انگن اکرن جي بي رحم راند!؛سجاد مهر

انگن اکرن جي راند شروع ٿي وئي آهي. سرڪاري زبان ۾ جنهن کي سالياني بجيٽ چيو وڃي ٿو. عام فهم ۾ اهو ”حساب ڪتاب“، ”ڏي وٺ“ ۽ ”خرچ پکي“ جو ڪاٿو آهي، جيڪا سرڪار سڳوري لڳائي عوام مٿان مهرباني فرمائيندي آهي ته ٻئي پاسي ويچارو عوام ايڏي وڏي انگ اکرن جي سحر ۾ ڦاسي رڳو سرسري شين تي سوچي پنهنجي لاءِ ڪنهن آئيندي جي بهتري جون اُميدون پاليندو آهي. هينئر به عوام جون اکيون هڪ اُميد کڻي اسڪرين ۾ گهري ويون آهن، جتان هو پنهنجي لاءِ ڪا فائدي جي خبر تلاشي رهيون آهيون. فائدو جيڪو سرڪاري زبان مان اعلان جي صورت ۾ نڪتو آهي ته ”عوام کي وڌ کان وڌ فائدو ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسون.“ واعدو ۽ اعلان سرڪار لاءِ ڪا ايڏي جوکم جهڙي ڳالهه به ڪونهي، جهڙو جوکم انهن واعدن کي وفا ڪرڻ ۾ کين ملي ٿو. ٻيو وري فائدي جو فلسفو به عوام وٽ هڪڙو ته انتظاميه وٽ ٻيو آهي. بجيٽ توڙي جو ڪنهن به مذهب سان مطابقت نه ٿي رکي، اها پنهنجي باڊي لينگويج ۾ پنهنجي نالي جيان، بدمست ۽ بي پرواهه آهي، تنهن کي ڪنهن بکايل يا اُڃايل جو ڪو احساس نه ٿو هجي، اها سڀني تي هڪ جهڙو لاڳو ٿيندڙ شيءِ آهي. هر ڪنهن تي توڙي جو هڪ جهڙو اثر نه ٿي ڇڏي، تنهن ڪري هن کي غريب زبان ۾ بي پرواهه ته امير جي زبان وقت جو زيان سڏي ٿي. ڳالهه جيڪڏهن فرق جي اچي ته پوءِ هيءَ هر سال پنهنجي انگن اکرن ۾ رڳو تبديلي آڻي ٿي، کربن جا ڪاٿا ڪرائي ٿي، ڪروڙن جا ڪم ٻڌائي ٿي، لکن کان اربن جا اندازا هڻائي اخبارن جا پيٽ ۽ مسڪينن جا خيالي ذهن ڀري هلي وڃي ٿي. سندس اثر سڄو سال ڀوڳنا جو سفر ڪرائي ٿو. کڻي سڀ ڪجهه اچي ٿي، ڪرپشن اقرباپروري، ناقص اڪائونٽبلٽي، وزندار ڊجٽ، پر ڏئي رڳو ڏٽا ٿي وڃي. پڙهڻ کانپوءِ ته ائين ٿو لڳي ڄڻ مٿي جي سور جي ٽڪي ورتي هُجي، جيڪا اڌ ڪلاڪ تائين اثر ڪندي پر هيءَ اهڙي ڪوڙي گوري آهي جو مجال آهي مادي ۾ وڃي هضم ٿي.

اهڙي ئي بجيٽ هيل به هتي اچڻ واري آهي، جنهن جي پهچڻ کانپوءِ مهانگائي نئون موڊ ٺاهيندي، وصولين جي موسم پنهنجو مزاج بدلائيندي، خساري جو خواب کڻي ايندڙ هاڻوڪي بجيٽ تي 43 کربن جو نالو رکيو ويو آهي. جنهن ۾ مبينه طور ترقياتي ڪمن جي مد ۾ 580 ارب، دفاع لاءِ 720 ارب، ٽئڪس وصولين جو هدف 3200 ارب، خساري واري ”خوشخبري“ رڳو 312 اربن تائين، ضرب عضب لاءِ 45 ارب، مهانگائيءَ جي معمولي انگ جي شرح رڳو 6 سيڪڙو، وفاقي خرچ ۾ بس 310 ارب، صوبن کي سهانو بنائڻ لاءِ، انهن کي گذريل دور جيان خوب کان خوب تر بنائڻ لاءِ 838 ارب روپيا رکي اهو ٻڌايو ويو آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ فائدو ڏيڻ جو سوچيو آهي.“

انگن اکرن جي ان بي رحم راند کان اڄ جو بکايل ائين بي خبر آهي جيئن انتظاميه ڪنهن چيز جو اعلان ڪري عمل کان بي خبر ٿي پوندي آهي. انگ اکر ۽ حساب ڪتاب بک لاءِ ڪا به آٿت بڻجي نه ٿا سگهن، اها رڳو هڪ ذميواري آهي، جيڪا سرڪار اعلاني پنهنجو فرض پورو ڪري ٿي ۽ هي ويچارو عوام ان اعلان جي واٽ نهاريندي سڄو سال بک ڏک تي گذاري وٺي ٿو… انهن کي ڪهڙي خبر ته بک تي پاهه ٿيل پيٽن جي ڪٿا ڪهڙي آهي. کربن سان کيڏندڙ بجيٽ کي موت طاري ڪرڻ ۾ ڪهڙي تڪليف ٿي اچي؟

تنهن جو اندازو ڪونهي پر ها ايترو احساس ضرور آهي ته اها پريشان حالتون ضرور پيدا ڪري ويندي. عوام جي قسمت تي کلڻ وارن جو انگ توڙي جو کربن ۾ ناهي، پر هر دفعي اها داءَ تي لڳل دِل انهن ئي هارائي آهي، جيڪي ازل کان معصوم آهن، مظلوم آهن. اربن جا ٽيڪس اُهي ننڊون ناهي اورانگهي سگهي، جيڪي ننڊون بکايلن جي بي قراريءَ اُڏايون آهن. هڪڙي آپريشن عضب آهي، جيڪا دهشتگرديءَ خلاف آهي ته ٻيو حملو ڪمزور ڪفالت مٿان آهي، جيڪو بجيٽ جي نالي تي غافلن جي غفلت سبب غريبن مٿان ٿيندو آيو آهي. هيءَ بجيٽ انهن ماڻهن کي هر دفعي جيان هينئر به ڪجهه ڏئي نه سگهڻ جو اعلان ڪري ڄڻ ته انهن اُميدن تي به پاڻي ڦيري ويندي، جيڪي هروڀرو هي عوام هميشه لڳائي پوءِ مايوسين ۾ لهي ويندو آهي. عوام لاءِ رڳو واعدن جو اعلان ۽ سهائتا جي ڪا سنهڙي خبر به نه، تنهن ڪري الائجي ڇو ذهن جي اُڀ تي قتيل شفائي جون سِٽون چوڏهينءَ جي چنڊ جيان کِڙي پيون آهن….

پريشان رات ساري هي، ستارو تم تو سوجائو،

سڪوتِ مرگ طاري هي ستارو تم تو سوجائو.

همين ڀي نيند آجائي گي، هم ڀي سو هي جائينگي،

اڀي ڪڇ بي قراري هي، ستارو تم تو سوجائو.

رليف ۽ اذيت جو عجيب احساس ڏيندڙ اها 16-2015ع واري بجيٽ آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي مهربانيءَ سان ڊزائين ڪئي پئي وڃي. اِهي سموريون حالتون ڏسي، اسان لاءِ متوازن بجيٽ گهڙيندا ۽ پوءِ اسان جي جيئڻ ۽ سهولت ڀري زندگي گذارڻ لاءِ صلاحون ڏئي اسان کي رَب جي رضا تي راضي رهڻ جا مشورا ڏيندا ۽ اسين سڀ ايوان ۾ ويهي پرنٽ ٿيل پَنن تي بي شمار انگن واري بجيٽ پڙهي پاڻ به تاڙيون وڄائينداسون ۽ پنهنجي عوام کي به اهڙي تلقين ڪنداسون. مالياتي اداري ۽ ورلڊ بئنڪ جي نالي ٻُڌڻ کانپوءِ الائجي ڇو ائين محسوس ٿيڻ لڳندو آهي ته اسين خِلا ۾ آهيون ۽ پيراڇوٽ ذريعي لمحو لمحو هيٺ لَهي رهيا آهيون ۽ پوءِ پيراڇوٽ مان آءِ ايم ايف پنهنجو رستو سوراخ جي صورت ۾ ڪڍي ورتو آهي. اسان جي حساب ڪتاب جي ڪَٿ اُهي ڪري رهيا آهن، جيڪي اسان مان ناهن، ٻاهرين دنيا واري دل رکندڙ آهن، جن کي هتان جي حالتن جو آنڪيءَ جيترو اندازو به بنهه ڪونهي. اُهي اسان لاءِ جيئڻ جو جوڳو پلان جوڙي رهيا آهن ۽ اسين وفا جو جهنڊو جهولائي انهن جي اکرن ۾ اُميدون پوکي رهيا آهيون، هُو انصاف جو اسٽريٽجي پيپر لکي رهيا آهن، هتي اسان جو عوام سوچي رهيو آهي.

ميرا مُنصف هي ميرا قاتل هي،

ڪيا ميري حق ۾ فيصلا ديگا….

فيصلو جيڪو ايندڙ مالي سال 16-2015ع جي بجيٽ ۾ اچڻو آهي، فيصلو جنهن جي توقع لفافي تان ائڊريس پڙهي ئي ڪري سگهجي ٿي. سوچيان ٿو ته آسودن لاءِ الڳ ته بکايلن لاءِ الڳ بجيٽ هُئڻ گهرجي. بلڪل ائين جيئن ٻيون شيون هِن ملڪ ۾ سڀني لاءِ هڪجهڙيون ناهن، تيئن بجيٽ جي بمباريءَ جو اثر به الڳ الڳ هُجي ها، جيئن اميرن ۽ طاقتور ڌرين لاءِ اڻ سڌي طرح قانون کي ٻه اکيون آهن، هو امير جي واردات ۽ غريب جي غلطيءَ تي مختلف نظر ڌري ٿو. ڪاش ائين ئي گهٽ ۾ گهٽ اهڙي ”مساوات“ بجيٽ متعلق به رَوا رکي وڃي ها. بلڪل ائين جيڪڏهن هُجي ها ته گهٽ ۾ گهٽ بدحاليءَ اڳيان ته اسپيڊ بريڪر اچي سگهي ها، ٻَٽالن جو ٻاونجاهه رپيا ڪلو هُجڻ، گيهه جو ۽ اٽي جو 50 رپئي ڪلو هُجڻ، لکين رپيا پگهار کڻندڙ ڪاموري کان وٺي پنهنجو رت سَتُ ڏيندڙ پورهيت لاءِ هڪ جهڙو هُجڻ وڏي درد ڪٿا آهي. ائين ممڪن ڇو نه آهي جو غريب کي سرڪار پاران شناختي ڪارڊ جيان هڪ ”بکايل ڪارڊ“ ڏنو وڃي ها، جنهن تي هُن کي سيڌو، سَرنديءَ وارن کان سَستو مِلي سگهي ها، جيڪو هِن وقت امير لاءِ آنڪي ته غريب لاءِ ڊالر کان گهٽ ڪونهي. ڪا اهڙي بجيٽ ڊزائين ڇو نه ٿي ڪئي وڃي، جنهن ۾ غريبن جي نالي تي بجيٽ ٺاهيندڙ، ڪو سچ ۾ انهن لاءِ رليف رکي سگهن ها. هاڻوڪي بجيٽ ۾ توڙي جو مالدارن جي عيد هوندي، واپارين ۽ ڌنڌوڙين جو ته ڌاڪو هوندو پر معصوم بي پهچ کيسو خالي ماڻهو ويتر ڀوڳيندو. ان جي مهانگائي ۾ ڪو هڪ پرسنٽ جي ڪمي به ڪري نه سگهندو. پگهارن ۾ ڏهه پرسنٽ متوقع اضافو به مخصوص هوندو، پر اهو نوڪري حاصل نه ڪري سگهندڙ همراهه لاءِ ڪنهن خواب جيان هوندو. هيءَ غربت به سڀني تي لاڳو ڇو نه ٿي ڪئي وڃي، جيئن اميريءَ کي ٽيڪو ڏئي وڌيڪ توانو ڪيو وڃي ٿو.

فيض احمد فيض جي سِٽن جيان ته ”بول ڪي لب آزاد هين تيري، بول ڪي سچ زنده هي اب تڪ“ اهو ڇونه ٿو پُڇيو وڃي ته ”بتا تيري رضا ڪيا هي“ اُهي انصاف جون تقاضائون ڪيڏانهن ويون، جن جي آڌار تي معاشري جي مناسب تشڪيل ڪري سگهجي ها. ڪڏهن ايندا اهڙا انگ اکر جيڪي غربت لاءِ آٿت آڻيندا، ڪڏهن ايندا اُهي ذهن جيڪي معصومن جي مزاج تي پنهنجي احساسن جي ٿڌي ڇانوَ پوکيندا. هي اکر جيڪي ٻُڌجن پيا، اهي سَستا ڪونهن ڪي، اها بَدمستي آهي، فراريت آهي، دوکي بازي آهي، شطرنجي آهي، جيڪا پنهنجي عوام سان ڪئي پئي وڃي. بند پيل اکيون آخر ڪڏهن کُلنديون؟ اهو نِدورو نظام ڪڏهن بدلبو، ڳوڙهن کي اُگهڻ وارا هَٿ ڪڏهن جاڳندا، نصيب جي نالي تي ٺڳيءَ جو اهو ڪاروبار آخر ڪيستائين هلندو؟ ڪاش! ڪو اهڙي احساسَ کي سمجهي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.