اسلام آباد جي ايف سيون ۾ هن گيسٽ هائوس جو نالو دي ريويرا گيسٽ هائوس آهي. هتي اسان ٻن ڏينهن جي هڪ ورڪشاپ جي سلسلي ۾ آيا آهيون. گيسٽ هائوس جي مرڪزي دروازي تي، ماڻهوءَ جي قد جيڏو 7 جو عدد لکيل آهي، جنهن ڀرسان رنگ برنگي گول دائرا ٺهيل آهن. گيسٽ هائوس کان ٿورو پرڀرو جناح سپر مارڪيٽ آهي، جتي اسان رات جي ماني کائڻ ويندا آهيون. شهر ۾ سيءُ گهٽ آهي ۽ روڊ جي ٻنهي پاسن کان حد نظر تائين ٺوڙها وڻ بيٺل آهن.
دي رويرا گيسٽ هائوس جي آجياڻي واري ڀاڱي ۾، ڀت تي هڪ وڏي، ڊبل بيڊ جيڏي پينٽنگ لڳل آهي، جنهن ۾ سترهين يا ارڙهين صدي جي ڪنهن بادشاهه جي سواري ويندي ڏيکاري وئي آهي. بادشاهه پاڻ هاٿي تي سوار آهي ۽ سندس اڳيان پٺيان شاهسوار ۽ پيادا، نيزا اڀا جهلي ڪنهن جامع مسجد جهڙي عمارت آڏو گذري رهيا آهن. مون جڏهن هوٽل جي مئنيجر کان پڇيو ته هي ڪنهن جي تصوير آهي ته چوڻ لڳو ”سائين هي توهان جو راجا ڏاهر آهي. ڏسو نٿا ته ماڻهو ڪيئن سجدي ۾ ڪريا پيا آهن؟“
مون چيومانس ”ڀائو، راجا ڏاهر جي تصوير ۾ مسيت ڪٿان آئي“، ته بنان ڪنهن هٻڪ جي چوڻ لڳو ”سر اها ته مون کي خبر ناهي، پر هي تصوير آهي راجا ڏاهر جي. اسان جو مالڪ هي پينٽنگ چاليهن هزارن ۾ خريد ڪري آيو آهي.“
گيسٽ هائوس جو ننڍڙو ڊائننگ هال آهي، اُن ۾ ڊگهي قد وارين ٻن آفريڪي عورتن جون ڊميون رکيل آهن. ڪجهه چيني ماڻهو نيرن ڪرڻ بعد کير جا گلاس ڀري هڪٻئي سان ڪچهري ڪري رهيا آهن.
ٽيويهين مارچ سبب آسمان ۾، فضائي مشق ڪندڙ جيٽ هوائي جهازن جو گجگوڙ رهي ٿو. شهر ۾ سفر ڪندي، عمارتن، روڊن، بازارن ۽ شاهراهن تي ٽنگيل بينرن ۾ مون کي فقط ٻن قسمن جو مواد نظر آيو؛ هڪڙو؛ پاڪ فوج ڪو سلام ۽ ٻيو ڊاڪٽر علامه اقبال جو ڪو شعر. ظاهر آهي هوشو شيدي، دلا ڀٽي يا نوري نصير خان، پاڪستان مسلم ليگ جا ميمبر يا جناح صاحب جا مشير ته هئا ڪونه جو انهن جي ڪا تصوير، ڪو رزميه نعرو، ڪو وچن لڳل هجي.
اسان جي هن ورڪشاپ جو مقصد عورتن کي مختلف هنرن جي سکيا ڏئي ڪري سندن آمدني ۾ اضافو ڪرڻ آهي ته جيئن هو پنهنجن ٻارن جي تعليم، کاڌي پيتي ۽ صحت تي وڌيڪ خرچ ڪري سگهن. ورڪشاپ جو هنڌ ايف ٽين ۾ آهي ۽ هن آفيس ۾ پٽيوالي کان وٺي سينئر اسٽاف تائين جملي سڀ پٺاڻ آهن. هڪڙي ميڊم ڪوئيٽا جي آهي، جيڪا اڳ ۾ بلوچستان يونيورسٽي ۾ انگريزي ادب پڙهائيندي هئي ۽ هاڻ هن غير سرڪاري اداري جي ٻيون نمبر طاقتور شخصيت آهي. ٻن ڏينهن دوران سندس گفتگو ۾ مون کي ته هڪڙو به ڪارگر جملو ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو پر ڇاڪاڻ ته ميڊم صاحبا اهم عهدي تي آهي، تنهنڪري سندس هر گفتگو، نصيحت ڀريو نقطو بلڪه برڪت وارو جملو سمجهي ڪري ٻڌو ويندو آهي.
گيسٽ هائوس ۾ منهنجو روم پارٽنر سکر جي هڪ غير سرڪاري اداري ۾ ملازمت ڪندو آهي. سندس ابتدائي زندگي جي هڪ باب کي پڙهڻ کانپوءِ توهانکي اندازو ٿيندو ته سنڌ جي غير سرڪاري ادارن ۾ اسان جا نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڪهڙن مرحلن مان گذري هتي پهتا آهن.
سکر ضلعي جي هن نوجوان، ٻارهون درجو پاس ڪرڻ بعد درزڪو ڪم شروع ڪيو. سندس بقول، ڳوٺان لڏي سکر شهر ۾ اچي رهڻ جو سندس مقصد به درزڪي دڪان تي اچي ڪم سکڻ هو. گهر ۾ سندس هڪ ڀيڻ ۽ امڙ اڳٺ ٺاهينديون هيون، جيڪي کڻي هو شهر ۾ اچي کپائيندو به هو.
”هڪ ڏينهن سکر جي هڪ دڪاندار کي اڳٺ ڏيڻ آيس ته مون کي پنهنجي ڪاليج جو هڪ استاد مليو. انهي چيو محمد علي اڄڪلهه ڇاٿو ڪرين. چيومانس سائين اڳٺ ٿو کپايان. مون کي چيائين اڳٺ ڀلي کپاءِ پر سکر ۾ انگريزي ٻولي سيکارڻ جو هڪ انسٽيٽيوٽ کليو آهي اتي داخلا وٺ. چيومانس سائين پيسا ڪٿان آڻيان. مون کي چيائين منهنجي پٽ انهي ۾ داخلا ورتي آهي، سڀاڻي صبح جو تون به وڃي اتي داخلا وٺ ۽ ائين چوندي مون کي فيس جا پيسا ڪڍي ڏنائين. مون سائين کان پيسا وٺي وڃي داخلا ورتي ۽ پهريون ڀيرو انگريزي ٻولي جا بنيادي اصول سکڻ شروع ڪيم. ڪي پنج مهينا اتي پڙهيس ۽ پنجئي مهينا منهنجي فيس اهو استاد ڏيندو رهيو. پوءِ ڪاليج سائيڊ کان بي اي ڪرائڻ ۾ پڻ مدد ڪيائين. اهي ٻئي سال مان درزڪي دڪان تي ڪم ڪيو. بي اي ڪرڻ دوران اتي جي هڪ غير سرڪاري اداري ۾ نوڪريون آيون. نوڪري دوران ايم اي پريويس ڪري ورتم. هاڻ غير سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪندي ڪي ست سال ٿي ويا آهن.“
سائين محمد علي کي پهرين نوڪري سکر جي هڪ مقامي اين جي او ۾ ملي پر نه ڪيائين:
”هڪڙي دوست جي سفارش تي، سکر جي هڪ غير سرڪاري اداري ۾ نوڪري لاءِ ها ڪيائون. اداري جي سي اي او مون کي فون ڪري چيو ته فلاڻي ڏينهن تنهنجو انٽرويو ڪنداسين. انهي ڏينهن سي او صاحب پنهنجي پٽ سان گڏجي سکر آيو، انٽرويو ورتائين ۽ انٽرويو بعد مون کي چوڻ لڳو ته يار اسان وٽ پيسا گهٽ آهن سو هن نوڪري ۾ اسان توکي مقرر ٿيل پگهار کان پنج هزار گهٽ ڏينداسين. مان راضي ٿي ويس. پوءِ سي او صاحب هيڏانهن هوڏانهن ڏسي چوڻ لڳو ته مان پنهنجو اي ٽي ايم ڪارڊ وساري آيو آهيان، سو في الحال اسان کي ڪٿي ماني هلي کاراءِ. مان کين اسٽيپ ان هوٽل ۾ وٺي آيس. سي او صاحب ۽ سندس ڇوڪري مختلف طعامن جا آرڊر ڏنا، ماني کاڌي به ۽ کنئي به.
کين ماني کائيندو ڇڏي، مان اتان اٿي هوٽل جي رسيپشن تي آيس، بل ورتم، ٻاويهه سئو رپيا ادا ڪيم، موبائل فون کي سوئچ آف ڪيم ۽ ڀڄي ويس. پورا ٻه ڏينهن موبائل بند رکيم.“
سائين محمد علي کي ٻي نوڪري يونيسيف جي هڪ پراجيڪٽ ۾ ملي:
”يونيسيف پاران ڪشمور ضلعي ۾ سروي ڪرائڻ جون ڪجهه نوڪريون آيون. درخواست ڏنم ۽ انٽرويو بعد چونڊجي ويس. انهي ملازمت موجب اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي سروي ڪرڻي هئي. سروي آفيس، سِرُن جي ٺهيل هڪ ننڍڙي عمارت هئي، جيڪا 1936 ۾ لڇمڻ نالي ڪنهن واڻئي بطور گرلز اسڪول ڪشمور شهر ۾ ٺهرائي هئي.“
”هڪ ڏينهن هڪ همراهه مون وٽ آيو. سندس عمر ڪا پنجويهه ڇويهه سال هوندي، پيرن ۾ بالي جو ڳاڙهو جوتو، بوسڪي جي قميص پاتل، چهري تي هلڪي ڏاڙهي، ڪارائي ۾ ٿلهي ڊائل واري مهانگي گهڙي ٻڌل. هي همراهه اصل جعفر آباد جو آهي. سندس پيءُ ڪوئيٽا ۾ آبپاشي کاتي ۾ ايڪسين آهي ۽ هي پاڻ، حب ۾ پاڻي جي فلٽرن ۽ بلوچستان ۾ ڪرومائيٽ پٿر جو واپار ڪندو آهي. اچڻ سان مون کي هڪ وزٽنگ ڪارڊ ڏنائين، جنهن تي ساڄي پاسي شهيد بينظير صاحبه جي تصوير ٺهيل هئي ۽ کاٻي طرف وري ڪنهن ٿُلهي منڍي واري ماڻهو جو فوٽو لڳل هو. چوڻ لڳو مان فلاڻي صلاحڪار جو مائٽ آهيان. مون کي ٿورو غور سان ڏٺائين، ۽ وري ٻيو وزٽنگ ڪارڊ ڪڍندي چوڻ لڳو، ”مان هن سنڌي چينل جي ڊسڪشن پينل تي به آهيان. توهان جو اخبار ۾ اشتهار پڙهيم، منهنجي هڪ اين جي او به آهي، سو توهان جيڪر مون سان وهنوار ڪريو ته اهو ڪم مون کي ملي سگهي ٿو.“ مان اتان اٿي وڃي اهو فارم کڻي آيس جنهن ۾ سمورو تفصيل لکڻو هئو ۽ کيس آڻي ڏنم. چوڻ لڳو توهان ڇا سپلاءِ ڪندا آهيو؟ چيومانس اسان ڪجهه سپلاءِ نه ڪندا آهيون، هي انهي سروي واري ڪم جي رابطا آفيس آهي ۽ اسان کي اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي باري ۾ سروي ڪرڻو آهي. چوڻ لڳو؛ يعني انهن سمورن ٻارن کي هڪ هڪ ڪري ڳڻڻو پوندو؟ چيم ها انهن سمورن ٻارن کي ڳڻڻو پوندو. ڪجهه دير سوچي چوڻ لڳو؛ ايترا ٻار ڪيئن ڳڻيندس؟ چيومانس اها ته مونکي خبر ڪانهي ته ڪيئن ڳڻيندين. چوڻ لڳو، ڪو اهڙو طريقو آهي جنهن ۾ ٻار ڳڻجي به وڃن ۽ اسانجي ماڻهن کي وڃڻو به نه پوي. چيومانس نه اهڙو ڪوبه طريقو ناهي. چوڻ لڳو ته پوءِ انهيءَ جو مقصد اهو ٿيو ته توهان نٿا چاهيو ته اهو ڪم اسان کي ملي. ٺيڪ آهي، مونکي اهو معمولي ڪم کپي به نه. ائين چئي هليو ويو.“
جيتوڻيڪ، ٻولي، ادب، نصاب، تعليم، صحت ۽ ايستائين جو هاڻي ته موسيقي، ڳائڻ، درگاهون ۽ صوفي ازم به فنڊيڊ پروجيڪٽ ٿي ويا آهن ۽ جيترا پيسا خرچ ٿي رهيا آهن، انهي پٽاندر معاشرو هڪ انچ به بهتر ناهي ٿيو.
پر انهيءَ سان منسلڪ حقيقت هيءَ آهي ته؛ سرڪاري اسڪولن ۽ بند يونيورسٽين مان واجبي تعليم حاصل ڪيل اسان جهڙا ماڻهو، موجوده سَنڌ سُڪل سرڪار ۾ ڪا معمولي نوڪري به حاصل نه ڪري سگهن ها. غير سرڪاري ادارن جي متعارف ٿيڻ بعد سنڌ ۾ ڇوڪرين جي ملازمتن ۾ اچڻ جو تناسب تمام گهڻو وڌيو آهي. هي تذڪرو انهيءَ ڪري به اهم آهي جو سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڇوڪرين جا اسڪول هلن ڪونه (جنهن جو هڪ وڏو سبب سنڌ جي ڳوٺن ۾ خواتين استادن کي هراسان ڪرڻ آهي). غير سرڪاري ادارن جي ڪم جو، شايد وڏي مان وڏو فائدو تعليم يافته سنڌي ڇوڪرين ۽ بي پهچ سنڌي ڇوڪرن کي پهتو آهي.
ڪل ٿڙيل ماڻهو
سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان وٺي، عام سنڌي ماڻهن ۽ مٿن راڄ ڪندڙ حڪومتن وچ ۾ ڪو سڌو تعلق ناهي رهيو، تنهنڪري ٽالپر يا ڪلهوڙا دور حڪومتن دوران حڪومتي عقيدو، سنڌي ماڻهو مٿان حاوي نه ٿي سگهيو. پر هن وقت ماڻهن جا دماغ هڪ ٻئي راڄ، حڪومت جي چوٿين ٿنڀي هيٺان اچي ويا آهن:
پاڪستان ۾ ٻه شعبا، جرنلزم ۽ وڪالت اهڙا شعبا آهن، جتي توهان کي انتهائي پڙهيل ماڻهو به ملندا ته اڻپڙهيل يا اڌ پڙهيل ماڻهو پڻ. پاڪستان جي وڪيلن ۾ لنڪس ان ۽ ٽيمپلس ان جا فارغ التحصيل موجود آهن ۽ مرِي ترِي بي اي ڪندڙ وڪيل به آهن. ساڳي ريت ڊان نيوز ۾ ڪم ڪندڙ تمام گهڻا پڙهيل صحافي به آهن ته، سنڌ جي البيلي عشق سان سرشار بلڪ ٽٻٽار صحافت به موجود آهي.
هن ملڪ سان ڊگهن غير سياسي، غير پارلياماني مدن دوران اهڙو ته ڪو ڪم ٿيو آهي، جو پاڪستان ۾ عوامي راءِ هموار ڪرڻ ۾ بنيادي سياسي، فڪري، معاشرتي ڪردار هاڻ ٽي وي جو وڃي بچيو آهي. هر خانگي چينل هاڻ ڪارپوريٽ دانشورن جو شادي هال، تبليغي مرڪز، پڪوان سينٽر، فيشن شو جي براهه راست نشريات آهي. چوندا آهن ته ٽي وي به گهر جو ڀاتي آهي پر هي پهاڪو شايد تڏهن ايجاد ٿيو جڏهن ٽي وي تي پاڪستاني معاشري جا نامور افسانه نويس ۽ ڪلاڪار ڪم ڪندا هئا.
هاڻي ته بابا حالت آهي!
ملڪ جي ڀڳي سڄي ڪرڻ، ڪنهن کي هجوم هٿان مارائڻو آهي ۽ ڪهڙي مشٽنڊي کي ولي الله، برگزيده هستي يا وري آخري عوامي آسرو ڪري سمجهڻو آهي، پاڪستانين کي سلام ڪيئن ورائڻو آهي، الله حافظ چوڻو آهي ۽ خدا حافظ ناهي چوڻو، ڪهڙو ڪپڙو پائڻو آهي ۽ ڪهڙين قومن کي دنيا جا خصيص ترين ماڻهو ڪري سمجهڻو آهي، انهن ”انتهائي اهم امور زندگي“ جي باري ۾ هاڻ هي ڀاتي سمورو ڏينهن ٿو وات وهائي.
۽ هي تعدي رڳو پاڪستانين سان ناهي، سمورو ڏکڻ ايشيا (انڊيا سميت) هاڻ منافعي خور نيئو ايليٽ، مذهبي عسڪريت پسندن ۽ ميڊيا جي حوالي ٿيل آهي ۽ انهن جي مٿان وري دنيا جي سڀ کان وڌيڪ سيڪيولر، ترقي پسند ۽ جمهوري اقدار جي محافظ آمريڪي انتظاميا جا اسٽريٽجڪ مفاد آهن. انهن اسٽريٽجڪ آمريڪي مفادن، وچ اوڀر ۽ اسان جي هن خطي ۾ سيڪيولر ۽ قومپرست اڳواڻن کي هجومن هٿارئون يا وري فوجن معرفت مارائي، سندن سماجن کي مذهبي جنگين طرف لاڙي، انهن معاشرن کي برباد ڪري ڇڏيو آهي.
سال 1994 ۾ پاڪستاني ۽ غير پاڪستاني عسڪريت پسند ۽ سندن سياسي قيادت انهي تي متفق ٿيا ته گلوبل جهاد لاءِ، افغانستان کان وڌيڪ پاڪستان موزون ماحول فراهم ڪري ٿو. انهي سال اهي گروهه، پاڪستان تي اندروني حملا ڪري، گهڻن طرفن کان قبضو ڪري انهي کي پنهنجي ايجنڊا بموجب هلائڻ تي متفق ٿيا. انهي کي ٽيڪ اوور پلان سڏجي ٿو. انهي بعد انهن گروهن پاڪستان ۾ منظم نيٽ ورڪ ٺاهڻ جي شروعات ڪئي، سيڪيولر ۽ قومپرست سياسي اڳواڻ قتل ٿيا.
*******(جاري)*******
انهن حملن جو هدف ڇاڪاڻ ته اسٽيبلشمنٽ نه هئي، تنهنڪري کين صالح ۽ چڱيرڙا طالبان جو آفرين نامو ملندو رهندو هو.
1994ع کانپوءِ پاڪستان معاشري ايڏي ته مار کاڌي آهي جو سماج ۾ هاڻ ايترو رت به ناهي بچيو جو ملڪ لاءِ قربان ڪري ۽ ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته هاڻ رڳو هڪڙي ڌِڪيَ جي ضرورت آهي. ڌِڪيَ مان هتي مراد آهي، بمبئي حملن جهڙو هڪ عدد ٻيو واقعو، يا وري، خدا ڏئي پناهه، سيپٽمبر حملن جهڙو ڪو ٻيو حملو.
پاڪستان جيڪر ٿورو گهڻو اڃان بچيل آهي ته اهو انهي ڪري جو سنڌي ۽ بلوچ اڃان اهو ڪوجهو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. هي قومون اڃان تائين قوم جي جديد وصف تي ڪاربند آهن ۽ ٽيڪ اوور پلان جي ايجنڊا تي ڪونه آيون آهن.
ڪلهه رات، دا رويرا گيسٽ هائوس جي ڊائننگ هال ۾ ٽيليويزن تي انگريزي فلم رامبو پارٽ ٽيون هلي رهي هئي. فلم جي هڪ منظر ۾ آمريڪي سورمي جان رامبو، افغان عسڪريت پسندن جي هڪ محفوظ ٺڪاڻي اندر، گهوڙي تي چڙهي اها راند پئي کيڏي جنهن ۾ پٺاڻ، ذبح ٿيل رڍ هڪٻئي کان ڦريندا آهن. فلم جي هڪ سين ۾ هڪ افغان چوڻ لڳو؛ ”قدرت واري کي ڪل ٿڙيل ماڻهو ڪي ڏاڍا پسند آهن، جو ايترا گهڻا پيدا ڪيا اٿس.“