اوباما جي تقرير، موديءَ جو مهانگو وڳو ۽ ڊار جا ڊالر ؛پرويز سومرو

جڏهن آمريڪي صدر باراڪ اوباما دنيا جي وڏي جمهوريت ۽ تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ معيشت ڀارت جي ياترا تي آيو ته ان موقعي تي هن پنهنجي تقرير ۾ نريندر دمودر داس موديءَ کي مخاطب ٿي وڏي فخريه انداز ۾ چيو ته ”مان دنيا جي طاقتور ترين ملڪ جو صدر هڪ ڀنگيءَ جو پٽ ۽ مون سان گڏ بيٺل شخص دنيا جي وڏي جمهوريت جو وزيراعظم هڪ چانهه کپائڻ واري جا پٽ آهيون.“ باراڪ اوباما اهي لفظ ڀارت جي يوم جمهوريه جي تقرير کي خطاب ڪندي چيا هئا.

ان وقت اوباما جو اهڙو اظهار ٻڌي اسان جي حاڪمن جي من ۾ به سچائي ٻڌائڻ جو جذبو ضرور جاڳيو هوندو. پر ٿوري دير کانپوءِ سندن همٿ ۽ جرئت ساٿ ڇڏي وئي، جنهن مهل کين ياد آيو هوندو ته هنن مان ڪو قاتل جو فرزند، ته ڪو ڌاڙيل جو پٽ، ته ڪو ڪتائيءَ جو ٻچو، ته ڪو انگريزن جا جوتا کڻڻ واري جو پوٽو، ته ڪو عربن کي خوش رکڻ وارن جو اولاد ۽ ڪو وري غريبن جي ملڪيتن کي ڦٻائي امير ٿيندڙ پيءُ جو پٽ آهي. سو پنجابيءَ جي هڪ چوڻيءَ جو سهارو وٺي پنهنجي پاڻ کي آٿت ڏيئي ”اڪ چپ سو سک“ وانگر خاموش ٿي ويهي رهيا.

ان کان علاوه اوباما ان خيال جي پڻ نفي ڪئي ته حڪمرانيءَ جو حق صرف اميرن جو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ائين هجي ها ته اڄ اسان پنهنجي وڏن وارو ڪم ڪندا هجون ها. هيءَ اها تبديلي آهي، جنهن تبديليءَ جي نعري CHANGE WE CAN تحت هو ٻه دفعا آمريڪا جو صدر ٿيو آهي. سندس انهن تشبيهن سوچ ۾ وجهي ڇڏيو ته، اسان ڄڻ ڪنهن جهنگ جا رهواسي آهيون. جتي جيڪو ڏاڍو سو گابو آهي. هتي نه داد نه فرياد، امن نه سڪون، محبت نه پيار، نه انسانيت نه حيوانيت جو انڪار هتي ته رڳو خوني ٿا پلجن. جيڪي ڪڏهن مذهب جي آڙ وٺي ته ڪڏهن وڏڙن جون ڳالهيون ٻڌائي عوام جو رت چوسي آدم خور جي شڪل اختيار ڪندا ٿا وڃن. حڪمران اهي هوندا آهن، جن کي عوام جي پرواهه ۽ انهن جي مسئلن جو اونو هجي. اسان واري پاسي جي حڪمرانن ۾ وري ڪوڙ ڳالهائي عام ماڻهون کي بيوقوف بڻائڻ جا ڄڻ ادارا قائم آهن. حڪمرانن جو تعلق جيڪڏهن هيٺئين طبقي سان هجي ته اسان جون بادشاهتون به موديءَ وانگر سچ چوندڙ هجن.

نريندر مودي سخت گير مذهبي هندو هئڻ سان گڏ هڪ اعلى پائي جو ترقي پسند حڪمران پڻ آهي. جنهن پنهنجي وڏ وزارت جي دوران گجرات کي دنيا جي ترقي يافته رياستن جي فهرست ۾ آڻي بيهاريو. پاڻ آمريڪي صدر جي استقبال لاءِ هڪ مخصوص سون جي ڌاڳن سان سبيل وڳو ٺهرايو هو، جنهن تي سون جي ڌاڳن سان سندس پورو نالو پڻ رقم ٿيل هو.ڀارتي عوام جڏهن موديءَ جي ان شوق کي اظهار جي آزاديءَ جو سهارو وٺي وڏي واڪ ننديو ته ان وقت سوشل ميڊيا تي موديءَ جي ان عمل تي ايتري ته تنقيد ٿي. جو موديءَ جي مهانگي سوٽ پائڻ واري عمل تي هڪ ماڻهو ته پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ جي پيغام ۾ اهو به لکيو ته ”اسان جو وزيراعظم کي پهريل اهو سوٽ ڏسي هڪ ٻالڪ، جنهن کي سفيد ڪپڙا پهريل هئا ۽ انهن ڪپڙن تي ڀارت کي پيش ايندڙ سڀ مسئلا لکيل هئا. وزيراعظم جي سوٽ ڏي نهاري کيس معصوميت مان چوڻ لڳو ته اوهان جي ڪپڙن ۾ ڀارت نظر نه ٿو اچي ۽ منهنجي ڪپڙن ۾ ڀارت جي تصوير واضح آهي ۽ افسوس جو اڄ اوهان ڀارتي نه پيا لڳو.“ سوشل ميڊيا تي ٿيل اهڙي تنقيد کانپوءِ نريندر موديءَ کي احساس ٿيو ۽ پاڻ اهو سوٽ ۽ ان کانپوءِ مختلف ملڪن مان مليل 445 تحفن جي نيلاميءَ جو اعلان ڪندي ندامت جو اظهار پڻ ڪيائين. صرف ايترو نه پر پاڻ ان نيلام مان حاصل ٿيندڙ پيسي کي سندس جڳ مشهور مهم “Clean Ganga Campaign” لاءِ ارپي ڇڏيائين.جڏهن موديءَ جي ان مهانگي جوڙي جي نيلاميءَ جو اعلان ٿيو ته ان کي خريد ڪرڻ وارن ۾ هڪ سنڌي ڪپڙي جو واپاري راجيش جوڻيجو پڻ شامل هو. جنهن جو تعلق ڀارت جي شهر صورت سان ٻڌايو پيو وڃي. پر آخر ۾ اهو سوٽ هوائي جهازن جي هڪ خانگي ڪمپنيءَ جي مالڪ لالجي ڀائي پٽيل 4 ڪروڙ 31 لکن ۾ خريد ڪيو. هتي هنن سڀني ڳالهين ڪرڻ جو مقصد حڪمرانن جي حقيقت پسندي، عوامي خدمت ۽ عوامي هئڻ واري سوچ کي ظاهر ڪرڻ آهي. اهي حڪمران جيڪي عوام جي حقن جو تحفظ عوام جي چيل يا لکيل ڳالهين کي پڙهي يا ٻڌي ڪندا هجن. حڪمرانيءَ جو حق ۽ ترقي به اهي قومون ڪري سگهنديون، جن جا حڪمران اهڙي قد ڪاٺ ۽ وسيع سوچ جا مالڪ هوندا آهن. اسان جي ملڪ جا حاڪم ته صرف حڪمراني ڪرڻ مهل وارد يا ائين کڻي چئجي ته درآمد ٿيندا آهن. ڇو ته خيال مطابق ته هي ملڪ رهڻ لاءِ ته ڪا چڱي جاءِ نه آهي، البته حڪمراني ڪرڻ لاءِ چڱي آهي. اسان دنيا ۾ تمام گهڻو بگاڙ جي ور چڙهيل قومن ۾ شمار ٿيون ٿا. ڇو ته دهشتگردي، ڏهڪاءَ، مذهبي جنونيت ۽ فساد ۽ خود ڪش ڌماڪا اسان جو مقدر بڻجي ويا آهن. تازو اسان جي غريب ملڪ جو ناڻو وارو وزير ميڊيا ۾ خبرن جي زينت بڻيل هو. ڇو ته هن غريب پنهنجي آمريڪا ۾ رهندڙ ٻارن لاءِ 40 ملين ڊالر انعام طور موڪليا. ان تي وٺي ٽي ويءَ وارن گوڙ ڪيو ته هي پيسو ڪٿان ۽ آمريڪا ڇو ويو؟ ان تي غريب ڊار، ڊالر جي باري ۾ وضاحت ڏيندي فرمايو ته اهو پئسو منهنجو ذاتي آهي. جيڪو مون پنهنجي ٻارن کي تحفي طور ڏنو آهي. اسان جي حڪمرانن جا ٻار تحفي ۾ ڊالر وٺڻ پسند ڪندا آهن. ڊار جي ڊالر جي باري ۾ وضاحت کانپوءِ سڀ ڪجهه سمجهه ۾ اچي ويو ته اسان وارا حڪمران پنهنجي ٻالڪن کي ريجهائڻ لاءِ ڊالر تحفي طور ڏيندا آهن. ان لاءِ ان ڊالر جو ٻاهر جي ڪنهن بئنڪ ۾ هئڻ ضروري آهي. سائين ڏيو منهن؟ ملڪ ائين ٿو هلي…!!!

**************

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *