انشورنس جي شروعات ڪيئن ٿي؛پروفيسر مدد علي جهتيال

انشورنس جي شروعات ڪيئن ٿي ۽ اها اڄ جي دور ۾ ڇو ضروري سمجهي وڃي ٿي؟ اهو هڪ سوال آهي جنهن کي سمجهڻ ضروري آهي. انشورنس نه هوندي هئي تڏهن به دنيا جهان روان دوان هئي، پر اڄ جي دور ۾ ان جي ڇو ضرورت محسوس ڪئي وئي آهي؟ اڄ جي دور ۾ ڇو انشورنس کانسواءِ ڪوبه ڪاروبار نه ٿو هلي؟ انشورنس جي ايتري ضرورت ٿي وئي آهي جو گاڏين، ڪاروبارن کان ويندي ماڻهن جي به انشورنس لازمي ٿي چڪي آهي؟ اوهان ڪنهن بئنڪ کان قرض وٺندئو تڏهن به ان جي انشورنس ٿئي ٿي.مون وٽ الائي ڪيترا انشورنس ڪمپنين جا دوست انشورنس وٺڻ لاءِ آيا، انهن مان هڪ دوست ته گذريل ڇهن مهينن کان پنڌ پيو ڪري، مون کي چئي پيو ته سر اوهان پنهنجي به ۽ پنهنجي ٻارن جي به انشورنس رکو.مون ان کي چيو ڀلا اهو ٻڌاءِ انشورنس ڇو ضروري آهي؟ مون کي اهڙي طريقي سان سمجهايائين جو منهنجا ست ئي وڄي ويا. اهڙي مهارت شايد ڪنهن ماڻهو وٽ هجي. چيائين سڀ کان پهريان مون انشورنس ڇو شروع ڪئي، ان جو ٿو اوهان کي ٻڌايان. سائين هي ان دور جي ڳالهه آهي، جڏهن سرمائيدار واپاري ٻيڙين جي ذريعي ڪاروبار ڪندا هئا، سرمائيدار جي هر وقت اها ڪوشش رهندي هئي ۽ اڄ به آهي ته آئون گهڻي کان گهڻا پئسا پنهنجي ڪاروبار ۾ لڳايان ته جيئن منافعو به گهڻي کان گهڻو حاصل ٿئي. انهيءَ ڪشمڪش ۾ هو پويان ذرو به سرمايو نه بچائيندا هئا. اتفاق سان ڪنهن کي ڪاروبار ۾ نقصان پهچندو هو ته هو زيرو تي هليو ويندو هو، ان دور ۾ هي چوڻي پڻ وجود ۾ آئي ته ”ڪهڙو کنڊ جو جهاز ٻڏو اٿئي“ نتيجو اهو نڪرندو هو جو سرمائيدار لاءِ ٻيهر ڪاروبار ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو هو. اهڙن حادثن ۽ نقصانن کان بچڻ لاءِ ڪجهه سياڻن سرمائيدارن انشورنس پاليسي متعلق سوچ ويچار ڪرڻ شروع ڪيو، سوچ ويچار ڪرڻ کانپوءِ انشورنس جي شروعات ڪئي ته جيئن سرمائيدار کي ڪو اتفاقي نقصان پهچي ته ان کي انشورنس جي رقم سان سهارو ڏئي سگهجي. ڪاروباري ماڻهن کانپوءِ زميندارن کي پڻ ان طرف مائل ڪيو ويو ته جيئن اهي ان جو حصو بڻجن، خدانخواسته ڪنهن جو فصل سٺو نه ٿو ٿئي يا فصل سيلاب ۾ لڙهي ٿو وڃي ته هو انشورنس جي مدد سان ٻيهر پنهنجون زمينون آباد ڪري سگهي. ان کانپوءِ اگر ايمرجنسي ۾ ڪنهن کي پئسن جي ضرورت پوي ٿي ۽ ان جي ڪٿان به واهر نه ٿي ٿئي ته هو انشورنس ۾ پيل پئسا فورن ڪڍرائي سگهي ٿو، بنا ڪنهن ضامن ۽ شرطن شروطن جي. خدانخواسته ڪنهن انشورنس ڪرايل فيملي جو ڪو ڪمائيندڙ، ڪفالت ڪندڙ ڪنهن حادثي ۾ شديد زخمي ٿئي ٿو يا ڪمائڻ جهڙو نه ٿو رهي، تڏهن به انشورنس ڪمپنيون ان جي مالي مدد ڪنديون رهنديون آهن، ان سان گڏوگڏ ان تي انشورنس جي ساليانا قسط هميشه لاءِ معاف پڻ ڪئي وڃي ٿي. جي الله نه ڪري ان جي فوتگيءَ ٿئي ٿي ته انشورنس ڪمپنيون، ان جي پويان خاندان جي ڪفالت جو ذمو پڻ پنهنجي هٿ کڻن ٿيون، ايتري حد تائين جو ان جي ٻارن جي پڙهائي جو خرچ پڻ انشورنس ڪمپنيون برداشت ڪن ٿيون.مون کيس چيو ته ڀلا اڄڪلهه انشورنس ڪمپنيون ڪهڙيون پاليسيون ڏين پيون، چيائين ته سر انشورنس ڪمپنيون بئنڪن جيان ٽائيم ٽو ٽائيم پاليسيون تبديل ڪنديون رهنديون آهن ته جيئن ڪسٽمر کي وڌ کان وڌ جديد طريقي ۽ رجحانن مطابق فائدا پهچي سگهن. هن وقت هي پاليسيون هلي رهيون آهن. انڊومينٽ پلان، ايجوڪيشن پلان، ميرج پلان، بگ ڊيل پلان، انڊومينٽ لائف پلان، شاد آباد پلان وغيره.هن وقت ته انشورنس جو ڪاروبار پوري دنيا جو اهم ڪاروبار بڻجي چڪو آهي، دنيا جا ڪيترائي ملڪ آهن جن جو انشورنس ڪمپنين ۾ شيئرس موجود آهن. ڪنهن ڪنهن ملڪ ۾ انشورنس ڪمپنيون حڪومت جي نگراني ۽ سرپرستي ۾ هلن پيون. مون کيس چيو ته ڀلا حڪومت کي انشورنس مان ڪهڙا فائدا پهچندا، چيائين سائين اوهان ته ائين پيا سوال ڪيو، جيئن اوهان بلڪل اڻڄاڻ آهيو. انشورنس ڪمپنين وٽ ڪروڙين اربين رپيا گڏ ٿيندا آهن، انشورنس ڪمپنيون حڪومت جي ڏيوالي وقت، حڪومتن جي زوال وقت يا جنگي حالتن ۾ ان پئسي کي استعمال ڪنديون آهن. ان کان علاوه انشورنس ڪمپنيون سمال انڊسٽريز کي پڻ ڪروڙن، اربن رپين جو قرض مهيا ڪنديون آهن ته جيئن اهي پاڻ به ڪمائين، ملڪ جي فائدي لاءِ ڪم به ڪن، ان سان گڏوگڏ پنهنجي ڪمائي جو حصو انشورنس ڪمپنين کي پڻ ڏينديون آهن.مون کي پنهنجي ئي ڳوٺ جو هڪ مثال ٻڌايائين ته اوهان جي ڳوٺ جو فلاڻو ماڻهو روڊ حادثي ۾ اتفاق سان مري ويو. ان جون انشورنس ڪمپني ۾ ٽوٽل 2 قسطون جمع ٿيل هيون، ان جي فيملي کي انشورنس ڪمپني ڪجهه ڏينهن اندر 4 لک ڏنا، ان جي هڪ لک جي پاليسي رکيل هئي، جيڪا 20 سالن کانپوءِ ميچوئر ٿي ها، جيڪڏهن هو جيئرو هجي ها ته 20 سالن کانپوءِ ان کي چار لک ملن ها، ان تي مون کيس چيو ته 20 سالن کانپوءِ چار لکن جي ويليو ڇا هوندي. چيائين سَر 20 سالن کانپوءِ چار لکن جي واقعي ويليو ايتري نه هوندي، پر ان کي ايمرجنسي يا ڪنهن حادثاتي وقت ۾ اهي پئسا ملي وڃن ته ائين سمجهو اهي چار لک نه آهن، 50 لک آهن. ڇو جو ايمرجنسي ڪڏهن پڇي نه ايندي آهي. خاص ڪري اسان جي ملڪ جي ته اهڙي حالت آهي جو آئي ڏينهن اهڙا حادثا ٿيندا رهن ٿا، جنهن جو ڪو گمان ئي نه هوندو آهي.هن ملڪ ۾ ڪو اهڙو ماڻهو ٻڌايو جيڪو چوي آئون محفوظ يا حفاظت ۾ آهيان، هر ماڻهو پنهنجي طرفان وَس ڪندو رهي ٿو ته پاڻ کي بچايان پوءِ به هن ملڪ ۾ ان سان ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿيندو ڏٺو آهي، اڄ جي دور ۾ ته اهڙي حالت آهي جو ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ به پاڻ کي محفوظ نه ٿو سمجهي. گهرن اندران وڏا وڏا تالا هڻي سمهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، تڏهن به کيس ڊپ ۽ خوف رهي ٿو ته ڪو چور يا ڪو ڌاڙيل تالا ٽوڙي گهر ۾ نه ڪاهي پوي، ماڻهن پنهنجي گهرن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پڻ هر سال لکين رپيا خرچ ڪري پيو. تڏهن به انهن جا گهر، آفيسون ۽ ڪاروبار محفوظ نه آهن. رات ته ٺهيو ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙو، ڦرون، چوريون ۽ اغوائن جا واقعا ٿي رهيا آهن.مون کيس چيو ها ادا تون برابر سچو آهين، حڪومت جي ته ڪٿي به رٽ نظر نه پئي اچي. ان جو مثال اهو آهي جو هر ماڻهو پنهنجي حفاظت پاڻ پيو ڪري، اوهان بئنڪن جي ٻاهران ڏسو، مارڪيٽن، دڪانن، پلازائن، بنگلن، بسن، ٽرالن، ٽڪن ۽ پنهنجي ذاتي بچاءُ لاءِ پرائيويٽ گارڊز يا باڊي گارڊ رکيل ڏسڻ ۾ ايندا. خبر ناهي ته حڪومت ڇا ٿي ڪري، جو نه هو گورنمينٽ ادارن کي بچائي سگهي آهي، نه پرائيويٽ ادارن کي! ايتري حد تائين جو انسان جي جان ۽ مال کي به نه بچائي رهي آهي.

حڪومت جي ذميوارين ۾ انسان جي جان و مال بچائڻ جي ته اولين ذميواري آهي. ايڏي وڏي ڪوتاهي ۽ غفلت سمجهه کان ٻاهر آهي، آخرڪار حڪومتون اچن ڇو ٿيون؟ انهن جو مقصد ڇا آهي؟ ڇا ڪٿي انهن جو مقصد صرف اهو ته نه وڃي بچيو آهي ته پنهنجا ۽ پنهنجن جا پيٽ ڀرڻا آهن؟ پيٽ به ايڏا وڏا اٿن جو سالن جا سال ڀرجن ئي نه ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

1 thought on “انشورنس جي شروعات ڪيئن ٿي؛پروفيسر مدد علي جهتيال

  1. خدا حافظ ،
    توهان هڪ قرض ڳولي رهيا آهيو، هڪ ڪارپوريشن قرض، ذاتي ڳولڻ لاء
    قرض، گهر قرض، آٽو قرض، طالب علم قرض، استحڪام قرض،
    غير محفوظ ڪيل قرض، وڪري سرمائي وغيره. توهان کي قرض قرض يا مالي آهي
    هڪ يا وڌيڪ سببن لاء رد. توهان هڪ درست هنڌ حاصل ڪرڻ ۾ آهيو
    قرض جو حل! آئون هڪ خانگي قرضدار آهيان، مان ڪمپنيء جو قرضدار آهيان
    ماڻهن سان گهٽ دلچسپي جي شرح ۽ 2 سيڪڙو گهٽ سود شرح جي شرح.
    اسان سان اي ميل سان رابطو ڪريو: albakerloanfirm@gmail.com

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *