افغانستان جي صورتحال ۽ پاڪستان جي پاليسي: زاهد حسين

قندوز تي قبضي کانپوءِ طالبان ويڙهاڪن جي اتر وارن ٻين پاڙيسري صوبن ڏانهن چَڙهَتِ جو خطرو نظر اچي رهيو آهي، ان ڏس ۾ ايندڙ وارو باغلان صوبي جو به ٿي سگهي ٿو. بدخشان ۽ فرياب ۾ به ڇتي ويڙهه جا اطلاع آهن، جتي افغان فوج انتهائي سنگين امتحان جي ور چڙهيل آهي.جيڪي آمريڪي فوجي افغانستان ۾ وڃي بچيا آهن، سي مشڪل سان طالبان ويڙهاڪن جي پنهنجي اوڀر واري، روايتي ڳڙهه ۽ ڏکڻ افغانستان ڏانهن پيش قدميءَ کي روڪي سگهن. آمريڪي فوجي جهازن جي قندوز ۾ اسپتال تي بمباري جنهن ۾ ڪيئي ماڻهو اجل جو شڪار بڻيا ۽ ا ڻ ڳڻيا زخمي ٿيا، تنهن سان مقامي ماڻهن اندر نفرت ۾ اضافو ٿيو آهي.

افغانستان لاءِ هيءَ جيڪا جنگ وڙهي پئي وڃي تنهن جي خاتمي جو جيتوڻيڪ في الحال ڪو آثار نظر نه ٿو اچي، پر تازي جيڪا اڳڀرائي ٿي آهي، جيڪي واقعا پيش آيا سي ان صورتحال جو چٽو ڏَسُ ڏين ٿا، جنهن جو ڳچ عرصي کان خدشو ظاهر ٿي ڪيو ويو. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته عضوا ڀڳل افعان انتظاميه ويڙهاڪن جي هلان کي منهن ڏئي سگهندي؟ (جتي جنگ سٽيل هن ڏيهه ۾ هاڻي اولهه جا مفاد پورا ٿي رهيا آهن) جنهن جا ڪي امڪان نظر نه ٿا اچن.

افغانستان جي سيڪورٽي فورسز سان اصل مسئلو اعتماد جي کوٽ جو آهي، جيڪو قندوز واري تازي مصرڪي ۾ چٽو ٿي سامهون آيو، جو 7 هزار فوجي چند ويڙهاڪن کان شهر بچائڻ يا شهر جو دفاع ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا. جڏهن باغلان توڙي اترين ضلعن مان به ڪي چڱا اطلاع ناهن. طالبان جي حملن جي شدت ۾ اضافي سان صورتحال ويتر ڳنڀير ٿيندي پئي وڃي.

قندوز جا ڪجهه حصا ته هڪ سال کان به وڌيڪ عرصي کان وٺي گهيري ۾ آيل هئا. پر ٻين اترين صوبن ڏانهن طالبان جي اڳڀرائي ڇرڪائيندڙ آهي، جنهن سان ڏکڻ ۾ ويڙهاڪن جو جنگي ٿاڪُ تبديل ٿي  رهيو آهي.تازي حملي جي سڀ کان اهم ڳالهه مختلف ويڙهاڪ گروهن جو هڪٻئي سان گڏجي وڃڻ آهي. جن ۾ پاڪستان جي اتر وزيرستان واري علائقي ۾ فوجي آپريشن سبب ڀڄي ويل ويڙهاڪ به شامل آهن. تاجڪ سرحد ويجھو ٿيندڙ هن ويڙهه ڪيترن ئي وچ ايشيائي ملڪن جا ڪَنَ کڙا ڪري ڇڏيا آهن، جيڪي اڳ ئي پنهنجي پنهنجي سرزمين تي ساڳئي قسم جي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن.

طالبان جي هيءَ چڙهائي ڏسُ ڏئي ٿي ته نئون طالبان سربراهه ملا منصور هِنَ گروهه تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪري رهيو آهي. سندس قيادت  لاءِ رَهي کُهي چيلينج به ملا عمر جي پٽ ۽ ڀاءُ طرفان سندس اڳواڻي قبولڻ کانپوءِ ختم ٿي وئي آهي. نه رڳو اهو پر ا ُهو تاثر به غلط ثابت ٿيو آهي ته باغين جو هيءُ گروپ پنهنجي سپريم ڪورٽ ”ملا عمر“ جي موت کان پوءِ ٽُٽي ورهائجي ۽ ڌڙابنديءَ جو شڪار ٿي ويندو.

قندوز تي قبضي و اري ڪاميابي کان علاوه اتر و ارن ڪجهه علائقن تي قبضي باوجود نه ٿو لڳي ته ڪو طالبان هيءَ جنگ کٽندا. پر هن لاڳيتي گهرو ويڙهه جا افغانستان  اندر توڙي ٻاهر انتهائي سنگين نتيجا ظاهر ٿيندا. افغانستان اندر طالبان جو وڌندڙ اثر رسوخ سموري خطي خاص ڪري پاڪستان لاءِ انتهائي سنجيده ڳڻتيءَ جو باعث آهي. جيڪو پنهنجي سرزمين تي ويڙهاڪن سان نبري رهيو آهي.

افغان صدر اشرف غنيءَ سان مختصر عرصي وارا پرجوش لاڳاپا ٽٽڻ يا خراب ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان لاءِ مشڪل ۾ اضافو ٿيو آهي، طالبان جي وڌندڙ حملن سبب هنن ٻنهي جي دشمنيءَ ۾ به اضافو ٿيو آهي، جنهن سان افغان سرڪار توڙي افغان طالبان ۾ ڳالهين جا امڪان به ختم ٿي ويا آهن. مريءَ ۾ ٿيل ڳالهين کانپوءِ جيڪي اميدون پيدا ٿيون هيون تن تي پاڻي ڦيرجي ويو آهي. موجوده صورتحال ۾ نه ته افغان سرڪار ۽ نه ئي طالبان اڳتي وڌڻ لاءِ تيار آهن، جنهن ڪري پاڪستان اچي سوڙهو ٿيو آهي.

طالبان جا حملا روڪڻ بابت صدر اشرف غنيءَ جي ڪاوڙ ۽ غصي ۾ وڌا ءُ ٿي سگهي ٿو، پر هاڻ اُها مڪمل طور بي بنياد به ناهي. هن طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۽ کين حملا روڪڻ تي مجبور ڪرڻ بابت پاڪستان تي اعتماد ڪري پنهنجي سرڪار کي ئي داءُ تي لڳائي ڇڏيو هو.

جيتوڻيڪ پاڪستان، طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ ته ڪامياب ٿيو پر طالبان جا حملا رد ڪرائي نه سگهيو. پاڪستاني عملدارن جو خيال آهي ته ڳالهين جي ڪجهه  دورن کانپوءِ جنگبندي ممڪن ٿي سگهي ها، پر ائين ٿي نه سگهيو. هاڻي افغان صدر چاهي ٿو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين تي طالبان ويڙهاڪن ۽ سندن آماجگاهن خلاف ڪارروائي ڪري.

ان جو مطلب هي ٿيو ته پاڪستان انقلاب طالبان جي اڳواڻن ۽ ويڙهاڪن خلاف وڏي پيماني تي جنگ مڙهي جيڪي سرحدي علائقي ۾ گهڙي پنهنجا ڳڙهه ٺاهي چُڪا آهن. ماضيءَ جي افغان طالبان کي محفوظ پناهه گاهون توڙي ڀرتين جي اجازت ڏيڻ واري اسان جي پاليسي طالبان جي ويڙهاڪن کي منظم  ٿيڻ  ۽ لاجسڪ سپورٽ ۽ سپلاءِ لائين پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي.

ان سان طالبان کي پاڪستان ۾ اسٽريتيجڪ ڊيپٿ قائم ڪرڻ ۾ به مدد ملي جو هاڻي اسان لاءِ انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي. پاڪستاني عملدارن جو خيال آهي ته هڪ پاسي ته مطالبو ڪيو ٿو وڃي ته طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻيو، ٻئي پاسي وري چيو ٿو وڃي ته پنهنجي سرزمين تان انهن جو خاتمو ڪيو سو هي مناسب رويو ناهي.

قندوز واري تازي مصرڪي کانپوءِ حقاني نيٽ ورڪ خلاف ڪارروائيءَ لاءِ پاڪستان تي عالمي دٻاءُوڌيو آهي،ڇو جو ان کي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جي ويجھو سمجھيو وڃي ٿو. اتر وزيرستان ۾ فوجي آپريشن جي قطعي نظر، پاڪستان جي انهيءَ خاطريءَ تي ڪيترائي شڪ شبا موجود آهن ته اهو حقاني نيٽو رڪ کي هي علائقو پنهنجي ڳڙهه طور استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو.

انهن اطلاعن ته ملا منصور ڪوئيٽا ۽ ڀرپاسي سرعام گهمي ۽ ميڙاڪن ۾ ويڙهاڪن کي منظم ڪري رهيو آهي، ويتر اشرف غنيءَ کي ڪاوڙائي وڌو آهي. افغانستان ۾ ويڙهاڪن جي ڪاررواين توڙي موجوده سياسي عدم استحڪام جو سمورو الزام پاڪستان تي مڙهڻ مناسب ناهي. جنگ سٽيل هن ديسَ ۾ اڄ جيڪا صورتحال وهي ۽ واپري رهي آهي.

تنهن جا سڌا سڌا ذميوار هڪ ته آمريڪا جي ناڪام فوجي پاليسي ۽ٻيو افغانستان جي معزز اقتداري اشرافيه آهن. پر ان کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته اڪثر طالبان اڳواڻ، پاڪستان ۾ پنهنجي ٿا ڪن مان ويهي ئي ڪارروايون ڪن ٿا ۽ پنهنجون ڪارروايون جاري رکڻ لاءِ لاجسٽڪ سپورٽ به اتان ئي حاصل ڪن ٿا. ان ڳالهه ۾ به صداقت  ٿي سگهي ٿي ته دهشت گردي خود پاڪستان لاءِ ئي وڏو خطرو آهي،

پر اها به حقيقت آهي ته ان صورتحال مان پار پوڻ لاءِ اسان وٽ اڃا ڪا واضح پاليسي ناهي.  طالبان جي تازي هلان ۽ قندوز تي قبضي پاڪستان جي اندروني سلامتيءَ واري صورتحال کي ويتر منجھائي ڇڏيو آهي. اهو سچ آهي ته افغان انتظاميه  جو دشمناڻو رد عمل مددگار ثابت نه ٿيو آهي، پر اسان کي طئي ڪرڻو آهي ته اسانجي پنهنجي مفاد ۽ علائقائي سلامتيءَ لاءِ اسان کي طالبان سان ڪهڙي قسم جا لاڳاپا رکڻا آهن. طالبان اڳواڻ جڏهن جنگبنديءَ کان انڪار ڪري رهيا آهن ته کين اسانجي همدردي ۽ مهمان نوازي هرگز حاصل نه هئڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *