لو ڀئي بينظير قتل ڪيس ڪا ڀانڊا ڦُوٽ گيا، عمران خان ڪا پتا صاف هوگيا، ڀارت ڪي شامت آگئي…. بس ۾ اخبارون وڪڻندڙ هاڪر ڪوڙ کي ايڏو ته ورجائي ورجائي چيو جو ٽينشن زده مسافرن سندس ڳالهين کي درست کڻي سمجھيو ۽ وڌيڪ تصديق ڪرڻ لاءِ کانئس اخبار وٺڻ لڳا، اهڙي ريت سندس ڏھ ٻارنهن ڪاپيون کپي ويون.
بس ۾ مان جنهن سيٽ تي ويٺو هئس، انهي ساڳي سيٽ تي هڪ پٺاڻ، ڪڪڙِ ڪڇ ۾ جهليو ويٺو هو. بس هلندي هلندي ڪڪڙِ الائي ڪيئن ٽپو ڏئي سيٽ تي ويٺل مسافرن جي مٿان اچي ڪري. پٺاڻ پوءِ ڇا ڪيو جو ڪڪڙ کي پڪڙي هيٺ رکي، رسي سان انهي جون ٽنگون سُڪ ٻڌي، مٿس ٻئي پير رکي ويهي رهيو.
سوڪ سينٽر ڀرسان ريڊيو جي هن براڊ ڪاسٽنگ آفيس ۾ مان هڪ پروڊيوسر سان انهي لاءِ ملڻ لاءِ آيو هوس ته ريڊيو پاڪستان لاءِ ريڊيو ڪالم وغيرھ لکڻ خاطر ساڻس ڳالهايان.
”سائين توهان شاعري لکندا آهيو يا ڊرامو؟“ ريڊيو پاڪستان جي نوجوان، ذات جي پليپوٽي پروڊيوسر، ميز تي ٻئي ٺونٺون آهستگي سان رکندي چيو. منجھس زبردست اعتماد آهي، اهڙو اعتماد جنهن ۾ توهان کي معلوم هجي ته اڳيون همراھ توهان وٽ ڪو ڪم کڻي آيو آهي.
”نه سائين مان شاعري يا ڊرامو نه لکندو آهيان، عبرت اخبار ۾ ڪالم لکندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ترجما به ڪندو آهيان. مختلف النوع موضوعن تي لکيل اهڙي ئي قسم جا ڪالم مان ريڊيو لاءِ به لکڻ گھران ٿو. انهي سلسلي ۾ حاضر ٿيو آهيان.“
”ٺيڪ آهي سائين، توهان ڪالم لکي کڻي اچجو، اسان وٽ ليکڪن جو هڪ پينل آهي جيڪو توهان جي لکيل مضمون جي معيار جو جائزو وٺندو. انهي بعد جيڪڏهن توهان جو ڪالم ريڊيو پاڪستان جي پاليسين موجب هوندو ۽ گھربل ادبي تقاضائن تي پورو لٿو ته اسان انهي جي ريڪارڊنگ ڪرائڻ لاءِ توهان کي گھرائي وٺنداسين.“
انهي بعد هن نوجوان پروڊيوسر، پينل جي ميمبر اديبن جا نالا وٺڻ شروع ڪيا، ڪو سولنگي، ڪو رند ڪو ڄامڙو. مون ذهن تي گھڻو ئي زور ڏنو پر انهن فاضل ميمبرن جو تعارف يا سندن ڪو ڪتاب يا مضمون مونکي ياد نه آيا.
ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي هيءَ آفيس، اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جي بلند و بالا پلازا ۾ قائم ڪئي وئي آهي. انهي کان اڳ هي دفتر ايم اي جناح روڊ تي هوندو هو، جتي آفيس کي باھ لڳي، جنهن بعد پاڪستان براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي آفيس کي هيڏانهن کڻي آيا آهن. هن موجوده پلازا ۾ پهرين منزل (گرائونڊ فلور) تي ريڊيو پاڪستان جي آفيس آهي ۽ مٿيان ٻارهن فلور خالي پيل آهن، اتي ڪير به ڪونه وڃي ۽ نه ئي وري هيڏي ساري عمارت کي ڪنهن ٻئي بهتر مقصد لاءِ ڪتب آڻڻ جو ڪنهن کي ڪو خيال ئي ڪڏهن آيو آهي.
منهنجو ميزبان، سائين نور محمد خاصخيلي، ريڊيو پاڪستان ۾ سال 1977 کان وٺي انائونسر آهي ۽ گذريل ستٽيھ ورهين کان سندس روزانو جو دستور اهو آهي ته هو صبح جو نائين وڳي ريڊيو پاڪستان ايندو آهي ۽ ٽن ڪلاڪن جو فرمائشي پروگرام ڪري هڪ وڳي گھر هليو ويندو آهي. هن نوڪري کان علاوه هو ٻيو ڪو ڪم ڪونه ڪري.
سائين نورمحمد، ليگل سائز جو رجسٽر کولي، فرمائشون ڪندڙن جا بال پين سان لکيل نالا پڙهڻ لڳو. ڪجھ نالا پوسٽ ڪارڊ تي لکيل هئا.
”ڀٽائي ڪالوني ڪوٽڙي کان فرمائش آهي ولي محمد ڪٽوهڙ، غياث الدين ڪٽوهڙ، سميع الله ڪٽوهڙ جي، ڳوٺ ڪولاچي کان علي انور جوڻيجي، قابل جوڻيجي، سائين ڏني جوڻيجي ۽ سندن دوستن جي. ڳوٺ ٻاجھي ٻٻر کان چڱو خان ٻٻر، سيف الله ٻٻر ۽ سندن دوست. ته فرمائش تي ٻڌندا فوزيا سومرو جو هي ڪلام.“ سائين نور محمد خاصخيلي، ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي يوٽيوب جي کليل پيج تان هڪ آڊيو فائيل کي ٻه دفعا ڪلڪ ڪيو ۽ سامعين کي ڪلام سان لڳائي، ريڪارڊنگ روم جو مائڪروفون بند ڪري منهنجون ۽ پليپوٽي پروڊيوسر جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳو.
هي ننڍڙو ڪمرو، ريڊيو پاڪستان جو ريڪارڊنگ روم آهي. هن ڪمري جي بلڪل سامهون هڪ ٻيو خالي ڪمرو آهي جنهن ۾ فقط هڪ ميز رکيل آهي. ٻنهي ڪمرن جي وچ ۾ ڀِت بدران شيشي جي هڪ وڏي اسڪرين لڳل آهي، جنهن تي ورهين جي دز چڙهيل آهي. ٻاهر، ورانڊي جي ٻنهي پاسن کان ريڪارڊنگ روم، ريڊيو پاڪستان جي لائبريري ۽ اسٽاف جي ويهڻ جا ڪمرا ٺهيل آهن. ڪتابن واري لائبريري ۾ ڪو نوجوان ڇوڪرو ڪيٽلاگ ٺاهي رهيو آهي ۽ هڪ انتهائي بور ٿيل شخص ريڊيو تي ڪجھ ٻڌي رهيو آهي. هر طرف ريڪارڊنگ جي متروڪ ٿيل سامان، سڙيل وائرن، ڀڳل ڪاٺ جو ڍير پيل آهي. سموري دفتر ۾ اهڙي ويراني ۽ سناٽو آهي جيڪو توهان کي سنڌ جي هر سرڪاري آفيس ۾ نظر ايندو.
سائين نور محمد جو فرمائشي پروگرام ڪو ٻه ڪلاڪ کن هليو، جنهن بعد آخر ۾ پاڪستان جو قومي ترانو وڳو ۽ پروگرام پڄاڻي تي پهتو. پروگرام مڪمل ڪرڻ بعد سائين نور محمد موبائل فون تي ٽيڪسٽ ميسيج ڪيل فرمائشون رجسٽر تي لکڻ لڳو. اهي نالا هو سڀاڻي واري فرمائشي پروگرام ۾ براڊ ڪاسٽ ڪندو.
مان خاموشيءَ سان چانهن پيئندو رهيس ۽ دريءَ مان سوڪ سينٽر جي سامهون گذرندڙ گاڏين کي ڏسندو رهيس. ڪوبه آواز ٻڌڻ ۾ نٿو اچي، سواءِ ٻاهر ويٺل ڪجھ ڪٻرن جي.
واٽ ويندي…
مونکي رات ٿي وئي هئي. ميهڙ شهر ڏانهن ويندڙ آخري ويگن تي پهچي نه سگھيس سو ٽيڪسي جو معلوم ڪرڻ لاءِ اسٽان تي اچي بيٺس. ٽيڪسي واري کان ڀاڙو پڇيم ته چوڻ لڳو، سائين رستي تي ڦر ٿئي ٿي ۽ اڄ گيس بند آهي، سو پيسا وڌيڪ وٺندس. منهنجي ڀر ۾ بيٺل هڪ سينئر ڊرائيور پهرين ته کيس مون پاران منٿ ميڙ ڪئي ته الائي ڪٿان جو مسافر آهي، ڇڏي اچينس پر هي همراھ جڏهن راضي نه ٿيو ته مونکي چيائين سائين توهان کي ڊرائيور گھرائي ٿو ڏيان. ۽ ڪنهن واقف ڊرائيور کي فون ڪري گھرايائين.
هي نوجوان ڊرائيور هو؛ سنهڙو، وار گھنڊيدار، سوئيٽر پاتل، چهرو ڪشادو، قد نسبتن ننڍو. مهانڊي جا وصف ائين جيئن عام طور ٻروچ ڇوڪرن جا مهانڊا ٿيندا آهن، ٻاهران سخت اندران نرم دل.
هن پوانئٽ تي مختلف منزلن ڏانهن ويندڙ سوارين جا اسٽاپ آهن ۽ دادو، ميهڙ، خيرپور، سيتا، ڦلجي ۽ راڌڻ لاءِ گاڏيون نڪرنديون آهن جن ۾ هيٺان مٿان مرد، ٻار، عورتون، ڍور ۽ سامان جون ڳوڻيون سٿيل هونديون آهن. روڊ سوڙها، ڀڳل ۽ مٿاهين تي آهن سو هي گاڏيون ٻيڙِي وانگر لڏنديون هلنديون آهن ۽ ماڻهو ايندي ويندي، خدا خدا ڪندا گھر پهچندا آهن.
پياري ڳوٺ کان هڪ لنڪ روڊ نڪري ٿو جتان تقريبن ٽن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي شاھ آباد ڳوٺ آهي. هي ضيا دور جي نامور ڌاڙيل، پرو چانڊئي جو تر آهي. پرو کي پوليس جون مارون ڏياري کيس ڌاڙيلي دڳ ڏانهن ڌڪيندڙ سيد سڳوري جو ڳوٺ به هتان ويجھو آهي. سيد بادشاھ حال حيات آهي ۽ اڃان تائين هر اليڪشن ۾ بيهندو آهي. هن ڳوٺ کان اڳ پلهن جو وڏو ڳوٺ اچي ٿو. هتي هر ڳوٺ ٻاهران هڪڙو قبرستان آهي. ڪن ڳوٺن جا وري گڏيل قبرستان آهن، جن ۾ سيد پنهنجا مردا ڪنهن الڳ جاءِ تي رکن، چانڊيا ٻروچ الڳ پورين ۽ سماٽ وري الڳ رکن. ڪچي ۾ قبرستان مٿاهين تي ٺاهيا ويندا آهن ته جيئن ٻوڏ ۾ بچي سگھن.
هوا ۾ مٺي خوشبوء آهي، اهڙي جهڙي طاهري ڀت ۾ ٿيندي آهي…. روڊ جي ٻنهي ڀرن، ڳوٺ جي گھرن مان رات جي ماني ٺاهڻ لاءِ ٻاريل چلھ مان نيراڻ مائل دونهون نڪري رهيو آهي. هنن ڳوٺن جي جھوپڙين، ٻاهران ڏنل لوڙهن ۽ ڪمند جي فصل کي اهو نيرو دونهون بيلٽ وانگر ويڙهيل آهي، ڪچن رستن تي پلال پيل آهي ۽ واهن ڀرسان پلال جا ديرا ٺهيل آهن. سنڌي ٻٽڙا واري شاخ تي ڪلوميٽر کن تائين ڪمند جون ٽراليون ۽ اٺ گاڏيون قطاريو بيٺيون آهن. هي سمورو ڪمند پياري ڳوٺ شگر مل طرف وڃي رهيو آهي، جنهن جو مالڪ اهوئي بزنيس مين آهي، جيڪو اسانجي ووٽن واري بئنڪ به هلائيندو آهي يعني زرداري صاحب.
هن اسٽاپ تان ڪجھ زائرين، پير سعدي موساڻي ويندا آهن. ميهڙ خيرپور تعلقن لاءِ هي درگاھ ڄڻ ته ميڊيڪل سينٽر يا هيلٿ انسٽيٽيوٽ جو درجو رکي ٿي، جنهن ۾ پير سعدي موساڻي جو ڪردار چيف ميڊيڪل سرجن وارو آهي. روايت موجب مريض کي ڪهڙي به بيماري هجي، ڪينسر هجي يا ذيابيطس، باءِ پاس ڪرائڻو هجي يا گُڙدن جو ڊائليسس… پير سعدي موساڻي ڪنهن اپائنٽمنٽ ڏنل رات تي مريض کي رات جو خواب ۾ ايندو آهي ۽ سندس آپريشن ڪري هليو ويندو آهي. صبح جو مريض جي جسم جي جنهن هنڌ سرجري ٿيل هوندي انهي عضوي تي کيس اڳڙيون ٻڌل هونديون. پير جي انهي ڪامياب آپريشن تي ڪڏهن عقيدتمند مريض ڇٽي ويندا آهن ته ڪڏهن وري انهن ساڳين ڊاٽسنن ۾ سندن لاش گھر پهچندا آهن.
زمين وڏيرن جي، ووٽ سياسي عقيدت جو، بهتر ملازمتون ۽ محفوظ ڪاروبار وري نيئو فيوڊل ۽ جيالا بيوروڪريسي جا. هتان جي ماڻهن وٽ فقط پنهنجو جنب آهي، جيڪو کين جيئن تيئن گذارڻو آهي ۽ ٻيو وٽن بيوس، بي پهچ عورتون آهن، جن جي حياتي ۽ خاتمي جون خبرون توهان پڙهندا رهندا آهيو…
ڪجھ دير اسان ائين خاموشيءَ سان سفر ڪندا رهياسين پوءِ هي ڊرائيور ڇوڪرو چوڻ لڳو، سائين اصل ۾ هي رستو ٺيڪ ناهي، سج لٿي کان پوءِ هتي ڦر ٿئي ٿي. چيم ڇو ادا پوليس پيٽرول ناهي ڪندي ڇا؟ چوڻ لڳو، ”سائين، پوليس پيٽرول ڪندي آهي پر ڌاڙيلن سان سيٽنگ ٿيل اٿن. جتي ڦر ٿيندي آهي، اتي واردات ٿيڻ بعد پهچندي آهي. انڌي جهڙي پيڪين تهڙي ساهرين. پوءِ واٽ ويندي جيڪو چانڊيو، سولنگي يا کوسو هٿ چڙهين تنهن کي ڪُٽيندا ٿاڻي تي کڻي ويندا آهن. جيستائين مالڪ پهچن ۽ ڏوڪڙ پيسا هٿ ڪن تيستائين ڦِٽائي ڇڏيندس.“
اونداهي روڊ تي هڪ گدڙ هن ٽيڪسي جي اڳيان اڳيان ڊڪي رهيو هو. ڊرائيور چوڻ لڳو، سائين اهو ڪو عام گدڙ ناهي، اهو گدڙ ماڻهن سان وڙهندو آهي.