الک نرنجن ديس پرديس ؛لياقت علي ٿهيم

سيڪٽر يارنهن جي هن سموري علائقي ۾ ۽ هيڏي ساري اسلام آباد شهر ۾، ڪنهن به ديوار، گھر يا هوٽل اندر يا ٻاهر، وال چاڪنگ جو هڪ اکر بـه ڪٿي لکيل ناهي، نه ئي وري ڪنهن به سياسي يا مذهبي پارٽي جو جھنڊو يا پوسٽر لڳل نظر آيم.

نـه ئي وري (رضا شاهه آف ايران وانگر) الطاف ڀائي جي هر هنڌ تصوير آويزان ٿيل آهي. هن علائقي ۾ اسي سيڪڙو گھر پٺاڻن جا آهن ۽ انهن جي اڪثريت اسلام آباد ۾ ڪپڙي ۽ ٻئي ڪاروبار سان لاڳاپيل آهي.

سامهون وارا جبل، ڊسٽرڪٽ فتح جنگ ۾ آهن. جبلن جي پاڙ ۾ ڳوٺ ٻڌل آهن ۽ انهن ڳوٺن ۾ بجلي، گيس، پاڻي، سيوريج، انٽرنيٽ، عمدا اسڪول ۽ ٻيون اهي سهولتون دستياب آهن، جيڪي سنڌ جي ڪنهن بـه وڏي شهر ۾ ٿي سگھن ٿيون. جيڪڏهن  ڪيپيٽل ڊيولپمنٽ اٿارٽي، کانئن زمين خريد ڪندي تـه کين ڪروڙين رپيا معاوضو بـه ملي ويندو آهي.

هتي سمورين عمارتن کي اهڙي پيماني تي تعمير ڪيو ويو آهي، جو اهي ريڪٽر اسڪيل اٺ جي زلزلي کي برداشت ڪرڻ جيتري صلاحيت رکن ٿيون. هر عمارت جي تري ۾ بيسمنٽ موجود آهي. بيسمينٽ سميت، هن سيڪٽر ۾ ٺهيل بنگلن جا عام طور ٽي طبقا آهن. بيسمنٽ، پهرين منزل ۽ ٻي منزل جي ڪرايي سميت، هڪ بنگلي مان مالڪ کي لڳ ڀڳ ٻـه لک روپيا ڪرايو ملي وڃي ٿو ۽ هر بنگلي جي سراسري قيمت چار پنج ڪروڙ روپيا آهي. هنن بنگلن جا ڪجهه مالڪ، صوابي يا دِير جا پٺاڻ آهن. انهن مان ڪجھه پٺاڻن جي حڪمت عملي هي آهي ته ڳوٺ ۾ پنهنجي زمين جو ٽڪرو کپائي هتي ڪوٺي اچي ٺهرائين ٿا ۽ پوءِ انهي ڪوٺي کي کپائي وري ساڳي زمين واپس وڃي خريد ڪن ٿا. ٻنهي صورتن ۾ کين جام نفعو ٿئي.

پٺاڻن کان علاوه پنجابي ۽ ٿورا گھڻا سنڌي بـه هتي رهن ٿا. عيد ٿيندي آهي تـ ماڻهو هتان پنهنجن اباڻن شهرن طرف هليا ويندا آهن ۽ سمورو ٽائون خالي ٿي ويندو آهي.

هن هوٽل جي ڀر ۾، ”ديس پرديس“ نالي هڪ سفيد رنگ جو ريسٽورنٽ آهي، جنهن جي شبيھ ڊگھي ڪنٽينر جهڙي آهي. هي هوٽل، پِري فيبريڪيٽيڊ مٽيريل مان ٺهيل آهي. پري فيبريڪيٽيڊ جو مطلب آهي ته، پلاٽ جي مخصوص ٿيل جاءِ تي، اسٽيل جي ديوارن جا بلاڪ يا ڍانچو آڻي رکندا آهن ۽ پوءِ انهن بلاڪن کي زمين ۾ نٽ بولٽ هڻي لوهي راڊن سان تَريَ ۾ فِٽ ڪندا آهن. انهي بعد اسٽيل جي ڀتين ۽ ڇتين مٿان سيمنٽ جي اوساري ڪبي آهي. هن قسم جي عمارت کي، ڪنهن بـه هنگامي حالت دوران، وڏين ٽرڪن ۾ هتان کڻي ٻئي هنڌ منتقل ڪري سگھجي ٿو.

ڪجھه سال اڳ، سنڌ جي هڪ ضلعي ۾ اسڪولن جي ٻيهر تعمير جي هڪ پروجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ دوران جڏهن اسان جي انجنيئر في اسڪول لاڳت جو تخمينو لڳايو ته هونئن هر اسڪول تي ٻارهن لک رپيا خرچ آيو ٿي پر، پري فيبريڪيٽيڊ ڍانچي آڌار، نئون اسڪول پنجن ڇهن لکن ۾ ٺهي سگھي ٿو. انهي تجويز تي اهو اعتراض ڪيو ويو ته سنڌ ۾ گرمي گھڻي ٿيندي آهي ۽ اسٽيل جي ڍانچي ۾ ٻار ويهي نـه سگھندا. (انهي انجنيئر گرمي گھٽائڻ جو بـه طريقو ٻڌايو هو) اهڙي طرز تعمير جو فائدو هي آهي تـه ٻوڏ اچڻ جي صورت ۾ توهان اسڪولن کي اتان کڻي ڪنهن مٿانهين هنڌ فِٽ ڪري سگھو ٿا. آزاد ڪشمير ۾ سال 2005 جي زلزلي بعد اهڙا سوين اسڪول تعمير ڪيا ويا آهن.

مان اسلام آباد ۾ موبائل بئنڪنگ جي باري ۾ هڪ تحقيقي ورڪشاپ جي سلسلي ۾ آيو آهيان. هي ريسرچ، پاڪستان سميت نيروبي، يوگنڊا، تنزانيا، انڊيا، بنگلاديش ۾ پڻ ساڳئي وقت تي ٿي رهي آهي. موبائل بئنڪنگ جو ڪاروبار پهرين نيروبي آفريڪا ۾ شروع ٿيو. هاڻ انهي جو ڄار گھڻو ڦهلجي چڪو آهي ۽ سنڌ وانگر سب صحارا آفريڪا ۾ ٻار لنگھڻ ڪاٽي مرن ته ڀلي مري وڃن پر پيٽرول، سائي ڀاڄي ۽ يوٽيلٽي بلن جي ادائيگي موبائل فون ذريعي ڪرڻ جو جوڳو بندوبست ٿيل آهي. هي صنعت، ميڊيا وانگر تمام گھڻو وڌي چڪي آهي ۽ وڌي رهي آهي. استحصال جون جڙون  اونهيون ۽ وسيع ٿي رهيون آهن.

ورڪشاپ ۾ بهرو وٺندڙن جي اڪثريت پٺاڻن جي آهي.  بلوچ فقط هڪڙو، قلات جو بروهي آهي.

طبعي طور تي طاقت جي مرڪز ۽ ترقي يافتـه علائقن جي ويجهو رهڻ جو، پاڪستان ۾ وڏي ۾ وڏو فائدو، پٺاڻن ۽ پنجابي ڀائرن کي پهتو آهي. انهي عنصر (به) سندن سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. منهنجي ڀرسان ويٺل امجد آفريدي، صبح جو ڇهين وڳي پشاور مان نڪتو، ۽ نائين وڳي اسلام آباد اچي پهتو. يعني امجد کي جيڪڏهن هتي رهائش نـه به مليل هجي تـڏهن بـه هو روزانو پشاور کان اچي ۽ موٽي وڃي سگھي ٿو. هتان کان ٿورو پرڀرو هوٽل منال آهي (هوٽل منال، اهڙن فرينچ هوٽلن جو نظارو ڏئي ٿو جيڪي ڍنڍن ڀرسان ٽڪرين تي ٺاهيا ويندا آهن) انهي هوٽل کان نو ڪلوميٽر اڳتي خيبرپختونخواهه صوبو شروع ٿئي ٿو. ڪي پي ڪي جا ماڻهو صبح جو پشاور مان اچي شام تائين اسلام آباد مان ڪم ڪار لاهي واپس هليا ويندا آهن.

هن ورڪشاپ ۾ شامل پٺاڻن جي تعليمي لياقت تمام بهتر آهي. صوابي ۽ دير جا پٺاڻ، سلوار قميصون پاتل پر معياري انگريزي ڳالھائڻ جي صلاحيت رکندڙ. ڪجهھ پشتون ڇوڪرا اپسالا يونيورسٽي سوئيڊن مان پڙهيل آهن. شايد خيبر پختونخواهه ۾ بهتر تعليم حاصل ڪندڙ نوجوان، خانگي ڪاروبار ۽ ڪارپوريٽ بئنڪن سميت غير سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪرڻ کي (پڻ) ترجيح ڏين ٿا.

حقيقتن خيبر پختونخواهه جي غير سرڪاري ادارن، انهي صوبي جي معاشرتي ترقي، خاص طور تعليم جي ترويج لاءِ واقعي لائق تحسين ڪم ڪيو آهي. خيبر پختونخواهه جي غير سرڪاري ادارن ۾ اسان وارو حال ناهي جو ڀڳل سڳل تعليم ۽ عام رواجي اهليت رکندڙ ماڻهو مسلط ٿيل آهن ۽ بي واها، ملازمت لاءِ مجبور سوين ڳوٺاڻا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون سندن دفترن ۾ پيا پيڙهجن ۽ پيسجن. سنڌ جو بهتر تعليم يافتـه ماڻهو، غير سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪرڻ کان ڀڄي پاسو ڪري ٿو.

ويسٽرن معاشري ۾ ماڻهن کي سرمائي تائين دسترس حاصل آهي تـه جيئن هو ٻارن کي پڙهائي سگھن، علاج ڪرائي سگھن، گھر تعمير ڪرائي سگھن يا ڪو ڪاروبار ڪري سگھن.

خطرناڪ عسڪريت پسندي ۽ مضبوط رجعتي لاڙن جي باوجود، جديد پٺاڻ معاشري ۾ ويسٽرن تعليمي نظام مستحڪم جڙ هڻي چڪو آهي. ويسٽرن ماڊل ۾ ڇوڪرا، تيرنهن چوڏهن سالن جي عمر ۾، پڙهڻ سان گڏوگڏ نوڪري ڪرڻ شروع ڪن ٿا ۽ تعليم مڪمل ٿيڻ تائين کين پنهنجي شعبي ۾ بهتر تجربو، علم ۽ پئسو حاصل ٿي وڃن ٿا.

هن ورڪشاپ ۾ شامل هر پٺاڻ، نوڪري ۾ آهي پر انهي سان گڏوگڏ ڪونه ڪو ڪاروبار به ضرور ڪري ٿو. مثال طور، صوابي جو فرخ يوسفزئي، قديم پشتون هٿيارن جي سپلائي جو ڪم ڪندو آهي ۽ انهي تي ڪميشن وصول ڪندو آهي. صوابي ۾ تيز ڌار وارا فولادي هٿيار ۽ زرهون ٺهنديون آهن ۽ غير ملڪي ماڻهو اهي سوينيئر طور وٺندا آهن.

ڪجھه اهڙي قسم جا خوشحال نوجوان عمران خان جا سياسي ورڪر آهن، جن جي خيال ۾، جيئن هو پنهنجي سياسي انتخاب ۾ آزاد آهن تيئن ٻيا بـه ٿي سگھن. انهن جي گھڻائي نـه حڪومت جي پرواهه ڪري ٿي ۽ نـه ئي وري خان ۽ مَلِڪ کين نوڪرين جي باس باسي يا خانگي مليشيا جي زور تي ڊيڄاري سگھن ٿا.

هڪ طرح سان، عمران خان سماجي ۽ معاشي طور انهن ڪامياب  ماڻهن جو اڳواڻ آهي. هي پاڪستان جو نيئو ايليٽ آهي جيڪو اٺاسي ماڊل ايليٽ کان اقتدار وٺڻ يا ٻي صورت ۾ شراڪت ڪرڻ گھري ٿو.

ذلالتن جا ماريل ننڍن صوبن جي ٻهراڙين جا ماڻهو، وٽن گھڻي پذيرائي حاصل نٿا ڪري سگھن، ڇاڪاڻ ته انهي سياسي ڪيڊر جو خيال هي آهي تـه سنڌي ۽ بلوچ معاشرا پنهنجي غربت جا پاڻ ذميوار آهن؛ هي نسل پرست سياسي مؤقف، هڪڙين قومن جي برتري ۽ ٻين جي ڪمتري تي ڪامل يقين رکي ٿو.

صوبي خيبر پختونخواهه ۾ تـه پيپلز پارٽي بـه  ڪافي بهتر ڪم ڪيو آهي. دِير هڪ ضلعي سطح جو شهر آهي پر انهي ۾ ٻه يونيورسٽيون آهن ۽ هاڻ هڪ  انجنيئرنگ يونيورسٽي ٺهي رهي آهي. دير مان  اڳي پي پي جو هڪ اڻپڙهيل نمائندو منتخب ٿيندو هو پر يونيورسٽي  جو ٺهڻ انهي پي پي پي اڳواڻ جي ڪوششن ڪري ممڪن ٿيو.

اهڙا نيڪ ڪم سنڌي وڏيرا نٿا ڪري سگھن.

…………………………….

”بابا، وڃڻ وقت موڪلائي وڃجو.“

اسان جو ميزبان لاٽون فقير، ذات جو سنديلو ۽ لاڙڪاڻي جو ويٺل آهي. قد جو ننڍو، سنهڙو، ڏاڙهي مڇون ۽ ڪپڙا ائين ميرا جيئن عام طور ڀنگ جي موالين جا هوندا آهن. سڄي ڄمار مسلم ڪمرشل بئنڪ اسلام آباد ۾ پٽيوالي ڪري ريٽائر ٿيو آهي. هاڻ سندس هڪڙو پٽ انهي بئنڪ ۾ آفيسر آهي. پاڻ گھڻو وقت هن روضي تي گذاريندو آهي، ڀنگ ۽ چرس پيئندو ۽ ٻين لاءِ ٺاهيندو آهي. هتي هڪ ٻيو سنڌي بـه ويٺو هو. هي صاحب سکر جو ملاح ۽ انڪم سپورٽ پروگرام ۾ آفيسر آهي. ملاح صاحب شام جو هن هنڌ ڀنگ پيئڻ ايندو آهي.

هي مزار، امام بري جي روضي جي پٺيان ڪنهن ڪاظمي سيد جي آهي ۽ مون سان گڏ آيل همراهه کي سندس دوستن هتي ملڻ جو انجام ڏنو آهي. مزار جا خدوخال اهي ئي آهي جيئن سنڌ جي ٻهراڙين ۾ درگاهون ٿينديون آهن، يعني ڀرسان قبرستان، انهن جي وچ ۾ گنبذ ۽ اندر مرشد جي قبر.

ميدان جي هڪ ڪنڊ تي پڪين سرن سان ٺهيل هڪ ڪمرو آهي، جنهن ۾ تڏن تي پنج ڇھه همراهه ويٺا آهن.ڪمري جي اندر ڊم روشني آهي. هڪ ڪنڊ ۾، هنڌ بسترا ۽ تڏا پيل آهن ۽ ٻئي طرف پيتيون ۽ هڪ ٻه ڪرسي رکيل آهي، سمورا ماڻهو هڪ دائري ۾ ويٺا آهن ۽ وچ تي ڀنگ جو ڪونڍو رکيل آهي. تمام گھڻو ڊپريس ڪندڙ ماحول آهي.

اسلام آباد جي پسگردائي جو هي ڳوٺ، نور پور سڏجي ٿو. هن ڳوٺ سان هڪ سبق آميز تذڪرو منسلڪ آهي جنهن جو بيان مون مزار تان ورتل هڪ سوانحي ڪتاب ۾ پڙهيو؛

امام بري عه، جنهن جي مزار هتان ويجهو آهي، سي سترهين ۽ ارڙهين  صدي جي آخري ايامن جا برگزيده بزرگ ٿي گذريا آهن. چون ٿا ته سندن والد، جهلم جي هڪ ڳوٺ مان لڏي، موجوده آبپارا واري هنڌ اچي رهيو هو. هي بنيادي طور تي هاري هئا ۽ جيئن پنجاب جي جاٽن ۾ رواج آهي، ٻني ٻارو ڪرڻ سان گڏ مال به ڌاريندا هئا. اها جاءِ جتي هن وقت پاڻ رکيل آهن، انهي جي ڀرسان هي موجوده ٽائون نورپور هوندو هو. هي علائقو هر قسم جي چورن، ڌاڙيلن ۽ ٺڳن جو مسڪن هو، يعني سمجھو کڻي ته لليچن جو ڳوٺ هوندو هو. هنن ماڻهن پوري سالٽ رينج يا پوٺوهار ۾ باهه ٻاري ڏني هئي. روايتن موجب امام بري کي سندن مرشد، ڏوهارين جي هن ڳوٺ جي اصلاح ۽ سڌاري جي خاص اسائنمنٽ ڏئي هيڏانهن موڪليو. پاڻ ٺڳن جي ڳوٺ ۾ هدايت جو  درس ڏئي کين راهه راست تي آندائون.

امام بري انهن ڏينهن ۾ پنجابي مسلمانن جو نامور مبلغ بنجي چڪو هو. سندن عهد جي تاريخي اهميت تمام گھڻي آهي، ڇاڪاڻ ته پنجاب، مغل جاگيردارن جي هٿن مان نڪري چڪو هو، پنجابي هارين جي تازه دم تحريڪ، سک مذهب، مغل سرڪار جي ڪارندن تي يلغار ڪري ڏني هئي ۽ ڏکڻ پنجاب جا مسلمان جاگيردار سک فوج هٿان مار کائي ساڻن مصلحت ڪري رهيا هئا. امام بري جو زمانو پنجاب مٿان افغان حملن جي نئين سيريز جي شروعات، پنجاب ۾ سکن جي مختلف گروهن جي ڪنفيڊريشن ٺهڻ ۽ عروج جو عهد ڄاڻايو وڃي ٿو. ڪجهھ روايتن موجب، اسلام آباد ڀرسان سندس خانقاهه تي اورنگزيب عالمگير به ساڻن ملڻ آيو هو ۽ سندن مقبري جي تعمير پڻ اورنگزيب ڪرائي.

شايد هن علائقي (پوٺوهار) جي مرڪزي سياسي اهميت انهي وقت به اوتري ئي هئي جيتري اڄ آهي، جو اورنگزيب جڏهن اڃان بادشاهه نـه بنيو هو تڏهن امام بري کيس بادشاھ بنجڻ جي بشارت ڏني هئي ۽ بعد ۾ اورنگزيب ۽ دارا جي معرڪن، مرهٽن ۽ سکن سان سندس مذهبي لڙاين جو احوال توهان سڀني کي معلوم آهي.

پر سکن جي امور سلطنت ۾ توهان کي سامراج وارا ثقافتي ۽ فڪري ارڪان گھٽ ۽ ”جگا ٽيڪس“ وارو سياسي معاشي نظريو وڌيڪ ڪارفرما نظر ايندو. رنجيت سنگهھ،  اوڙي پاڙي تي ٽيڪس عائد ڪندو هو ۽ نـه ڏيڻ جي صورت ۾، مٿن فوج ڪشي ڪندو هو. امام بري جن ورهين ۾ حيات هو، انهي عرصي ۾ پنجاب ۾ سک عسڪريت پسندي اوج تي هئي. سندن وفات کان ڪجهھ ورهيه بعد، پنجابي سک، هندستان جي وڏي مان وڏي فوجي طاقت بنجي اڀريا ۽ ارڙهن سئو ستاويهن ۾ اهو ڪري ڏيکاريائون جيڪو گذريل ٻن هزار ورهين ۾ ڪا هندستاني قوم نـه ڪري سگھي هئي؛ سکن، احمد شاهه جي افغان فوج کي موجوده اسلام آباد کان ٿورو پرڀرو، اٽڪ وٽ روڪيو ۽ هڪ خوفناڪ جنگ بعد، افغان مار کائي ائين ڀڳا جو وري پنجاب ڏانهن منهن نه ڪيائون.شايد، اسلام خطري ۾ هئڻ يا افغانن کي دفاعي حڪمت عملي جو حصو سمجهڻ عرف اسٽريٽيجڪ ڊيپٿ واري تصور جا بنياد انهي عرصي دوران پوڻ شروع ٿيا هئا، جو هن علائقي جي مسلم آبادي، احمد شاهه دراني جو ساٿ ڏنو.سک راڄ جي شروعاتي ورهين ۾، سندن هڪ لڙائي بلوچ سردار نوري نصير خان سان پڻ ٿي. نوري نصير خان کي بلوچن جو پيٽر دي گريٽ سڏيو ويندو آهي. بعد ازان، اوڻيهين صدي ۾ جڏهن انگريزن سکن کان پنجاب ورتو تڏهن اسلام آباد ڀرسان ڏکڻ ايشيا جي وڏي مان وڏي ڇانوڻي تعمير ڪيائون.مهر علي شاھه آف گولڙه شريف جو مزار اسان جي هوٽل جي ڀرسان آهي ۽ اسان اتي ڪڏهن ڪڏهن پنڌ به ويندا رهندا آهيون. مهر علي شاھه جي روضي جو منظر، ٿورو گھڻو گولڊن ٽيمپل جهڙو آهي. هن وسيع ۽ خوبصورت ڪامپليڪس جون ڀتيون، ڇتيون، فرش توڙي احاطا، ماربل ۽ اعليٰ قسم جي سنگ مرمر جا ٺهيل آهن. مزار جي چوديواري اندر مسجدون، مدرسا، تلاو، صاف ۽ چڱي ريت ڌوتل مسافر خانا، کاڌي جي سامان رکڻ جا گودام، مدرسي ۾ پڙهندڙ ٻارن لاءِ هاسٽل ۽ سائين مهر علي شاھه جي والدين جا روضا ٺهيل آهن.مهر علي شاهه نسبتن جديد دنيا ۾ ڄاوا. مٿن لکيل هڪ مختصر ڪتاب بموجب، پاڪستان جو قومي شاعر، علامه اقبال به  شرعي ۽ پنجاب جي انهي وقت جي سماجي معاملن جي باري ۾ بوقت ضرورت ساڻن صلاح مصلحت ڪندو هو.

(جاري)

مهر علي شاهه، ابن العربي جي وحدت الوجود جي صوفي طريقت جو قائل هو. پاڻ، فقهي مسئلن تي، ستٽيھه جلدن جو هڪ ڪتاب لکيائون.

جيئن سنڌي ڪافي ۾ سائين مصري شاھه جو ڪو مٽ ناهي، تيئن سائين مهر علي شاھ کي پنجابي ٻولي ۾ ڪافي جو موجد ۽  قادر الڪلام شاعر سمجهيو ويندو آهي. سندن ڪجهھ معرڪته الاآرا ڪافيون سنڌ ۾ پڻ نهايت مقبول آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.