اميد تي دنيا قائم آهي: نائيلا ناصر

جڏهن اسان کي پنهنجي زندگي جو احساس ٿيڻ لڳي انهي کي پنهنجو وجود محسوس ٿئي تنهنجي معنيٰ هو زنده آهي، ساهه کڻي پيو، اهو ئي ساهه انسان کي زندگي سان پيار ڪرڻ سيکاريندو آهي ۽ انسان انهي پيار ۾ زندگي سان جڙيل هر ان شيءِ جي لاءِ اها چاهي رشتي ناطي جي حوالي سان هجي يا وري ڪو ماڳ مڪان يا زمين هجي، انهن جي لاءِ جاکوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي، ڏينهن رات هڪ ڪري پنهنجي لاءِ پنهنجن پيارن جي لاءِ ڪک پن جوڙي جوڙي آشيانو يعني گهر ٺاهيندو آهي ۽ ان گهر ۾ ضرورت جي آهر اها شيءِ جيڪا ضروري آهي مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، گهر چاهي ننڍو هجي يا وري وڏو هر انسان کي پنهنجي گهر سان ساهه وانگر پيار هوندو آهي ۽ هر دم اهو ئي سوچيندو رهندو آهي متان ڪو ڪوسو واه نه لڳي، پر ڪڏهن ڪڏهن اڄ به ٿيندو آهي ته انسان جيڪو ڪڏهن سوچيندو به ڪونهي اهو يڪدم ٿي وڃي ته پوءِ ڇا ٿيندو آهي، ڪجهه هي لمحن ۾ هڪ ٺهيل ٺڪيل گهر مٽي جو ڌير بڻجي ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان ڌير ۾ ان جا پنهنجا پيارا دٻجي هميشه لاءِ زندگي مان الاهي پري ڪڏهن نه اچڻ ڪري هليا ويندا آهن، بلڪل اڄ هي زلزلو نه آهي جڏهن ايندو آهي ته ڪجهه ئي سيڪنڊن ۾ سڀ ڪجهه تباهه ڪري هليو ويندو آهي ۽ انسان جيستائين زندهه رهندو آهي انهي کي وساري نه سگهندو آهي. ظاهر آهي جيڪا شيءِ ساهه سان جڙيل هجي جنهن کي ڏنهن رات محنت مزوري ڪري جوڙيو هجي ته تباهي تي افسوس ته ٿيندو، اڄ هي 26 آڪٽوبر تي هڪ دفعو وري پوري ملڪ جي ڌرتي کي لوڏي ڇڏيو ۽ 10 سال اڳ 8 آڪٽوبر وارو زخم جيڪو اڃا تائين ڀريو ئي نه هيو جنهن جي بربادي تي اڄ به انسان روئي پيو وري تازو ٿي ويو، قدرتي آفتون دنيا ۾ هر جڳهه هر ملڪ ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اينديون آهن اهي چاهي زلزلي جي صورت ۾ هجن يا وري سونامي هجي، طوفان هجي يا وري برسات ۽ ٻوڏ يا ڪنهن بيماري جي صورت ۾ هجن يا دهشتگردي ذريعي آفت اچي، پر جڏهن انسان کي پهرين کان خبر هجي ته اسان جي ملڪ جو هي حصو علائقو آفت زده آهي ۽ ممڪنه اتي ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ته جيئن نه زلزلو، ٻوڏ، بيماري طوفان يا دهشتگردي ته پوءِ حڪومت ۽ ادارن کي ڇو اهو احساس نٿو ٿئي ته انهي جي لاءِ وقت کان پهرين اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن نقصان جو انديشو گهٽ ۾ گهٽ هجي، اسين پاڪستاني هر سال ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ آفتن کي لوڙنيدا آهيون پر اسان جا حڪمران سمجهي نه سگهيا آهن ۽ اکيون پوري ستا پيا آهن ۽ ان وقت اٿندا آهن جڏهن اهي ماڻهو اکيون پوري هميشه لاءِ سمهي پوندا آهن، ڪڏهن نه اٿڻ لاءِ ۽ تڏهن حڪمران ۽ ادارن کي خبر پوندي آهي ته اسان وٽ ڪو به ذريعو يا طريقو ڪونهي جيان متاثره علائقي ۽ ماڻهن کي بچائي سگهن. ويچارا ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت پنهنجو پاڻ کي ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ هوندا آهن، وڏن علائقن ۾ وري به ڪجهه ڪم ٿي ويندو آهي پر ننڍا ۽ ڪچا علائقا رهجي ويندا آهن، حڪومتي امداد جا منتظر اهي غريب ماڻهو جيڪو پنهنجو سڀ ڪجهه تباهه ۽ برباد ٿيڻ سبب بلڪل ڀڳل ٽٽل هوندا آهن وري آباد ٿيڻ جي لاءِ بس صرف خواب هي پيا ڏسندا رهندا آهن، حڪومتي اعلان ته گهڻا ئي ٿيندا آهن ته هيترا لک متاثر ماڻهن يا خاندانن کي ڏنا ويندا پر اهي لک پک لڳائي حڪمرانن جي اڪائونٽن ۾ جمع ٿي لنڊن، دبئي يا بين ملڪن ڏانهن وڃي پهچندا آهن، غريب عوام بس الله جي آسري هي رهندا آهن، غريب عوام جي مدد جي لاءِ اهو پئسو ڪير خيرات، ڪير زڪوات يا وري الله واسطي ماڻهن جي لاءِ حڪومتي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائيندو آهي ته جيئن ضرورت مندن جي مدد ٿي سگهي، هن ڏکي وقت ۾ پر اهو پئسو انهن مصيبت جي ماريل ماڻهن کان وڌيڪ حڪمرانن ۽ اعليٰ عهديدارن کي ضرورت هوندي آهي، اهي مسڪين حڪمرانن الله جو فضل ۽ ڪرم سمجهي پاڻ وٺ ميڙي ويندا آهن، اهو سوچي بنا ته اهو ئي مال هن هي دنيا ۾ عذاب مسلسل ٿي ويندو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ملڪ کي گذريل آفتن جنهن ۾ ملڪي ۽ غيرملڪي به حد کان وڌيڪ امداد هي جيڪر اها امداد صحيح نموني ايمانداري سان استعمال ٿئي ها ته اڄ غريب پاڪستاني اڄ بي بسي جي تصوير نه هجي ها. پر هاڻي جڏهن ته اسين ايٽمي پاور آهيون جمهوري طاقت آهيون ته اسان کي هاڻي ملڪي سطح تي به پاور فل ٿيڻو پوندو، تحقيق سان ثابت آهي ته ملڪ ۾ زلزله ان جڳهه تي گهڻا ايندا آهن جيڪي فالٽ لائين جي ويجهو هجن، اتي گهٽ ۾ گهٽ گهر ۽ عمارتون زلزله پروف مٽيريل سان ٺهيل هجن ته هٽ ۾ گهٽ نقصان ته وڌيڪ نه ٿئي، آمريڪا ۽ جاپان کان علاوه ڪافي ملڪ اهڙا آهن انهن اهڙا اپاءَ ۽ تدابيرون ڪيون آهن جنهن سان قدرتي آفتن تي گهٽ ۾ گهٽ نقصان ٿئي، جاپان جتي زلزله وڌيڪ ايندا آهن انهن ته ڪمال ڪري ڇڏيو آهي، زلزلي جي سائرن وڄڻ شرط هي اسڪول جي ٻارن کي خبر آهي ته انهن کي ڪيئن۽ ڪٿي پناهه وٺڻي آهي ۽ ڇا ڪرڻو آهي، انهن وٽ جديد مشينري ۽ سامان دستياب آهن ته جيئن فوري طور ماڻهن کي ان پريشاني مان ڪڍيو وڃي، بلڪل اڄ اسان کي به هر مصيبت ۽ آفت کان بچڻ لاءِ ننڊ مان سجاڳ ٿيڻو پوندو ۽ دنيا ۾ ثابت ڪرڻو پوندو ته نه صرف ايٽمي طاقت آهيون پر ملڪي سطح تي به مضبوط آهيون، ڇو جو هتي عوام محفوظ نٿو هجي اتي ملڪ ڀلا ڪيئن محفوظ رهندو ۽ زلزلو واحد آفت آهي جيڪو بنا اطلاع جي ايندو آهي، انسان کي هوشيار ٿيڻ جو موقعو ئي ناهي ملندو، انهيءَ کان اڳ جو گهڻي دير ٿي وڃي پنهنجي ملڪ سان وفاداري جو ثبوت ڏيون ۽ بي وس ماڻهن جي مدد سان گڏ گڏ مستقبل به انهن جو روشن ڪيون ته جيئن سڄي زنگي روئي نه پر بردباري سان ماضي کي وساري اچڻ واري مستقبل جو سوچين. هاڻي پاڪستان غريب، ترقي پذير دهشتگرد نه پر هڪ مضبوط رياست طور دنيا جي نقشي تي اڀري، هاڻي بلڊنگ اٿارٽي کي گهرجي ته اهڙن علائقن ۾ جتي زلزلي اچڻ جا امڪان هوندا آهن اتي هر تعمير ان بلڊنگ ڪور مطابق ڪئي وڃي جنهن ۾ زلزلو پروف ڊيزائن ۽ لچڪ پيدا ڪرڻ وارو مٽيريل استعمال ڪيو وڃي جيئن ته عمارتون ۽ گهر زلزلي جي لوڏن کي برداشت ڪر سگهن، ٻوڏ اچڻ کان پهرين ان جا حفاظتي بند مضبوط ڪيا وڃن ته وقت اچڻ تي ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ بدران ان سان مقابلي جا اپاءَ تيار هجن، بيمارين جي آفت کي به وقت کان پهرين ڪنهن به ڪنهن طريقي سان روڪي سگهجي ٿو، هر مصيبت کان بچڻ جي اميد آلله ۾ آهي ۽ هر پاڪستاني دل جان جي سان آلله ۾ اميد رکي ٿو ۽ انهن ئي اميدن تي دنيا قائم آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *