انجامِ ئي گلستان ڇا ٿيندو؟: جاويد ڪنڀر

وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ وڏ وزارت جومسند سنڀالڻ سان گڏ سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي جو اعلان ڪيو ته ڪنهن حد تائين دل کي دلاسو مليو ته هاڻي حڪمرانن کي تعليم جو اونو ٿيو آهي هاڻي سنڌي سماج به علم جهڙي انس سان پنهنجو من منور ڪندو پر تعليم واري وزير ڄام مهتاب ڏهر جي اين ٽي ايس ۽ سنڌ يونيورسٽي پاس استادن کان ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ ۽ ڪانٽريڪٽ وڌائڻ واري بيان تعليم واري ايمرجنسي کي بي نقاب ڪري ڇڏيو پيغمبرانه پيشي جا پاڌئيڙا سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي نڪري آيا هي هُن شعبي جا شيدائي آهن جنهن شعبي تي ناز ڪندي سرور قونين حضرت محمدﷺ جن فرمايو “ آئون دنيا ۾ معلم ڪري موڪليو ويو آهيان” پر سنڌ جا معلم پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ روڊن تي دربدر ٿي رهيا آهن دنيا جون ترقي يافته قومون پنهنجن محسن استادن تي ناز ڪنديون آهن انهن جي ضرورتن جي پورائي لاءِ پاڻ پتوڙينديون آهن پر اسان وٽ گنگا الٽي ٿي هلي جنهن کي ڳالهائڻ لاءِ ڪو موضوع نٿو ملي هو استادن تي تنقيد جا تير وسائڻ شروع ڪندو آهي هي ته اهي استاد آهن جن جي سامهون سڪندر اعظم سموري دنيا جو فاتح محڪوم بڻجي چوي ٿو “مون کي مائيٽن آسمان کان زمين تي آندو پر منهنجي استاد مونکي زمين کان آسمان تي پهچايو” سنڌ ۾ تعليم صحت ۽ پوليس جو شعبو سياسي آشرواد هيٺ رهيو آهي انسانن جون جيڪي بنيادي ضرورتون آهن اهي سياسي هٿن ۾ يرغمال رهيون آهن هر موقعي ۽ مهل تي انهن سان پنهنجي منشا آهر کيڏيو ويو آهي اهوئي سبب آهي جو گپل عرصي گذرڻ بعد به تعليم صحت ۽ پوليس جهڙا شعبا پنهنجي پيرن تي بيهي ناهن سگهيا. دنيا جا ڏاها انهي ڳالھ جو اقرار ڪن ٿا ته جنهن قوم کي دنيا جي نقشي تان مٽائڻو هجي انهي قوم جي تعليم کي تباھ ڪيو قوم پاڻهي پساھ ڏيندي اسان جو تعليمي سسٽم به اڌاري آڪسيجن تي هلي رهيو آهي اڌاري آڪسيجن مان جان آجي ڪرڻ لاءِ ڪيترائي نوان تجربا ۽  طريقا رائج ڪيا وڃن ٿا پر اهي سڀئي طريقا ڌڙ ريڊو سسي ٻاڪري وانگي ٻيهائي ۽ ٺڳي تي ٻڌل هوندا آهن جئين تازو وزير تعليم مهتاب ڏهر اين ٽي ايس پاس استادن کان ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ ۽ عرصي وڌائڻ وارو پاليسي بيان ڏنو سنڌ جي استادن سراپا احتجاج بڻجي ٻيهر ٽيسٽ وارو بيان واپس وٺن تي مجبور ڪيو پر ڪانٽريڪٽ وڌائن واري بيان تي وزير اڃا قائم آهي ۽ انهي جي خلاف اين ٽي ايس ۽ سنڌ يونيورسٽي پاس استاد روڊن تي سراپا احتجاج آهن هاڻي هڪ وسيع نظر جو جيڪڏهن جائزو وٺون ته انهن بيانن ۽ احتجاجن جو نقصان سنئون سڌو سنڌ جا شاگرد ڀوڳي رهيا آهن هن وقت اسڪولن ۾ نصاب پورو ڪيو ويو آهي اسڪولن ۾ امتحانن،  پنجين ۽ اٺين ڪلاس جي شاگردن کان آءِ بي اي جي اداري طرفان ورتي ويندڙ  اسٽينڊرائيزڊ اچيومينٽ ٽيسٽ جون شاگرد تياريون ڪري رهيا آهن انهي قيمتي گهڙي ۾ استاد بي چيني جو شڪار آهن اهي شاگردن تي ايتري توجھه نه پيا ڏئي سگهن انڪري شاگردن جي پڙهائي پڻ متاثر ٿي رهي آهي استاد مايوسي جو شڪار آهن ڇو ته اهي نج ميرٽ تي ڀرتي ٿيل استاد آهن مختلف وقتن تي انهن کي پريشان ڪيو ويو آهي سنڌ يونيورسٽي پاس اٺن سالن کان پڪا ٿيڻ جي اوسئيڙي ۾ پنهنجيون تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن پر اڃا پڪا ٿي ناهن سگهيا انهي عرصي دوران ڪيترائي استاد گذاري ويا آهن پر انهن جي پوئنيرن کي ڪوبه مالي فائدو نه ملي سگهيو آهي اين ٽي ايس پاس استاد به ٽن سالن کان ساڳئين پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن انهن جي تبادلي تي به پابندي لڳل آهي سنڌ جي وزير اعليٰ ۽ وزير تعليم کي واقعي ۾ سنڌ جي تعليم جو اونو آهي ته انهن استادن کي پڪو ڪري بي چيني ختم ڪئي وڃي ته جئين اهي استاد تدريسي ذميواريون احسن طريقي سان سرانجام ڏئي سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *