انساني قدرن جو امين: سائين بچل شاهه ؛غلام رسول سومرو

اسان جي معاشري ۾ تمام گهٽ اهڙا ماڻهو ملن ٿا، جيڪي پنهنجي ذميوارين کي صحيح نموني پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هجن ۽ ان کان به گهٽ اهڙا ماڻهو ملن ٿا جيڪي مالڪ جي مخلوق سان بنا ڪنهن نسل، رنگ، مذهب، فرقي توڙي طبقاتي فرق جي انساني بنيادن تي محبت ۽ خدمت ڪندا هُجن. پنهنجي ڪم سان محبت، توڙي معاشري اندر مثبت روين کي فروغ ڏيندڙ ماڻهو تمام ٿورا ملن ٿا، پر جيڪي ماڻهو معاشري جي فلاح، انسانن جي شعور توڙي انهن جي بنيادي انساني حقن لاءِ جاکوڙين ٿا سي هميشه زندهه رهن ٿا.چون ٿا ته جڏهن ڪنهن ماڻهو سان توهان کي ملڻ جو اشتياق رهي ۽ جنهن سان ملڻ بعد اوهان کي روحاني خوشي ۽ پنهنجائپ جو احساس ٿئي ته اهڙي ماڻهوءَ جي سچائي ۽ بزرگي جو اهو وڏو ثبوت هجي ٿو. هونئن به چوندا آهن ته جيڪي ماڻهو انسانن جي خدمت ۾ يقين رکن ٿا، سي هميشه مالڪ وٽ اعليٰ درجي تي هوندا آهن. تاريخ جي هڪ بدقسمتي اها به آهي ته تاريخ ۾ حقيقي انساني خدمتگارن، سماج سڌارڪ سچن ماڻهن جيڪي قومن جي مستقبل کي سنوارڻ ۾ خاموشي سان هڪ وسيع ڪردار ادا ڪن ٿا، تن کي تاريخ ۾ تمام گهٽ جڳهه ملي ٿي. اسان جي معاشري ۾ جتي منافق، ٺڳ، مصنوعي ماهر، نيم تعليمدان ۽ دانشور توڙي موقعي پرست اڳواڻ عام جام ملن ٿا، اُتي حقيقي انساني خدمت ڪندڙ ماڻهن جو ڏڪار نظر اچي ٿو، پر ٿورا گهڻا جيڪي پنهنجي وس آهر جاکوڙين ٿا سي وري غربت، سچائي ۽ ايمانداريءَ سبب نظرانداز ٿيل آهن. اسان جي هن معاشري ۾ هاڻ ”اُستاد“ جو ڪردار ڪجهه ڌنڌلو ٿي ويو آهي، نه ته اُستاد جو ڪردار هميشه هڪ باوقار ۽ قومن کي راهه ڏيکاريندڙ ۽ مستقبل سنواريندڙ ئي رهيو آهي. اسان جي معاشري ۾ اڄ به ڪيترائي اهڙا ڪردار آهن، جيڪي خاموشيءَ سان پنهنجي فرض جي ادائگي ڪن ٿا ۽ معاشري جي فلاح ۽ بهبود لاءِ پنهنجي حصي کان به وڌيڪ ڪم ڪن ٿا. اُستاد جنهن کي معاشري اندر رهبر جو درجو مليل آهي، سو جيڪڏهن پنهنجي اصل مقصد سان سچائي ۽ ايمانداري سان عمل ڪري ته شايد معاشري اندر گهڻي حد تائين نفرتن، اڻ سهپ، انتهاپسندي سميت ٻين سماجي براين کي گهٽائي سگهجي ٿو. اهڙا استاد جيڪي پنهنجي پيشي توڙي ضمير سان سچا هوندا آهن، سي ڪڏهن به رياستي توڙي درٻاري لالچ آڏو ناهن جهڪندا، اُهي هميشه پنهنجي قوم توڙي معاشري اندر اخلاق، انصاف توڙي برابري جي تعليم جو درس ڏيندا رهن ٿا ۽ اُهي ئي اُستاد جن جو دامن ڪنهن به سماجي بُرائي ۽ تنگ نظريءَ کان صاف ۽ شعور ۾ سمجهه جي تعليم سان سرشار هجي ٿو، سي هميشه پنهنجي ماڻهن ۽ معاشري ۾ زندهه ۽ جاويد رهن ٿا. اهڙن ئي عظيم علم دوست ۽ انسان دوست اُستادن مان سيد بچل شاهه پڻ هڪ هو.سائينءَ 1938-8-8 تي سيد معز علي شاهه جي گهر سندس اباڻي ڳوٺ عارب ڏومرو دوآٻو ۾ جنم ورتو. دوآٻو جنهن کي هاڻ قاسم آباد جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، تنهن جون پراڻيون حدون حسين آباد گدو کان وٺي شاهه بخاري تائين ۽ قاسم چوڪ کان وٺي راڻي باغ تائين پکڙيل هيون، اهو سڄو علائقو هڪ راڄ يعني دوآٻو سڏبو هو. ٻن ديهن تي مشتمل هن راڄ ۾ ڪيترائي ڳوٺ ۽ زرخيز زمينون هيون. هن راڄ ۾ مختلف برادريون هڪ مثالي خاندان وانگر امن ۽ سڪون سان رهندا هئا. مرڻي پرڻي ۾ هڪٻئي وٽ پير ڀريندڙ هن راڄ جا ماڻهو ڪنهن به نسلي نفرت يا مذهبي فرقيواريت کان بالاتر هڪ مثالي معاشري وانگي گڏ رهندا هئا. سيد بچل شاهه هن سڄي راڄ جي وڏي پرائمري اسڪول يعني گورنمينٽ حاجي اسماعيل سومرو جو هيڊ ماستر هو. سائين بچل شاهه پنهنجي عملي زندگي جو آعاز بطور پرائمري اُستاد جي 1956ع کان ڪيو. سائين پنهنجي پوري نوڪريءَ جو عرصو هن ئي اسڪول ۾ گذاريو ۽ آخر تائين هن اسڪول جو هيڊ ماستر ٿي رٽائرڊ ٿيو. هي اهڙو دؤر هو، جڏهن اڃا واپاري ذهنيت جي ماڻهن تعليمي ادارن جا دُڪان نه کوليا هئا ۽ نه وري اُستاد ۽ والدين پنهنجي اهميت ۽ ذميوارين کي بارُ سمجهڻ شروع ڪيو هو، جڏهن اڃا گورنمينٽ اسڪولن جي سُٺي ساک هئي، جتي امير ۽ غريب جا ٻار هڪ ئي بئنچ تي گڏ پڙهندا هئا ۽ اُستاد به هڪ عالم وانگر پنهنجي تدريس وارو ڪم وڏي شوق ۽ شانَ سان پورو ڪندا هئا. سائين بچل شاهه به هڪ اهڙو منفرد ۽ مثالي ڪردار رهيو آهي، جنهن جو مثال شايد ڪٿي ملندو هُجي. سائينءَ جو اسڪول کي هلائڻ، شاگردن کي پڙهائڻ ۽ اُستادن ۽ والدين سان ملڻ ۽ تعليم جي مقصد کي پورو ڪرڻ جو هڪ انوکو انداز هو. صبح جو سوير سڀئي شاگرد، جيڪي مختلف ڳوٺن مان ايندا هئا، سي سائينءَ جي گهر يعني ڳوٺ عارب ڏومرو (هاڻوڪو نسيم ڊيلڪس) وٽ اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ پوءِ اُتان هڪ جلوس جي شڪل ۾ سائينءَ کي گورنمينٽ اسڪول حاجي اسماعيل سومرو يعني هاڻوڪي روپا ماڙي ريسٽورنٽ واڌو واهه تائين وٺي ايندا هئا. ان جلوس واري انداز ۾ وٺي اچڻ سڀني شاگردن جو روز جو معمول هوندو هو. ان دؤر ۾ اڃا قاسم آباد نه ٺهيو هو، سڀئي شاگرد سرسبز ٻنين جي وچ مان اڏن، واهن، ٻنين جي پاسن کان ڊگهين قطارن جي شڪل ۾ واڌو واهه جي ٻنهي ڪنارن تي بيٺل گهاٽن وڻن مان گذرندڙ سائينءَ جو قافلو هڪ عجيب ۽ دل لڀائيندڙ منظر پيش ڪندو هو ۽ اهو قافلو اڄوڪي نسيم ڊيلڪس، عبدالله سٽي ۽ المصطفيٰ III کان ٿيندو اچي واڌو واهه جي واريءَ سان ڀريل رستي تي چڙهندو هو ۽ ائين اچي پنهنجي ٽائيم تي اسڪول ۾ پهچندو هو، ان دؤر ۾ واڌو واهه ۾ صاف پاڻي وهندو هو، سائين گهڻن ٻارن کي هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ پاڻ وٺي ويندو هو.ٻارن ۽ اُستادن لاءِ صاف پيئڻ جو پاڻي روزاني پاڻ بيهي ڀرائيندو هو. چندو ڪري مٽ، ناديون، گلاس ۽ صفائي لاءِ ٻهارا پڻ وٺندو هو. اُستادن تي ڪڙي نظر رکندڙ هيءُ شفيق اُستاد جيڪڏهن ڪنهن اُستاد جي هلت چلت توڙي تدريسي طريقيڪار مان مطمئن نه هوندو هو ته پاڻ ئي آفيس وڃي اُن جي بدلي ڪرائي وري ٻيو اهل اُستاد وٺي ايندو هو. سائينءَ جي اسڪول جي پڙهائي جو معيار ايترو ته سٺو هوندو هو جو اسڪول جا شاگرد بهترين انداز ۾ پڙهي ۽ لکي سگهندا هئا. حساب، سائنس، سماجي اڀياس، اسلاميات وغيره کي نه صرف هڪ ڪاپي ۾ فيئر ڪرائيندو هو پر اُن کي سيلٽ تي روزانو Test به ڪرائيندو هو. (اجاري)

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *