اوفا ۾ شنگھائي سهڪاري تنظيم جو اجلاس ؛ارشاد ڪاغذي

”شنگھائي سهڪاري تنظيم“ (Shanghai Cooperation Organization) جو اجلاس 9 ۽ 10 جولاءِ 2015ع تي روس جي شهر اوفا ۾ ٿي گذريو. پاڪستان ۽ هندستان کي مڪمل ميمبرشپ جي اعزاز سان نوازيو ويو. شنگھائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن (SCO) يوروايشيا جي سياسي، اقتصادي ۽ فوجي تنظيم آهي، جنهن جو بنياد 2001ع تي شنگھائي ۾ چين، روس، تاجڪستان، قزاقستان، ڪرغستان ۽ ازبڪستان جي اڳواڻن گڏجي وڌو هو. هن تنظيم ٿوري عرصي اندر گھڻو ڪم ڪيو آهي. فوجي، سياسي، سماجي، اقتصادي، ثقافتي ۽ مالي تعاون ڪيو آهي. ان کان علاوه اها تنظيم ٽن برائين ”انتهاپسندي، عليحدگي پسندي ۽ دهشتگردي“ جي خلاف گھڻي سرگرم رهي آهي. هن سربراهي اجلاس ۾ پاڪستان ۽ هندستان کي پڪو ۽ مڪمل ميمبر جو درجو ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ڪيترائي آبزرور ملڪ پڻ هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا. جهڙوڪ: ايران، افغانستان، بيلاروس ۽ منگوليا. ASEAN, CIS ۽ ترڪمانستان مهمان ملڪ آهن، ڊائيلاگ پارٽنر امريڪا، آذربائيجان، ڪمبوڊيا، نيپال، سريلنڪا ۽ترڪي آهن. هن گڏجاڻي ۾ ميمبر ملڪن 2025 تائين اهم منصوبابندي ڪئي آهي، جيڪا ساراهڻ جوڳي آهي. پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪ آهن ۽ ٻنهي جي هڪٻئي سان دشمني آهي. پاڪستان ۽ ڀارت جون سرحدون به ملن ٿيون، پاڪستان چين جو راويتي پراڻو دوست آهي، جڏهن ته ڀارت جا روس سان پراڻا ويجها لاڳاپا آهن. ويجهڙائي ۾ ٻنهي ملڪن چين ۽ روس سان پنهنجا تعلقات وڌايا آهن. ٻئي پاڪستان ۽ هندستان جا وچ ايشيا جي ملڪن ۽ قومن سان ويجهڙائي وارا لاڳاپا آهن جيڪي اڳ۾ ئي شنگھائي سهڪاري تنظيم جو حصو آهن.

پاڪستان ۽ ڀارت اولهـ جي ملڪن ۽ خاص ڪري مسلمان ملڪن جي تمام گھڻو ويجهو آهن. ان ٻنهي ملڪن جو هن تنظيم ۾ پڪو ميمبر ٿيڻ جي ڪري سندن طبعي، عملي ۽ جاگرافيائي حيثيت ۽ گروپ جي اسٽريٽجڪ پهلوئن جي قدر ۽ قيمت ۾ گھڻو اضافو ٿيندو. هن ٻنهي ملڪن جي شامل ٿيڻ سان نيٽو جي خلاف جوابي طاقت جو اڀار اڀرندو.يوروايشيا جي ملڪن جو تعاون ۽ اتحاد سٺو سنئوڻ آهي، ان قسم جي تنظيم جي ٺهڻ ۽ ٻين ملڪن کي ان ۾ شامل ڪري واڌ ڪرڻ سان سندن اثر ۽ دائرو وسيع ٿيندو. پاڪستان ۽ هندوستان جي ميمبر ٿيڻ جي ڪري هن تنظيم کي پذيرائي ملي رهي آهي. اوفا سربراهي اجلاس ۾ شنگھائي سهڪاري تنظيم جي ڪاميابين جو جائزو ورتو ويو ۽ مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ منصوبابندي تيار ڪئي وئي. تنظيم جي مقرر هدف جي حصول لاءِ رڪن ملڪن جي وچ ۾ امن ۽ استحڪام، سرحدن اندر ۽ ٻاهر معاملن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. ايس سي او جي ميمبر ملڪن ۾ سياسي، فوجي ۽ اقتصادي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ماضي ۾ گھڻو ڪجهه ڪيو ويو آهي، پر چوڻ جو مطلب ۽ مقصد هي آهي ته موجوده صدي جي تقاضائن پٽاندڙ نون ريجن جي اسرندڙ ۽ اڀرندڙ ملڪن کي هڪ نئين اتحاد جي شڪل ۾ نوان ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ نئين نموني سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ نئين گلوبلائيزيشن ۽ عام خلق جي خوشي، خوشحالي ۽ راحت جو خيال رکڻو پوندو. امريڪا جي سرواڻي ۾ مختلف تنظيمن جي ٺهڻ سان امريڪي ۽ ڪجهه يورپين ملڪن جو اثر ورسوخ وڌڻ جي ڪري هڪ هٽي واري سرشتي جي ڪري ٻيا ترقي يافته ۽ ترقي پذير ملڪ هڪ اهڙي بند گھٽي ۾ ڦاسي پيا آهن جو انهن لاءِ ڪو ڌڳ نٿو نڪري، جنهن سان هو منزل ڏانهن وڌي سگھن. سو ان ڪارڻ موجوده دور ۾ ريجنل جيوپوليٽيڪل جي اهميت ۽ افاديت وڌي وئي آهي ۽ ان کي گھڻي هٿي ۽ اهميت ملي رهي آهي. تنهن ڪري امريڪا واحد سپر پاور هجڻ ڪري چين، روس، ڀارت، پاڪستان ۽ خاص ڪري ٻيا ننڍڙا ۽ پٺتي پيل ملڪ هڪ اهڙي سرشتي، نظام ۽ اتحاد جي سڳي ۾ سلهاڙيل ۽ پوئجڻ جي جستجو ڪري رهيا آهن، جنهن سان سندن گھرجون پوريون ٿي سگھن. اهو سمجهڻ ۽ تت ڪڍڻ ضروري آهي ته خطي جي ملڪن ۾ جيڪي نوان معاشي ۽ سياسي اتحاد جڙي رهيا آهن، ان جي ڪري موجوده وقت دنيا جي حالتن تي گھڻو فرق پيو آهي. پر ان سان گڏوگڏ ان اتحاد ۽ تعاون ڪندڙ ملڪن جا پاڻ ۾ گھڻا اختلاف موجود آهن. پاڪ ـ ڀارت تڪرار ۽ وري چين ــ ڀارت تڪرار جو مثال ڏئي سگھجي ٿو. اهڙي ڇڪتاڻ جي هوندي شنگھائي سهڪاري تنظيم ۾ پاڪستان ۽ ڀارت کي پڪو ميمبر مقرر ڪرڻ تنظيم لاءِ ضرور فائديمند ثابت ٿيندو ۽ ڏڦيڙ ختم ٿيندو. چين، روس ۽ ڀارت پنهنجي مخصوص ارادن جي حصول لاءِ هن تنطيم کي هلائڻ جو خواهشمند هوندا، پر کين اهو به احساس هئڻ گھرجي ته جهڙي نموني امريڪا پنهنجي ڏاڍ ۽ هڪ هٽي جي بدولت جيڪو ڪجهه ڪري ٿو، اهڙي قسم جو ڌنڌو هتي ڪيو ويو ته پوءِ ڪهڙو فرق پوندو؟ اسان جي ريجن جا ملڪ ۽ يوروايشيا جا ملڪ ۽ خاص ڪري چين، روس ۽ ڀارت پنهنجي مفادن لاءِ وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا جي ملڪن ۾ پنهنجو دائرو وڌائڻ جي چڪر ۾ آهن. چين جي مرضي آهي ته امريڪا جو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اثررسوخ ختم ڪجي، پر ان لاءِ چين کي وڏي جدوجهد ڪرڻي پوندي ۽ هڪ اهڙي سوچ، سمجهه ۽ پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي، جيڪا امريڪا کان بنهه مختلف هجي. يوروايشيا جي ملڪن کي هڪ هنڌ گڏ ويهارڻ سٺو سنوڻ آهي پر ان سان گڏ هڪ جُمود کي ٽوڙڻ جي ڪوشش پڻ آهي. هڪ اهڙو چئلينج جيڪو سپر پاور کي للڪاري ۽ امريڪا لاءِ خطرو بڻجي وڃي.هماليا ۽ بحر روم جي سياسي، سماجي، اقتصادي، فوجي ۽ ٻين انيڪ مسئلن ۽ معاملن کي سمجهڻ لاءِ 21هين صدي عيسوي جي تقاضائن مطابق قدم کڻڻ جي اشد ضرورت آهي، شنگھائي سهڪاري تنظيم کي جيو پوليٽيڪل حالتن جو اڀياس ۽ ادراڪ رکڻ گھرجي ۽ اتحاد يا تنظيم جي ملڪن جي اندر تڪرار کي سمجهڻ ۽ ان جي حل ڪرڻ لاءِ مثبت فيصلا ڪري امن، تحفظ، سلامتي ۽ خطي کي پرسڪون بڻائي هڪ يادگار ڪم ڪرڻ گھرجي.

شنگھائي سهڪاري تنظيم کي پنهنجي پر ۾ هڪ اهڙي تنظيم، ادارو ۽ خطي جو بااختيار سرواڻ بڻجڻ گھرجي، جيڪو پنهنجي ڪم، ڍنگ، عمل، اُڻت، تاڃي پيٽي ۽ عمل ۾ ٻين کان نيارو ۽ نرالو هجي. اسان جي خطي جا ملڪ ۽ اتان جي عوام جي منشا ۽ مرضي آهي ته هتان جي ملڪن جي وچ ۾ جهيڙا ۽ تڪرار نبري وڃن ۽ هتان جا ملڪ پاڻ ۾ پرچي کير کنڊ ٿي وڃن پر اهو اڃا هڪ خواب آهي، جنهن جي تعبير ڪرڻي پوندي، اها تعبير تڏهن ممڪن آهي، جڏهن متبادل پروگرام ڏئي هڪ اهڙي قسم جو شاندار ۽ مثبت مقابلا بازي جو عملي مظاهرو ڪرڻو پوندو، جنهن جي ڪري هر هڪ ملڪ جي قومي سلامتي، امن ۽ ترقي ممڪن ٿي سگھي.

شنگهائي سهڪاري تنظيم جهڙي قسم جي بين الاقوامي ڪانفرنسن ۽ سربراهي اجلاسن ۾ ڪجهه نئين قسم جون بريڪنگ نيوز اچڻ جي توقع ڪئي ويندي آهي، جيئن هن ڀيري اوفا سربراهي اجلاس ۾ ڀارت پاران پاڪستان جي وزيراعظم سان هندستان جي وزيراعظم جي ملاقات جو اعلان ڪيو ويو هو. نريندر مودي ۽ نواز شريف هڪٻئي سان مليا ۽ ڪجهه اعلان ۽ گڏيل بيان جاري ڪيو ويو. پاڪستان جي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي هم منصب مودي کي سارڪ سربراهي اجلاس جيڪو ايندڙ سال اسلام آباد ۾ ٿيندو، تنهن جي دعوت ڏني، جيڪا هن قبول ڪئي. ان کان علاوه سنهيون سڪيون ڳالهيون ٿيون ۽ قيدي آزاد ڪرڻ آفيسرن جي ملاقات ڪرڻ جهڙا هلڪا ڦلڪا ڪم ڪيا ويا. اهي ۽ ان قسم جا ڏيکارڻ جهڙا ڪارناما هميشه ڪيا ويندا اهن. پر اسان ڪڏهن اهو نه ڏٺو آهي ته ڀارت جي وزيراعظم ڪڏهن هي اعلان ڪيو هجي ته ٻنهي ملڪن جي مشڪلاتن کي آسان ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي سطح تي گڏجاڻيون شروع ڪري دشمني کي دوستي ۾ تبديل ڪيو ويندو. سارڪ هجي يا شنگھائي سهڪاري تنظيم جا اجلاس، انهن ۾ روايتي دشمني وارا لاڙا ظاهر ظهور آهن. اهي ڪڏهن ختم ٿيندا؟ ان لاءِ ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن کي سوچڻ گھرجي ۽ هڪ اهڙي نه کٽندڙ اجلاس جي تجويز پيش ڪن جن سان دوستي جو معاهدو پختو ٿئي!

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *