انڪار جي آگاهي: شوڪت لوهار

غلامي لاءِ ڪا حتمي وصف موجود ڪو نه آهي. اِها ڪڏهن ڪهڙين شڪلن ۾ رهي آهي، ان لاءِ ڪا آخري راءِ ڪونه آهي. اسان کي صرف اِها ئي غلامي نظر ايندي آهي، جيڪا اسين تاريخ جي ورقن ۾ پڙهندا آيا آهيون يا اسپارٽيڪس جهڙي شاهڪار مان معلوم ٿي آهي. اسان صرف انهي نقطي تي بيٺا آهيون ته غلامي صرف پراڻي دؤر ۾ ٿيندي هئي، هاڻي ڪو نه آهي؟ اِهي ماڻهو جيڪي پيرن ۾ لوهيون ٻيڙيون پارائي ۽ ڳچي ڳانا لوهه جا ڪري هِڪ ڏيهه کان ٻئي ڏيهه پهچايا ويندا هئا ۽ پوءِ انهن جي قسمت جو فيصلو انهن جي قيمت جي وصولي کانپوءِ ڪيو ويندو هو. ائين سدائين ٿيندو آيو آهي. انسان هر دؤر ۾ نيلام ٿيندا رهيا آهن، انهن جي نيلامي ڪنهن هِڪ دؤر تي محيط ٿورو ئي آهي. طبقاتي زنجيرن ۾ ويڙهيل ماڻهو جو ماس، رنگ ۽ نسل ڌن دولت جا پنجوڙ ماڻهو کي جيئري مرڻ جهڙو بڻائي وجهن ٿا.قيد خانو رڳو جيل جي ڪال ڪوٺڙي ٿورو ئي هجي ٿي، ڇا هِي زندگي وڏو قيدخانو ڪو نه آهي، جنهن ۾ وک وک تي هزارين سپاهي بيٺا آهن، جيڪي ساهه کڻڻ جي قيمت وصول ڪن ٿا.هر دؤر پنهنجي پنهنجي حساب سان غلامي جي وصف ٺاهي ٿو. پراڻي زماني ۾ ماڻهن کي هٿ ڪڙول وجهي بازار ۾ وڪيو ويندو هو، اڄ ماڻهو بغير هٿ ڪڙول جي پاڻ وڪري لاءِ موجود آهن. اڳي گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو، ٻارڙا ماسيون سڀئي لفط ”غلام“ جي چئي هيٺ ايندا هئا، اڄ اهي سڀ لفظ ”نوڪر“ جي چادر ۾ ويٺا آهن. مون کي ڪڏهن ڪڏهن سنڌي ٻولي جي تبديلي واري لهر تي حيرت ٿيندي آهي، جنهن ماسي جهڙي انمول رشتي کي اهڙي ڀيانڪ معنيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ماسي معنيٰ امڙ جي ڀيڻ معنيٰ ساڳي امڙ پر افسوس ته هن ڪارپوريٽ سماج ۾ رشتن جي نڙي تي الائي ڪنهن ڪاتي وهائي ڇڏي آهي. لهو لهان اسان جو سماج طبقاتي اونچ نيچ جي ڪري نوٽن جي هٻڇ ۽ ان جي هيروئني بدت سبب سڀ ڪجهه وساري چڪو آهي. اڄ جي معاشري ۾ جيڪا ڀڃ ڊاهه آهي، اِها هِڪ وڏي معاشي ڀونچال جو اهڙو واڄٽ Siran آهي، جيڪو پڙاڏو ٿيڻ ۾ دير ي ڪو نه ڪندو. هي رشتن جو شيش محل ڪيڏي به محل ڌڙام ڪري هيٺ اچي ڪرندو. سڀ ڪجهه ڀور ڀور ٿي ويندي.جديد دؤر ۾ غلامي جون تقاضائون پنهنجون آهن. طاقتور نوڪر شاهي کي افسر شاهي بڻايو ويو آهي. ماتحت کي صرف غلام جو ٽيگ لڳل ڪو نه آهي، باقي ان جي وصف ساڳي آهي.ڪنزيومر مارڪيٽ ۾ قدر صرف انهي شيءِ جو آهي، جيڪا گهڻو وڪامي ٿي.منهنجي نظر ۾ جديد دؤر ۾ غلامي هزارين دفعا وڌي آهي يا ائين کڻي چئجي ته معاشي ضرورتن جي پيئڻ بلا اسان مان جيئڻ جو ساهس ڪڍي ڇڏيو آهي. ماڻهو کي آگاهي هوندي اڻ ڄاڻائي جو مظاهرو ڪرڻو پوي ٿو. بي وسي ۽ لاچاري ۾ هو پنهنجو پاڻ کي جڏهن جاچي ٿو ته پنهنجا هٿ پير سماجي، معاشرتي زنجيرن ۾ ٻڌل ڏسي ٿو ۽ زبان تي لڳي وڃن ٿا، چپ جا تالا.مون کي چڱي ريت ياد آهي پڙهائي واري زماني ۾ يونيورسٽي ۾ ڪا سياسي وي آءِ پي شخصيت آئي هئي ۽ اسان سڀني ان جي تقرير نه چاهيندي به ٻڌي هئي جو اسان کي ٻاهر وڃڻ نه پئي ڏنائون. انهن ڏينهن ۾ مون کي سخت بخار هو، پر جيستائين ان وي آءِ پي شخصيت جي رخصتي نه ٿي، اسين آرٽ فيڪلٽي ۾ واڙيل هئاسين. نيٺ بک ۽ بخار ۾ پاهه ٿي سياسي شخصيت جا تمام گهڻا ”ٿورا“ ادا ڪياسين ۽ دعائون ڏنيون سين.فلائيٽ پي ڪي 370 ۾ ڪجهه ائين ئي ٿيو جو ان جي وڊيو هاڻ ڪنهن کان لڪل ڪانه آهي. اِها وڊيو جنهن به ڏٺي هوندي هاڻ ڪجهه گهڙين لاءِ سوچن جي چهنڊڙين ۾ ضرور رهيو هوندو.ان ۾ جڏهن اڳوڻو گهرو وفاقي وزير رحمان ملڪ سوار ٿيڻ اچي رهيو هو ته ماڻهن شور مچايو ته ڇا هي فلائيٽ اوهان جي ڪري ليٽ ٿي آهي؟ ان کانپوءِ نواز ليگ سان تعلق رکندڙ ايم اين اي رميش ڪمار پڻ اهڙي پڇا ڳاڇا مان گذريو. سينيٽر رحمان ملڪ ته پٺيان پير ڪيا. آخرڪار اڏام ٻه ڪلاڪ دير ٿي ۽ ماڻهن ۾ گهڻو تاءُ هو. ان واقعي کانپوءِ ان اڏام جي عملي کي معطل ڪيو ويو ۽ ڪارروائي جاري آهي.اِهو ڪو پهريون موقعو ڪونه آهي جو ائين ٿيو هجي. اصل ۾ اسان وَٽ ڪنهن به اهم شخصيت جنهن کي عرف عام ۾ سائين، پير، مير، سردار، نوابزاده، سردار زاده، صاحب وغيره جي پروٽوڪول ۾ ويڙهيو ويندو آهي. وقت تي اچڻ برو لڳندو آهي. اِهو اسان جو رواج آهي. ڀلي ڪجهه به ٿي پوي پر جيئن ته قبلا سائين وي آءِ پي اڃا تائين ڪونه پهتا آهن، ان ڪري في الحال اوهان کي انتظار ڪرڻو پوندو.اوهان شادي جي تقريب ۾ وڃو، ماني ڏهه وڳي لکيل آهي، مجال آهي جو اِها ڏهه وڳي شروع ٿئي، جڏهن رات جو هڪ وڳي ماني ملي ته ٺيڪ آ نه ته اوهان بکيا واپس ٿيندا.ڪنهن جلسي کي خطاب ڪرڻو هجي ته اهم شخصيت جو اچڻ هميشه دير سان ٿيندو آهي جو اِها ڳالهه ان جي شان وٽان ڪينهي ته هو وقت کان اڳ اچي بيهي رهي.اوهان ڪنهن ڊاڪٽر وٽ وڃو هو فارما سرٽيڪل ڪمپنين جي لالچائيندڙ پيڪيجز ۾ گم هوندو، حرام آهي جو اوهان جو چيڪ اپ ڪري! اهڙي ريت اوهان ڪنهن قطار واري جاءِ تي وڃو. اوهان قطار ۾ بيهي بيهي ساڻا ٿي پوندا، پر جيڪو وڏي گاڏي ۽ پروٽوڪول سان اچي ظهور پذير ٿيندو، ان جو ڪم هڪ منٽ ۾ ٿي ويندو.اسان وٽ وي آءِ پي ڪلچر ايترو گهرو ٿي چڪو آهي جو ان جو ايتري جلدي ختم ٿيڻ ممڪن ئي ڪونه آهي.ڳوٺن ۽ واهڻ وستين ۾ وڃو، اُتي ننڍا ننڍا وڏيرا، جيڪي ڪنهن برادري يا فيملي جا وڏيرا آهن، انهن وٽ عرض ڪرڻ لاءِ ڏينهن مقرر ٿيل آهن، ٻي صورت ۾ اوهين شام جو اتي هليا وڃو ته اوهان کي اهائي ورندي ملندي:

”خان صاحب آرام ۾ آهن“

”نواب صاحب خلوت ۾ آهن“

انهي صورتحال کي ڀل ڪيترو به وقت ٿي وڃي، اوهان کي اِهو انتظار ڀوڳڻو آهي. ڇاڪاڻ ته اوهان عوام آهيو ۽ دربدري، ڌڪا ۽ ڇڙٻون هن عوام جو مقدر ٿي چڪا آهن، پر هي عوامي غصو ۽ ري ايڪشن انهيءَ ڳالهه جي عڪاسي ڪن ٿا ته ماڻهو هاڻ بيزار ٿي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته چئبو آهي ته تنگ آمد بجنگ آمد.طبقاتي نظام ڪنهن به طرح انسان جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪارگر ڪو نه آهي. هِڪ طبقو پيڙهيل جيڪو هِڪ وقت جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان هجي، ٻيو طبقو اهڙو جيڪو ماني کائي هزارن جي نوٽن کي ٽشو پيپر بڻائي پنهنجو منهن صاف ڪري، هِڪ طبقو اهو جنهن کي گٽر جو پاڻي پيئڻ لاءِ دستياب نه هجي، ٻيو اِهو جيڪو ولايتي پاڻي جا ٻوچ کوليندي سرهو ٿئي ته اوهين ڪهڙي برابري جي اميد رکي سگهو ٿا.اسين جيتري تائين انڪار ڪرڻ ڪونه سکنداسين، جيتري تائين وي آءِ پي ڪلچر نامنظور جو پيغام گهر گهر تائين عام ڪو نه ٿيندو، هي جديد غلامي ختم ڪونه ٿيندي. انسانيت جي نجات وي آءِ پي ڪلچر جي انڪار ۾ پيوست آهي.

************

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *