جيڪڏهن ڪا دانهن ڪوڪ ڪئي وڃي ٿي ته اُها به پٺ تي اڇلي ٿي وڃي.

ڳالهه هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ٿي وڃي. اسان جو وس نٿو هلي، اسان کي لفٽ ناهي، نه ئي وري ڪو اسان جو ڪو لحاظ ٿو ڪري، اسان رُلي وياسين، اسان جا ڪم رولڙي جو شڪار آهن، اسان ئي عذاب ۾ آهيون ته عوام ڪهڙي سک ۾ هوندو؟ پارٽيءَ جي اهم اڳواڻن جو اهو ڪٺ، جيڪو ڪالهوڪين اخبارن موجب وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو آهي، سو حقيقت ۾ زرداري هائوس ۾ ٿيڻو هو پر وزيرن، مشيرن ۽ خاص مددگارن پاران گهڻي مداخلت ئي زرداري هائوس مان ٿيڻ ۽ اتي شريڪ نه ٿيڻ وارين شڪايتن يا اعتراضن سبب اُها گڏجاڻي وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪوٺائي وئي، جتي ٻين ته ٺهيو پر خود وڏي وزير سائين قائم علي شاهه به اُها شڪايت ڪئي آهي ته وزيراعليٰ هائوس پاران، مختلف کاتن ڏانهن موڪليل هدايتن کي مناسبت موٽ نه پئي ملي!

هن گڏجاڻي ۾ وڏي وزير سميت ان جي پوري ڪابينا، جيڪي پنهنجون مجبوريون، بيوسيون ۽ لاچاريون کليل نموني بيان ڪيون آهن، تن جو سڌي يا اڻ سڌي ريت ذميوار ڪير آهي؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن جو جواب خصوصي طور تي شريڪ ٿيل آصف علي زرداري جي ايم اين اي ڀيڻ فريال ٽالپر نه ڏنو آهي نه وري اهڙن شڪايتن جي ازالي جي حوالي سان ڪا پڪ ڏياري آهي. خود زرداري هائوس پاران لڳندڙ الزامن ۽ ڪيل شڪايتن واري پس منظر ۾ ڪا پريس پڌرائي يا وضاحت آڏو نه آئي آهي، نه وري ان سلسلي ۾ آصف علي زرداريءَ جو سڌي يا اڻ سڌيءَ ريت ڪو ردعمل ظاهر ٿيو آهي. ان سڄي صورتحال کي سامهون رکندي، مرحوم شمشير الحيدري جو اُهو شعر ٺهڪي اچي ٿو ته:

”نظر جي ڳالهه زبان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي،

اها ئي ڳالهه جهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي،

هي ظلم آهي اسان سان اوهان جي محفل ۾،

اوهان جي ڳالهه اوهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي.“

مٿين گڏجاڻي اهڙي موقعي تي آڏو آئي آهي، جڏهن سينيٽ جي چونڊن جي حوالي سان سڀني پارٽين پنهنجي پنهنجي پاران ڪوششون وٺڻ شروع ڪري ڏنيون آهن، سو ان گڏجاڻيءَ جي انعقاد جو هڪڙو بنيادي ڪارڻ اُهو به آهي ته جيئن پنهنجي پارٽي ميمبرن کي وقتائتي ۽ اثرائتي ڪردار لاءِ پابند ڪيو وڃي. پيپلزپارٽي جي ڪابينا اڳ به اهڙيون گڏجاڻيون ڪري چڪي آهي ۽ آئينده به اهڙيون رسمي گڏجاڻيون ڏسڻ ۾ اينديون پر اهم سوال اهو آهي ته اتي جيڪي ”ٻاهرين مداخلت“ واري دانهن ڪوڪ سدائين سامهون ايندي رهي آهي. ڇا ان جي مستقل حل لاءِ ڪا سنجيده سوچ ويچار پيپلزپارٽيءَ جي اعليٰ قيادت جي ايجنڊا تي به آهي يا نه؟ يا اهي دانهون ڪوڪون اڳ جيان ٻڌيون اڻ ٻڌيون ٿي وينديون!

پيپلزپارٽيءَ جي اعليٰ قيادت ۾ مُک ماڻهو آصف علي زرداري ۽ سندس ڀينرون، فريال ٽالپر ۽ عذرا پيچوهو ليکيون وڃن ٿيون. وزير، مشير ۽ خاص مددگار توڙي سنڌ حڪومت جو ڌڻي سائين قائم علي شاهه به جڏهن شڪايتون ڪري ٿو ته پوءِ سوال اهو آهي ته مٿئين قيادت جا اُهي ڪهڙا ڀروسي جوڳا ماڻهو آهن، جيڪي وڏي پئماني تي مٿي کان هيٺ تائين سمورن کاتن جي معاملن ۾ سڌي يا اڻ سڌيءَ ريت اثرانداز ٿي رهيا آهن؟ ڇا انهن جي اهڙين سرگرمين کان اعليٰ قيادت اڻ واقف آهي؟ يا ڪن لاٽار پئي ڪري؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن جو هر ڪنهن وٽ پنهنجي پنهنجي طور تي پنهنجي پنهنجي معلومات ۽ مشاهدي آڌار جواب ته ضرور موجود آهي پر اهو دلين تائين ڪنهن دٻيل خواهش جيان محدود رهي ٿو. ا

هو عوامي ڪچهرين ۾ ان سطح تي بحث مباحثي جو جواز پيدا نه ڪري سگهيو آهي؟ جنهن جي اڄ ڏينهن تائين ضرورت محسوس ٿيندي آئي آهي ۽ جنهن کي وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اهم گڏجاڻي، هٿي وٺرائي آهي. هاڻ جڏهن وزيرن مشيرن جي زباني ٻاهرين مداخلت جا سنوان سڌا ۽ چٽا حوالا آڏو اچڻ شروع ٿي ويا آهن ته انهن جي اهڙي اظهار مان ٻه شيون وڏي پئماني تي واضح ٿين ٿيون، هڪ ته انهن سان سندن خيال موجب جيڪا بي واجبي ٿيندي آئي آهي، تنهن جو ليکو چوکو ڪندا، ٻيو ته جيڪڏهن انهن جي تحفظاتن کي گهربل مان نه ٿو ملي ته اُهي ردعمل ۾ ڪنهن ٻئي در ڏانهن به واجهائيندا ۽ شايد انهيءَ امڪاني پٺي در ڏي، لڙي وڃڻ کان روڪڻ لاءِ ئي کين وزيراعليٰ هائوس ۾ گڏ ڪري وفاداري جي وچن وٺڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي وئي آهي.

پر سوال اهو آهي ته اهي وزير مشير يا خاص مددگار به ماڻهو آهن، نانگ ته ناهن جو مٽي کائن! انهن کي به دنيا داري ۽ زماني سازي هلائڻي آهي. هنن به چونڊن ۾ وڏا خرچ ڪيا آهن، جيڪي وياج سميت وصول ڪرڻ سندن ايمان جو حصو هوندو آهي. ان ايڏي ساري سرمائيڪار کي هو فقط نالي جي کاتي يا ڪرسيءَ عيوض ڪيئن ضايع ڪندا؟ سو اها ڳالهه طئي آهي ته هنن گڏيل حڪمت عملي سان جيڪو هڪ هڪاڻي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي سو نيٺ ڪٿي ته ڇهه ڪندو؟ اڃا ڪالهه ڪالهوڪو ڏينهن آهي ته پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين کان جبري استعيفيٰ وٺڻ واريون خبرون آڏو آيون آهن ۽ آغا رفيق جي حمايت ۾ سنڌ جي مختلف شهرن حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، ڪراچي ۽ ٻين هنڌن تي نوجوانن مظاهرا ڪيا آهن ۽ هاڻ ته اُهي خبرون به اچي چڪيون آهن ته آغا رفيق جي سربراهي هيٺ رهندڙ هڪ جونيئر ميمبر محمد سليم ڀنور کي پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين بڻايو پيو وڃي! اهڙي سمري وزيراعليٰ جي ٽيبل تي دستخط لاءِ منتظر آهي. ٿي سگهي ٿو ته هنن سٽن شايع ٿيڻ تائين اهڙو نوٽيفيڪشن به جاري ٿي وڃي پر سوال اهو آهي ته آغا رفيق تي داٻو ڪري من پسند نتيجا حاصل ڪرڻ جي تمنا رکڻ وارا ڪير هئا؟ يا هاڻ هڪ جونيئر ميمبر کي چيئرمين ڪرائڻ وارا ڪير آهن؟ جن جي نيتن ۽ ارادن کي آغا رفيق جي استعيفيٰ وڏي پئماني تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ۽ آغا رفيق جي استعيفيٰ کانپوءِ سنڌ ۾ جنهن عزت ۽ وقار جي نگاهه سان ان کي ڏٺو پيو وڃي، اها عظمت ۽ اهڙا فخر جوڳا لمحا ڪنهن ڪنهن جو ئي ڀاڳ بڻبا آهن!

هتي اهو به سوال سامهون اچي ٿو ته مٿي وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل گڏجاڻي دوران جنهن وڏي پئماني تي ٻاهرين مداخلت جا حوال بحث هيٺ آيا آهن، ڪٿي انهيءَ ئي مداخلت آغا رفيق کان جبري استعيفيٰ ته نه وٺرائي؟ يا ان ئي مداخلت جي نتيجي ۾ ڪميشن جي جونيئر ميمبر کي چيئرمين بڻائڻ جو فيصلو ته نه ٿيو آهي؟ ……. ها ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ ان ”ٻاهرين مداخلت“ جا هٿ ڇو نه ٿا روڪيا وڃن؟ ان جي رستا روڪ ڇو نه ٿي رهي آهي؟ ڇا ڪوئي گن پوائنٽ تي اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي؟ جيڪا ڳالهه قانوني ڀڃڪڙين جي وزيرن مشيرن ڪئي آهي، اهڙي ڇپر کي برداشت ڪري هو به تن ان ساڳئي ڏوهه جا ڏوهاري ٿين ٿا. هنن کي اهڙي قلمدان يا ڪرسيءَ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي، جنهن ۾ هو فقط ظاهري طور تي روئيداد نظر ايندا هجن؟

هنن کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته سندن مٿان تاريخ جي نگاهه آهي ۽ سندن سستين، غفلتن، توڙي لاپرواهين جو اڳ ئي هڪ وڏو رڪارڊ جڙيل آهي. اهڙي ماحول ۾ هو ٻين جون مداخلتون برداشت ڪري، پاڻ کي جو ويتر تهمتن جي طوفان طرف ڌڪيندا ته اهو کين ڪهڙي ڌٻڻ ۾ اڇلائيندو؟ ان ڪري بيوسي، محڪومي، مجبوري ۽ لاچاريءَ وارا ڳوڙها ڳاڙهڻ کان بهتر آهي، ته هو همت، حوصلي، جرئت ۽ بهادري کان ڪم وٺن نه رڳو پنهنجا پر عوام جا به ٿڪ لاهن، ڇو ته نيٺ کين وري عوام طرف ئي واپس ٿيڻو آهي، انهن مان جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو آغا رفيق جيان ڪرسيءَ کي لت هڻي، عوام آڏو سموريون سچايون سامهون آڻيندا ته ڇا ٿا سمجهو. هنن جي عزت گهٽبي يا ويتر ماڻهن جا محبوب ٿي ويندا. هنن جو تعلق ان پارٽيءَ سان آهي، جنهن پارٽي جي منشور ۾ عوام کي طاقت جو سرچشمو قرار ڏنو ويو آهي ۽ جيڪڏهن عوامي اشوز تي هنن جي قلمدان ڇڏڻ واري خبر بريڪ ٿيندي ته اُها جهنگ ۾ باهه پکڙجڻ وارو ڪم نه ڪندي؟

ان ڪري جيڪڏهن واقعي به وزيرن، مشيرن، خاص مددگار يا وزيراعليٰ کي تاريخ ۾ ڪا امرتا ماڻڻي آهي ته پوءِ انهيءَ وس ويندي واڪا به ڪن ۽ جي حضوريءَ کان ڪم نه وٺن.حالت اها آهي ته وفاق سنڌ سان وک وک تي وڙهندو ٿو اچي اڄ به سنڌ جي 50 سيڪڙو پئٽرول پنجاب پهچڻ واريون خبرون رپورٽ ٿيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچيءَ جا 30 سيڪڙو ۽ حيدرآباد جا اڪثر پيٽرول بند ٿي ويا آهن. اهو ڪهڙو طور طريقو آهي؟ ڇا قائم علي شاهه اهو معاملو به ”ٻاهرين مداخلت“ جو ڪارنامو سمجهي ٿو؟ جي ها ته پوءِ ان ٻاهرين مداخلت کي ٻاهر ڪڍڻ ڪنهن جي ذميواري آهي؟ ڇا ٻاهرين مداخلت ان هوا جيان آهي، جنهن کي مُٺ ۾ پڪڙي نه ٿو سگهجي؟ اهو سوال فقط سوال ئي آهي، جنهن جي جواب ۾ ڪنهن ٻئي تي نه پر سنڌ ڪابينا ۽ ان جي اڳواڻ کي اڳتي اچي جواب ڏيڻو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *