ڪجهه ڏينهن کان وٺِي ڪراچي رينجرس پاران آصف علي زرداري جي ويجهي دوست ۽ سندس بزنس پاٽنر انور مجيد خلاف ڪاروايون ڪيون،جن ڪاروائين جي ڪري انورمجيد جي گهر مان مختلف قسمن جا هٿيار هٿ ڪري مٿس مختلف ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن،جڏهن ته انور مجيد خلاف ڪاروايون تڏهن کان شروع ٿيون آهن،جڏهن کان پاڪستان جو پراڻو سابق صدر آصف علي زرداي پاڪستان آيو هوُ،پر اڄ تائين ڪا واضع ڳالهه سامهون نه اچي سگهي آهي ته انور مجيد خلاف ٿيندڙ ڪارواين خلاف ڪهڙو مقصد آهي،ڇا انهي ڪاروائين جي ڪڙي ڪٿي نه ڪٿي آصف علي زرداري سان وڃِي ملي به ٿي يا نه،؟پر خير اهو معاملو اڃان الجهيل ئي آهي،آصف جي پاڪستان اچڻ کان پوءِ آصف مختلف سياسي ڪمن کان ويندي شهيد راڻي جي ٿيندڙ نائين ورسي جي حوالي سان تمام گهڻو مصروف آهي پر ان هوندي به هن پنهنجي پراڻي دوست ڊاڪٽر عاصم سان ملاقات ڪئي،۽ سندس بيمار پرسي پڻ ڪئي،ڊاڪٽر عاصم جيڪو هن وقت ڪنهن اسپتال اندر دل جي بيماري سبب زيراعلاج آهي،ڊاڪٽر عاصم خلاف به پهرين رينجرز ئي ڪاروايون ڪري کيس ڪرپشن ڪيس اندر گرفتار ڪيو هوُ.جنهن کان پوءِ کيس نيب ۽ پوءِ پوليس حوالي ڪيو ويو هوُ،جيڪو اڄ به انهي ڪرپشن ڪيس ۾ پوليس جي ڪسٽڊي ۾ اسپتال اندر دل جي بيماري سبب زيراعلاج آهي،رينجرس ڪراچي اندر ڊاڪٽر عاصم خلاف جيڪي ڪاروايون ڪيون ۽ هن وقت جيڪي انور مجيد خلاف ڪاروايون ڪري رهي آهي،ان مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته پاڪستان اندر اهو ئي ماحول ٺهي رهيو آهي جيڪو ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري واري دور ۾ ٿي ويو هوُ،پر فرق صرف ايترو آهي ته ان وقت پاڪستان پيپلز پارٽي ڊاڪٽر عاصم جي ڪيس جي معاملي تي ڊاڪٽر عاصم کان لاتعقي جو اظهار ڪيو هوُ،پر هن وقت انور مجيد خلاف ٿيندڙ ڪاروائين دوران به آصف رزادي جو اهو بيان سامهون آيو ته هو انور مجيد کان لاتعلق ناهي، آصف اهو واضع چيو آهي ته هن سندس دوست انور مجيد کان ڪا لاتعقي ناهي ڪئي،هو اڄ به کيس پنهنجو دوست ۽ بزنس پاٽنر سمجهي ٿو،۽ انور مجيد جي ڪيس جي باري ۾ آصف علي رزادي چيو ته انور مجيد جي ڪيسن جي باري ۾ وفاق سان ڳالهيو ويندو،
ٻئي پاسي ڪالهه وري به هڪ دفعو ٻيهر ڪراچي رينجرس انور مجيد کي گهر تي هڪ وڏي نفري ساڻ ڪري ڇانپو هنيو،جنهن ڇاپي مان وڏي تعداد اندر اسحلو هٿ ڪيو ويو،جڏهن ته سڪيورٽِي ادارن پاران اهو به بيان سامهون آيو هوُ ته انور مجيد جي گهر مان جيڪو اسحلو هٿ ڪيو ويو آهي اهو سمورو اسحلو بنا لائيسنس آهي،۽ بنا لائيسنز هٿيار رکڻ جي الزام هيٺ انورمجيد خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا آهن،اها ڳالهه ته ياد رکڻ گهرجي آصف علي زرداري جي پاڪستان اچڻ کان پهرين آءِ آءِ چنديگر روڊ تي ۽ نيشل هاڪي اسٽيڊيم ويجهو ريجنرس ڇانپو هنيو،جنهن مان به وڏي تعداد اندر بنا لائيسنس وارا هٿيار هٿ ڪيا ويا هئا،آصف جي پاڪستان اچڻ کان پوءِ ٻيوشرجيل انعام ميمڻ به پاڪستان اچڻ جو اعلان ڪيو هوُ،جڏهن ته ڪراچي اندر هلندڙ رينجرس ڪاروائين کان پوءِ هن پنهنجو فيصلو تبديل ڪري ڇڏيو آهي،انور مجيد جي گهر تي هنيل ريجنرس جي ڇانپي مان هن وقت تائين ڪيترا خفيه دستاويز 17ڪلاشنڪوف 4پستول9بال بم۽ مختلف قسمن جو3225گوليون هٿ ڪيو ويون آهن،جڏهن ته اهڙي قسم جا غيرقانوني هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ مٿس ٻه کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن،
انڪري ڪيترن ئي تجزيڪارن جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن ملڪ اندر اهڙيون حالتون رهيون ته شايد آصف پاڪستان اندر گهڻو وقت پاستان ۾ نه گذاري،جڏهن ته حالتون به ڪجهه اهڙيون ئي نظر اچي رهيون آهن جن مان اهو صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته آصف گهڻو وقت پاڪستان ۾ نه گذاريندو،آصف ڀلي هن وقت پاڪستان مان واپس هليو وڃِي ته اهو هر ڪنهن کي يقين آهي ته جڏهن پاڪستان اندر الڪيشن وارو ماحول ٿيندو ته آصف وري پاڪستان موٽيندو،هن وقت آصف پاڪستان مان واپس ويو ته سياسي ميدان بلاول لاءِ ڇڏي ويندو ۽ بلاول 2018ع واري ٿيندڙ اليڪشن جي پنهنجي طاقت آهر ڪوششون ڪندو رهندو.ملڪ اندر هن وقت ڪيترائي سياستدان اهو به چئي رهيا آهن ته ايندڙ اليڪشن 2018ع ان پهرين ٿيندي پر اهو سڀ ڪجهه غلط آهي اهڙو به ماحول پيدا ٿيو ئي ناهي جنهن مان اهو ثابت ٿي ته الڪيشن کان پهرين اسيمبليون ٽٽي وينديون،جڏهن ته آصف خد اهڙو بيان ڏنو آهي ته هوُ اهڙو ڪو به قدم نه کڻندو جنهن مان جهموريت کي خطرو پيدا ٿي،انڪري اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته بلاول جيڪو آصف جي اچڻ کان پهرين نواز حڪومت جي استيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيو هوُ،اهو پنهنجي والد جي بيان کان پوءِ خاموش ٿي ويندو،ڇو ته پ پ چڱي طرف ڄاڻي ته اها جهوريت ئي آهي جنهن جي ڇپر ڇانوءَ ۾ هن هميشه پناهه ورتي آهي،جيڪڏهن جهموريت نه هجي ها به آصف هرگرز ئي پاڪستان واپس نه اچي هان، هن وقت به آصف جي واپسي جي ڳالهه عام آهي،سنڌاسيمبلي جي ڊپٽي ڊاريڪٽر جي (پ پ پ ) جي رهنما شهلا رضا خد انهي ڳالهه کي واضع ڪيو ته مولابخش چانڊيو پاران آصف جي واپسي وارو بيان ڪراچي اندر ٿيندڙ ريجنرز ڪاروائين جو رد عمل آهي،۽ پ پ اهو به ڄاڻي ته آصف جي پاڪستان اچڻ کان پهرين رينجرس جون ڪاروايون ۽ اوچتو ئي اوچتو چوڌهري نثار جو ٽي وي تي اچڻ يقينن پ پ لاءِ خطري جي گهنٽي آهي،پر خير آصف هن وقت پاڪستان آِيو آهي ته پاڪستان اندر خاصو ماحول به تبديل ٿي چڪو آهي،پاڪستان آرمي چيف جي جاءِ تي ٻيو آرمي چيف اچي ويو آهي،ڪورڪمانڊر ڪراچي،ڊي جي ريجنرز سنڌ،ڊي جي آءِ ايس پي آر سنڌ،اهي سمورا عهدا آصف جي اچڻ کان پهرين ئي تبديل ٿي چڪا آهن،جڏهن ته آصف اچڻ سان ئي هڪ نرم لجهو اختيار ڪيو جنهن اندر هن چيو ته هوُ پراڻو نه پر هڪ نئون پاڪستان جو خواب کڻي آيو آهي،جنهن مان ڳالهه رومال ۾ ويڙهيل ضرورو آهي ته سمجهڻ ايتري ڏکي ناهي،پ پ سمجهي ٿي ته سنڌ مان عهدا تبديل ٿيا آهن ان سان ماحول به تبديل ٿيو هوندو. پر ائين ناهي،انورمجيد خلاف ٿيندڙ ڪاروائين مان پ پ سمجهي سگهي ٿي ته عهدا تبديل ضرور ٿيا آهن پر وقت ساڳيو ئي آهي،جيڪو ڪنهن وقت به تبديل ٿي سگهي.
******