الک نرنجن ’نامعلوم افراد‘ سان هڪ ڏينهن ؛ لياقت علي ٿهيم

موٽر سائيڪل تي ويٺل باريش، مولانا قسم جي ماڻهو، پهرين مونکي پاڻ ڏانهن سڏ ڪيو، سلام ڪري هٿ ملايائين ۽ پوءِ آهستي آواز ۾ رڪجندي رڪجندي چوڻ لڳو؛

                         ڀائي، کڙيَ کڙيَ پيٽرول ختم هوگيا هي… آپ…. ڪچھ پئسي دي سڪتي هين؟

                         مان گھڻي دير کان وٺي بس جي انتظار ۾ بيٺو هوس، پوءِ سوچيم ته پنڌ ڪندو ملير مالٽ تائين پهچان، جتي ڪافي تعداد ۾ بسون گڏ اچي ٿينديون آهن ۽ اتان پوءِ صدر وڃڻ جو رستو ملندو. ملير کان شاهراھ فيصل طرف ويندڙ هي روڊ، صبح کان وٺي بند آهي؛ ڇاڪاڻ ته رات، ايم ڪيو ايم جي گلشن معمار واري آفيس تي ڇاپو لڳو، جنهن بعد خدا جي خلق مٿان منع نامو اچي ويو آهي. هن وقت، شاهراھ فيصل سميت شهر جا اهي سمورا روڊ بند ڪيل آهن، جتان صبح جي مهل گھڻي مان گھڻي آمدرفت ٿئي ٿي. ٻنهي طرفن کان گاڏين ۾ ماڻهو ڦاٿل آهن. ماڻهو هتان کان اڳتي نٿا وڃي سگھن جو واٽ تي نامعلوم افرادن جا گروپ روڊن تي بيٺا آهن. هتان فقط يونيورسٽي روڊ وڃي سگھجي ٿو، جتان نيپا وٽان صدر لاءِ رڪشائون هلن ٿيون.

تيز اُسَ ۽ گھڻي گرمي ۾ مان ڪافي دير تائين پنڌ هلندو آيس. رش تمام گھڻي آهي. ڏاڍي اڃ لڳي آهي ۽ روڊ تي بيپناھ ڌپ آهي، اهڙي جهڙي ڪنهن مئل جانور جي لاش يا ڍونڍ ۾ هوندي آهي. مان هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳس ته اها بانس ڪٿان اچي رهي آهي پر ههڙي هجوم وچ ۾ ڪٿان ڪا وٿي ڪانهي جو نظر اچي ته اها ڌپ ڪٿان اچي رهي آهي.

ملير هالٽ جو هي بس اسٽينڊ، ريل جي پٽڙي جي پرئين ڀر آهي. ريلوي لائين جي اورئين پاسي، اهي ٽائون آهن جتي ضيا دور جي پڇاڙڪن ورهين دوران، ايڪشن سان ڀرپور پٺاڻ مهاجر معرڪا ٿيندا هئا. ڪجھ حلقن موجب، شهر ۾ قتل جي ڪوڏين ٽارگيٽ ڪلرز جي بودباش به هنن ئي ٽائونس ۾ آهي.

هن وقت ملير هالٽ تي بسن، رڪشائن، موٽر سائيڪلن ۽ ڪراچي جي رڳن ۾ رت جيان ڊوڙندڙ انسانن جو عظيم الشان مجمعو موجود آهي.

تنگ چوواٽي، اس، گرمي ۽ رش ۾ ڦاٿل، بي ترس شهر ۽ بيداد ملڪ جي هنن ماڻهن کي، ڪا واھ ڪانه ٿي ملي جو هتان نڪرن.

مونسان گڏ، بس جي انتظار ۾ هڪ پيرسن شخص بيٺو آهي؛ ننڍي سفيد ڏاڙهي، اڇو وڳو، قد ننڍو، جناح ڪيپ پاتل. سندس ڀرسان هڪ نوجوان ڇوڪرو بيٺو آهي، جنهن سان هي جهونو همراھ ڳالهائي رهيو هو.

”اسان اصل ايبٽ آباد جا آهيون. مان اوڻيھ سئو چوونجاھ کان وٺي هتي رهان ٿو. پهرين فيڊرل بي ايريا ۾ رهندو هوس. اتي، علامه شبير احمد عثماني جي نالي تي اسڪول هوندو هو. اتي پنج درجا پڙهيس. منهنجو پيءُ ڏاڏو مسلم ليگي هئا.

”ڀائي آپ خود هي بتائين، پارليامينٽ ڪي ايڪ سيشن پر ڪتنا خرچا هوجاتا هي اور يه لوگ وهان بيٺ ڪي بس ايڪ دوجي ڪي تعريف ڪرتي رهتي هين…اور ڪيا ڪرتي هين..“

بسن ۽ ويگنن ۾ سفر ڪندي، ماڻهو هاڻ هن نوعيت جو بحث ڪن ٿا.

سياسي اڳواڻ ته خوش آهن ته پاڪستان جي پارلياماني قيادت ۾ ٻڌِي آهي ۽ هو جمهوريت کي بچائڻ لاءِ پنهنجا سياسي اختلاف نبيري رهيا آهن پر حقيقتن، عوامي سطح تي هڪ انتهائي خطرناڪ نيريٽو (بحث) جڙون هڻي رهيو آهي ته؛ پارليامينٽ ۾ ويٺل ماڻهو هڪٻئي جي بدعنوان مالي مفادن جا محافظ آهن. عام سوچ جي ساخت هي بنجي رهي آهي ته سياسي اڳواڻن، ملڪ کي بچائڻ خاطر نه پر ملڪ کي ڦري کائڻ خاطر پاڻ ۾ ڀائيچارو (پارٽنرشپ) ڪئي آهي، جنهن کي هو جمهوريت چون ٿا.

سماج ۾، ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن جي ڳالھ ٻولھ جو هڪ عام نمونو، سموري معاشرتي رجحان جو آئينه دار هوندو آهي. معاشري ۾ حاوي (يا وسيع تر ڦهليل)  سوچ جي هڪ مثال طور، مونکي پنهنجي هڪ دفتري واقفڪار، عامر مرتضيٰ جي هڪ ڳالھ ياد اچي وئي.

عامر هڪ سرڪاري آفيس ۾ ڪم ڪندو آهي. سندس دفتر ۾ اڪمل زيدي صاحب آهي. زيدي صاحب، سماجي ڀلائي کاتي ۾ اي ڊي او آهي. سندس وڏو عيال آهي پر تنهن هوندي به هو هڪ دين دار آفيسر ۽ خدا جو نيڪ ٻانهو آهي ۽ موٽر سائيڪل تي ايندو ويندو آهي. عامر موجب، زيدي صاحب جهڙو صابرين ماڻهو به اڄ کيس چوڻ لڳو ته هاڻ منهنجي دل چوي ٿي ته ڪو وي آئي پي هتان گذري ته انهي جي گاڏي تي پٿرائو ڪريان. هفتو کن اڳ، سخت رش ۾، زيدي صاحب موٽر سائيڪل تي پنهنجي نوجوان نياڻِي سان پورو ڪلاڪ چورنگي تي بيٺو رهيو، ڇاڪاڻ ته اتان ڪو وي آئي پي گذري رهيو هو. پورو ڪلاڪ  هو موٽر سائيڪل تي بيٺو هو ۽ پٺيان سندس نوجوان ڌيءُ ويٺي هئي.

”سر، مان ماڻهن جي اکين ۾ هاڻ خون ڏسان ٿو. جيڪي ڇوڪرا اڳ خيرات پنندا هئا، انهن جي اکين ۾ نظر اچي ٿو ته هاڻ هو ڦري وٺڻ جو سوچي رهيا آهن. اڳي جيڪي ٻار پنندي ڏسندو هوس، اهي هاڻ ڪرائيم ۾ هليا ويا آهن ۽ شهر جا نامي گرامي ڪلرز آهن.“

(سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ته ڦُري کائڻ جي مشق وڏي وقت کان وٺي شروع ٿي چڪي آهي ۽ اتي ”فقيرن“ هاڻ پنڻ ڇڏي ڦرڻ شروع ڪيو آهي.)

حالات خراب هين. هي ٽن لفظن وارو جملو، ايترو ئي ايور گرين (سدا بهار) محاورو بنيل آهي جيترو؛ پاڪستان تاريخ جي نازڪ موڙ تي بيٺو آهي، يا اسلام خطري ۾ آهي يا وري ميري عزيز هم وطنو!

جڏهن شهر ۾ واقعي سياسي ٽينشن تمام گھڻو وڌي ويندو آهي ته ننڍا توڙي وڏا، رنين آهرين يڪ آواز ٿي چوندي ٻڌڻ ۾ ايندا آهن؛ حالات خراب هوگئي هين… آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو، اسڪول ويندڙ ٻار، گھريلو ڪم ڪار ڪندڙ عورتون، ٽيليويزن تي ٻٽيهي وهائيندڙ اينڪر پرسن، ماڊلس، واپاري، گداگر، سڀ هڪڙو ئي جملو چوندي ٻڌندئو؛ حالات خراب هوگئي هين… هي جملو ڪراچي جو قومي ترانو بنجي ويو آهي.

’حالات‘ صحيح نه ٿيا ۽ نه ئي ٿيندا، تنهنڪري پاڪستان تي بلائون نازل ٿينديون رهنديون ۽ هي ملڪ، وارئون سنهي تراڙئون تکي دڳ تي ئي بيٺل رهندو ۽ انهي ڪارڻ، اسلام ته خطري ۾ آهي الائي نه سا خدا کي خبر آهي پر پاڪستان ۾ رهندڙ هر خداترس، باضمير ٻانهي جي جان ۽ مال جو خاتمو، منٽن جو کيل سو ضرور ٿي ويو آهي.

انهي ڳالھ جو احساس، رات جو موٽڻ مهل مونکي پڻ ٿيو.

رات جو گھر موٽڻ وقت، صدر مان جڏهن واپسي لاءِ نڪتس ته ڪلينر چيو ته بس ڊرگ روڊ تائين هلندي، اڳتي نه ويندي جو نامعلوم افراد، روڊ تي بيٺا آهن. رات جو ڪو ساڍي اٺين وڳي بس، ڊرگ روڊ تي پهتي جتي سڀني مسافرن کي هيٺ لهڻ جو چيو ويو. انهن ۾ ٻار، عورتون ۽ پيرسن سڀ شامل هئا. بس مان لهي، سڀڪو ماڻهو، خاموشي سان پنهنجي پنهنجي منزل طرف پيدل روانو ٿي ويو.

شاھراھ فيصل تي، پري کان، لائوڊ اسپيڪر تي، غصي ۾ ڀريل، ڳرن ڪاڪڙن مان نڪتل نعرن جا آواز اچي رهيا هئا ۽ انهن جو اونائڻ/ پڙاڏو، ويران روڊن مٿان واحد انساني آواز آهي. ٻيو چوطرف مردود ماٺ آهي.

هتان فقط هڪ طرف کان ماڻهو گذري رهيا آهن. انهن مان ڪيئي اهڙا آهن جيڪي پنهنجين عورتن يا گھر جيَ پيرسن مردن کي ڳولڻ لاءِ وڃي رهيا آهن.

ناٿا خان اسٽاپ کان شروع ٿيندي، نامعلوم افراد جا ڪجھ گروھ روڊ جي ٻنهي پاسن کان بيٺل آهن ۽ صدر کان ايندڙ گاڏين کي پري کان ئي دڙڪا ڏئي متبادل روڊ اختيار ڪرڻ جو اشارو ڪن ٿا. پنڌ هلندڙ سٺ ستر ماڻهو، انهن هدايتن تي عمل ڪندي، روڊ ڇڏي پاسي کان لڳل ڇٻر تي چڙهندي گذرن ٿا.

ٿوري دير هلڻ بعد، اسان جو هي قافلو، روڊ تي ويٺل ماڻهن جي ڀرسان گذريو. هتي روڊ تي شاميانو لڳل آهي ۽ انهي هيٺان ڪي سئو کن ماڻهو ويهي نعرا زني ڪري رهيا آهن. جنهن وقت  اسان روڊ جي ٻنهي پاسن کان ويٺل ماڻهن جي وچان گذرياسين ته انهن اسان جي چهرن ۾ چتائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي، شايد هو ڀرسان لنگهندڙن جي مهانڊن ۾ ڪو ٻهراڙي جو سنڌي ڳولي رهيا هجن (يا شايد ٻيو ڪجھ). اهڙي صورت ۾، دانشمندي جي تقاضا اها آهي ته نامعلوم افراد سان اکيون نه ملائجن ۽ تڪڙو تڪڙو نڪري وڃجي.

هي اسانجن پنهنجن اعمالن جا ڪرم آهن ۽ ڪراچي ۾ رزق لئـه رلندڙ هر عام سنڌي کي اهو سڀ ڪجھ چپ چاپ سهڻو پوي ٿو.

سنڌ؛ اسٽوريز فرام اي لوسٽ هوم لينڊ (سنڌ؛ وڃايل وطن جا فسانا)، بمبئي جي ڪارپوريٽ سوانح نگار، ساز اگروال جو لکيل ڪتاب آهي، جنهن ۾ هن، ورهاڱي کان اڳ هيرآباد حيدرآباد ۾ رهندڙ پنهنجي ڏاڏي، ڪشن چند بجلاڻي ۽ ٻين مٽن مائٽن جي زندگي جو احوال ڏنو آهي. ڪشن چند بجلاڻي، انهي وقت سنڌ هائي ڪورٽ جو سينئر وڪيل ۽ تمام سکيو ستابو ماڻهو هو. پر پوءِ حالات خراب هوگئي، جنوري 1948 ۾ فساد ٿيڻ شروع ٿيا ۽ هي ماڻهو سنڌ ڇڏيندا ويا.

ڪشن چند بجلاڻي، جنهن وقت پنهنجو عيال وٺي هير آباد مان نڪتو، تڏهن ساز جي ڏاڏي مطابق؛ ”ٻـه ٻه وڳا ۽ ڏندن جو برش کنيوسين ۽ گھر ڇڏي ٻاهر نڪتاسين. اسان سڀئي هڪٻئي کي هٿ ۾ هٿ ڏئي نڪري رهيا هئاسين، گھٽي ۾، ٻنهي پاسن کان مهاجرن جا ڪٽڪ قطار سان، چپ چاپ ويٺا هئا ۽ اسانکي چتائي پئي ڏٺائون. اهي انتظار ۾ ويٺا هئا ته اسان ڪيڏي مهل ٿا نڪرون…“

ورهاڱي وقت، سنڌ صوبي جي پنجاھ سيڪڙو امووبل پراپرٽي جا مالڪ هندو هئا. اهو سڀ هنن بي لوث قرباني ڏيندڙ فرزندان اسلام کي مليو.

پر جنهن قسم جا شوباز، لليچيَ ٽائيپ ماڻهو اسان جا اڳواڻ بنيل آهن، امڪان هي آهي ته ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين کي شايد ٻه وڳا ۽ ڏندڻ کڻڻ جيتري مهلت به ڪانه ملندي.

اڄ پڻ صحيح سالم گھر پهتس. شڪرانو سندس در، وڏا ٿورا الله جا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.