افغانستان ۾ جهاد واري پاليسي؛ماروي سرمد

پاڪستان جي فوجي اسٽيبلشمينٽ جا پاڻمرادو ترجمان بڻيل ڪي شخص جڏهن هَرو ڀَرو به پنهنجي ڳالهه کي درست ۽ سچُ ثابت ڪرڻ لاءِ حقيقتن کي ٽوڙن ۽ مروڙِن ٿا ۽ تاريخ سان کِينس ڪن ٿا ته ان تي هاڻي ڪنهن کي به حيرت نه ٿي ٿئي. جڏهن به ڪير جهادي گروپن جي پيداوار کي پاڪستان جي اختيار ڪيل افغان جهاد واري حڪمت عمليءَ سان ڳنڍي ٿو ته اهي انهيءَ حقيقت باوجود ته پاڪستان  هينئر هڪ تبديل ٿيل ملڪ آهي، جيڪو پنهنجي اڳين پاليسين ۾ تبديليون آڻي رهيو آهي، ٺهه پهه نصيحت ڪندي نظر اچن ٿا ته تاريخ ۾ وري نهاريو، ڇو ته ان وقت پاڪستان وٽ اها حڪمت عملي اختيار ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو ڪين هو. سو ڇا واقعي به ائين ئي آهي؟جيتوڻيڪ اصل گناههُ جا پيرا 1949ع ڌاري ئي ملن ٿا، جنهن ۾ پاڪستان جي ممڪنه آئين ۾ ناقابل خواهش توسيع ڪئي وئي هئي پر دفاعي سطح تي ان جو ڏسُ وري 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ملي ٿو، جڏهن اسان پنهنجي پاڙيسري افعانستان ۾ باغين جي حمايت ڪرڻ شروع ڪئي هئي. هن حڪمت عملي جو مصنف ذوالفقار علي ڀٽو ئي هو، هيءَ حڪمت عملي تنهن وقت ۾ بلوچستان ۾ شروع ٿيل شدت پسنديءَ سان گڏوگڏ اختيار ڪئي وئي هئي، جنهن پاڪستان جي حساس پرڏيهي معاملن منجھان جنم ورتو هو.جنهن کي اسان افغان جهاد سڏيون ٿا، سو اصل ۾ 1979ع کان گهڻو اڳ شروع ٿيو هو، جڏهن 1973ع ڌاري ذوالفقار علي ڀٽو جي پاڪستان انهن شدت پسند مذهبي گروهن جي حمايت ڪرڻ شروع ڪئي هئي، جيڪي افغانستان ۾ دائود خان جي سرڪار جي مخالفت ڪري رهيا هئا. هي اُهو زمانو هو جڏهن پاڪستان، آمريڪا جي ڪميونزم فوبيا کي، سندس ڏوڪڙن ۽ هٿيارن تي اک رکندي پنهنجي فائدي ۾ استعمال آڻڻ شروع ڪيو هو.لڳ ڀڳ اهڙو سبق آمريڪا، 1950 ۽ 1960ع جي ڏهاڪن ۾ پاڪستان جي فوج سان ڪيل معاهدن ۾ پرائي به چُڪو هو. انهيءَ حڪمت عمليءَ تحت ئي اسان 1972ع ۾ آمريڪا کي پنهنجا بندرگاهه اڏن طور استعمال ڪرڻ جي آڇ به ڪئي هئي.  پاڪستان هڪ پاسي ته سوويت يونين جي امڪاني اڳڀرائي جي صورت ۾ آمريڪا کي بار بار دفاعي تعاون جون اپيلون ڪري رهيو هو، ساڳي ئي وقت پشاور ڪوئيٽا ۽ اسلام آباد ۾ باغي افغان اڳواڻن کي پناهه ڏيڻ به شروع ڪري ڇڏي هئائين. رباني ۽ حڪمت يار سان حڪومتي عملدارن جي ملاقاتن جو به نه رڳو سلسلو هلندو رهيو پر پٺتي افغانستان ۾ سرگرميون جاري رکڻ لاءِ سندن ڀرپور مدد به ڪئي ويندي رهي. افغانستان ۾ تنهن زماني ۾ دائود ڪامياب فوجي بغاوت جي ذريعي ظاهر شاهه جي سرڪار جو تختو اونڌو ڪري ظاهر شاهه جي پنهنجي نوعيت جي جمهوريت، پراجيڪٽ ڊيمو ڪريسيءَ جو خاتمو آندو هو. سو دائود جي پشتونستان واري منصوبي ۽ ڊريونڊ لائين جي مخالفت (ڊريونڊ لائين پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ بيٺڪي راڄ واري سرحد آهي) سبب پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ دائود کي اقتدار ۾ ڏسڻ نه ٿي گهريو، جيتري قدر ڪميونسٽ خيال رکندڙ پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي آف افغانستان (پي ڊي پي اي) خلاف دائود سرڪار طرفان پرتشدد رويي اختيار ڪرڻ جو معاملو آهي ته ان خلاف دائود سرڪار کي سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو هو. 1978ع واري سور انقلاب ذريعي دائود خان پٺاڻ جي سرڪار جو خاتمو آيو ۽ ان جو خاتمو انتهائي پرتشدد انداز ۾ ٿيو. صدين کان وٺي افغانستان جي قبيلائي حصن جا مرڪز سان عجيب و غريب اقتداري لاڳاپا پئي رهيا آهن. جيتري قدر افغانستان جي انتظامي ڪنٽرول جو تعلق آهي ته ان ۾ هميشه ڪابل کي برتري پئي حاصل رهي آهي.پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي آف افغانستان (پي ڊي پي اي) هيءَ حقيقت پرکي نه سگهي هئي ته پنهنجي نوعيت ۾ انتهائي عدمُ مرڪزيت وارو هئڻ سبب افغانستان تاريخي طور ڪابل ۽ ملڪ جي باقي حصن ۾ توازن براقرار پئي  رکيو آهي. مرڪز کي تمامُ گهڻو مضبوط ڪندي رياست جي سوشلزمُ جي طرز تي تڪڙي جوڙ جڪ لاءِ پي ڊي پي اي سماجي سڌارن وارو ڪم شروع ڪري ڏنو، جنهن کي اسلامي شدت پسند گروپن ”غير افغان“ پيش رفت سمجھيو. نياڻي کي ڏاج ۾ رقم کي غير قانوني قرار ڏيڻ، مذهبي عالمن جي اثر رسوخ کي محدود ڪرڻ توڙي زمين رکڻ جي هڪ حد مقرر ڪرڻ لاءِ سخت زميني سڌارا (لينڊ رفارسز) آڻڻ جهڙا پي ڊي پي اي جا قدم ان جا ناقابل معافي گناههُ بڻجي ويا. سو حالتن کي پروڙڻ ۽ سمجھڻ جي ڪوتاهه نظري ۽ عجلت ۾آندل سڌارن جي ڪري پي ڊي پي اي جي سرڪار خلاف بغاوت جنم ورتو، جيڪا ان وقت تائين خالق ۽ پر شام جي ٻن مضبوط گروپن ۾ هڪ تقسيم ٿيل انتطاميا بڻجي وئي هئي، سوويت نواز افغانستان اڳواڻ نور محمد تيرا ڪئي ۽ سوويت مخالف اڳواڻ امين ۾ شديد ڇڪتاڻ کانپوءِ سوويت يونين 1979ع ۾ سڌي مداخلت جو فيصلو ڪيو. ان کان اڳ سوويت يونين جي دستاويزن موجب ٽرائيڪا افغانستان ۾ طاقت جي استعمال جي مخالفت ڪئي هئي. سو انقلاب کانپوءِ مٿي ڄاڻايل واقعن (دائود خلاف فوجي بغاوت کي عوام جي حمايت حاصل هئي) سبب سوويت يونين افغانستان ۾ سڌي مداخلت ڪئي، جڏهن ته پاڪستان وري ان خلاف جيڪا پراڪسي وار (ڳجھي لڙائي) شروع ٿي، تنهن ۾ استعمال لاءِ آمريڪا، برطانيا ۽ سعوديءَ کان مالي مدد حاصل ڪئي. آمريڪا جنهن ان وقت تائين افغانستان کي انتهائي غير سنجيده ٿي ورتو، سو به ڪو مروڙي اٿيو ۽ سوويت قبضي خلاف پاڪستاني پاليسيءَ کي نه رڳو ساراهيو پر ان جي مدد به ڪئي. ائين ڏوڪڙ، هٿيار، منشيات ۽ جھجھي ناڻي سان گڏ واپار شروع ٿيو، جنهن سان اسلام آباد ۾ صندوقون ته ڀريون پر ان مان ڪجهه رقم هارَ ويرَ جي صورت ۾ افغانستان جي جهادي گروپن تائين به پهتي. حسين حقانيءَ بلڪل درست لکيو آهي ته آمريڪا، سوويت يونين جو رت وهائڻ جو خواب ڏٺو هو.ستم ظريفي چئجي ته ڀٽو جيڪو سوشلزم جي نعري ۽ فڪر هيٺ اقتدار ۾ آيو هو، سو افغانستان ۾ جهادي منصوبو شروع ڪرڻ جو ذميوار بڻيو، جنهن جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ سماجي ايجنڊا کي ڪاپاري ڌڪ لڳو، سوويت خطري وارو ورهيه پراڻو نسخو استعمال ڪندي فوجي آمر جنرل ضياءُ الحق، ڀٽي جي جهادي افغانستان وارو منصوبو اڳتي وڌايو.اهڙي قسم جو خطرو اڻويهين صديءَ جي وارم واٽر واري ٿيوريءَ جو جنميل آهي، جڏهن سمجھيو ويو هو ته سوويت يونين  سمنڊ جي گرمُ پاڻي تائين پهچڻ گهري ٿو، جتي بندرگاهه برف سان ڄمي نه ٿاوڃن. جنهن جي ڪري برطانوي راڄ واري ڀارت (هاڻي پاڪستان) سان لڳندڙ افغانستان جا سرحدي علائقا سوويت يونين لاءِ خطرو بڻايا ويا هئا.جيتوڻيڪ اهو نظريو اڳ ئي اسڪالر ردڪري چڪا هئا، جنهن جي ثابتي 1990ع ڌاري سوويت يونين جي پڌري ٿيل دستاويزن مان به ملي ٿي، ۽ وڪي ليڪس مان به جنهن پڻ هن منصوبي بابت آمريڪي سوچ کي عوام اڳيان، پڌرو ڪيو. جيڪڏهن سوويت يونين کي پاڪستان جي حدن هيٺ سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ ڪا دلچسپي هجي ها ته ان کي 1950ع ۽ 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ڪير روڪڻ وارو ڪين هو. ٻيو ته گرمُ پاڻي جي بندرگاهن تائين پهچڻ لاءِ گهڻ بلاڪن واري دنيا ۾ فقط ڪاههُ ۽ قبضو ئي واحد آپش نه هو، ٻيا به کوڙ سارا آپشن موجود هئا.جيڪڏهن گهڙي کن لاءِ مڃي به وٺون ته پاڪستان جي بقا لاءِ افغانستان وارو خطرو هڪ حقيقي خطرو هو ته سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ان خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ سوويت فوجن کي مصروف رکڻ لاءِ ڳجھي جهادي ويڙهه ئي واحد آپشن هو؟ اِهو سوال جڏهن سينيئر صحافي وجاهت ايس خان کان پڇيو ويو ته سندس چوڻ هو ته”جيڪڏهن سوويت يونين کي ڳجھي عسڪري ويڙهه ۾ مصروف رکڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه هو ته پاڪستان کي ان نام نهاد جهاد جي مستقبل ۾ جيڪا قيمت ادا ڪرڻي پئي ها، تنهن جو ڪاٿو ضرور لڳائڻ گهرجي ها. ڇو جو لڪل ويڙهه به مختلف نموني وڙهي ويندي آهي. ٻين جي قيمت تي مخصوص گروهن جي پٺڀرائي آخرڪار ڇو ڪئي وئي؟ فقط پشتونن ۽ جهادين جي پٺڀرائي تي ڌيان ڇو ڏنو ويو،  سمورن افغانين جي پٺڀرائي ڇو نه ڪئي وئي؟ نتيجي ۾ پاڪستان کي ان جو ڪيتو ڀوڳڻو پيو، جيڪو اڄ سوڌو ڀوڳي رهيو آهي.وجاهت خان سچ ٿو چئي پاڪستان جن جهادي گروهن جي حمايت ٿي ڪئي، تن کي پشاور سيون جي نالي سان سڃاتو ويندو هو ۽ اهي سڀ جا سڀ سني گروهه هئا. اتي شيعا گروهن جو هڪ اتحاد به هو جيڪو تهران ايٽ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، جنهن کي ايران جي حمايت حاصل هئي. سو افغانستان ۾ مزاحمت يا ائين کڻي چئجي ته شدت  پسنديءَ ۾ سنين ۽ پشتونن جي حمايت ۽ باقين کي نظرانداز ڪرڻ جو نتيجو ئي آهي جو ٻيون برادريون ڪنهن چڱي نالي سان پاڪستان کي ياد نه ٿيون ڪن. سو افغانستان جهاد کي لساني ۽ فرقيوار بڻائڻ  پاڪستان تي پر تشدد ۽ شدت پسنداڻا اثر ڇڏيا شدت پسندن کي پنهنجي سرزمين تي پناهه ڏيڻ جي ڪري پاڪستان اڄ ڪڏهن به ختم نه ٿيندڙ تشدد ۽ شدت پسنديءَ جي ڪڏهن به ختم نه ٿيندڙ ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو آهي. ان کي جهاد سڏي مذهبي رنگ  ڏيڻ ۽ عرب دهشت گرد گروپن سميت اڻ ڳڻيا پرڏيهي گروهه آڻي (جيڪي ڪنهن دور ۾ آمريڪا، برطانيا ۽ ٻين اولهه جي ملڪن لاءِ فريڊم فائيٽر هئا) ايندڙ ڳچ عرصي لاءِ پرامن پاڪستان جي اميدن کي ئي تباههُ ڪري ڇڏيو آهي. ان پاليسيءَ تان هٿ کڻڻ اڃا به ممڪن آهي، اِهو تڏهن ممڪن ٿي سگهندو، جڏهن ان جي بنيادي سببن کي ايمانداريءَ ۽ مقصد سان سچائيءَ سان تسليم ڪريون، جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ اڃا به پاڪستاني ميڊيا تي پنهنجي وات ڦاٽوڙن لڪل مُهرن جي ذريعي پنهنجي غلطين کي رست ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته ان مان سمجھي سگهجي ٿو ته سرڪاري پاليسيءَ ۾ اڃا به ڪا به تبديلي نه آئي آهي، مرض کي ڇڏي فقط علامتن جو علاج ڪرڻ سان ڪابه نجات ملڻي ناهي.  جيڪڏهن اڃا به چئو ٿا ته افغان جهاد درست ۽ جائز هو ته معاف ڪجو ته اوهان اهو چئي پنهنجو پاڻ کي ٺڳي رهيا آهيو ته توهان سٺي ۽ خراب طالبان ۾ فرق نه  ٿا سمجھو..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *