افغانستان جي صورتحال ۽ خطي جي ملڪن جو ڪردار؛ارشاد ڪاغذي

(آخري حصو)

امريڪا آخرڪار ڊگھي جنگ ختم ڪري افغانستان مان روانو ٿيڻ وارو آهي. ان جو هي مطلب نه آهي ته هو پنهنجي مفادن کي اڌ ۾ ڇڏي وڃي رهيو آهي ۽ نه وري هن جو ڪو اثر رسوخ ختم ٿي ويو آهي. امريڪا هن خطي ۾ بظاهر خوشحالي، امن امان ۽ مضبوط افغانستان جو خواهشمند آهي. امريڪا جي ارادن مان لڳي ٿو ته هو پنهنجي نڪري وڃڻ بعد خطي جي ٻين ملڪن ۽ خاص طرح پاڪستان کي همٿائي افغانستان ۾ پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ جوڙجڪ ڪري رهيو آهي. افغانستان کي جنگ جي جهنم مان ڪڍڻ ۽ جمهوريت جي واڌ – ويجهه، معيشت جي ترقي ۽ تعمير لاءِ پاڙيسري ۽ خطي جي ٻين ملڪن کي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. افغانستان کي انهن جي اشد ضرورت آهي. امريڪا جي مرضي آهي ته پاڪستان ان ڏِس ۾ اڳتي اچي سندس خال ڀري.

مون گذريل مضمون ۾ پاڪ – افغان تعلقات جي باري ۾ تفصيل سان بحث ڪيو آهي. هتي ايران جي ڪردار بابت ٽِيڪا ٽِپڻي ڪندس. ياد رهي ته موجوده صورتحال بابت ريجن جي ٻين ملڪن چين، روس ۽ ڀارت جي باري ۾ منهنجو هڪ مضمون روزاني عبرت اخبار 27 جنوري 2015ع ۾ ”افغان گھوٽالي جو ڇيهه ڪٿي ٿيندو؟ جي سري هيٺ شايع ٿيو آهي، ان کي هن سان گڏي پڙهندا.

”افغانستان ۽ ايران جا لاڳاپا ظاهر شاهه ۽ فارس جي پهلوي خاندان ۾ 1935ع ۾ قائم ٿيا. 1979ع جي ايران انقلاب جي ڪري ٻنهي ملڪن ۾ ويڇا وڌي ويا ۽ امريڪا جي افغانستان ۾ جارحيت جي ڪري تعلقات وڌيڪ خراب ٿي ويا ۽ اهو سلسلو مجاهدين، افغان پناهگيرن ۽ طالبان، پاڻي جي تنازعي، ايران پاران افغانين کي جيل ۾ ڦاهي ڏئي مارڻ جي ڪري ويتر گھڻو متاثر ٿيو“. (ڏسو وڪيپيڊيا) ايران ۽ امريڪا جو جهيڙو آيت الله خميني جي اقتدار ۾ اچڻ بعد تيزي سان جاري رهندو آيو، پر هينئر امريڪا جي افغانستان مان نڪرڻ جي ڪري ايران، افغانستان سان لاڳاپا خوشگوار رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ايران جو افغانستان ۾ ڪو گھڻو اثر ناهي پر پاڙيسري هئڻ جي ناتي سندس اهميت تمام گھڻي آهي. ايران هميشه امريڪا جي نشاني تي رهيو آهي ۽ جنگ ٿيندي ٿيندي رهجي وئي آهي. ايران طالبان، القاعده ۽ ڪرزئي حڪومت جي خلاف رهيو آهي. امريڪا ۽ نيٽو فورسز ايران تي الزام لڳايا ته هو باغين کي هٿيار فراهم ڪري رهيو آهي. 2010ع ۾ نيويارڪ ٽائيمز انڪشاف ڪيو هو ته تهران نوَ ٽن جون ٿيلهيون ڀري حامد ڪرزئي جي ويجهي ساٿي عمر دائود زئي جيڪو فوج جو ڪمانڊر هو، تنهن کي ان لاءِ ڏنا هئا ته جيئن هو حامد ڪرزئي جو تختو اونڌو ڪري. امريڪا ۽ ايران هڪٻئي جا دشمن آهن پر ڪيترن موقعن تي هو هڪٻئي سان تعاون به ڪندا رهيا آهن. بون ۾ هڪ ڪانفرنس ٿي رهي هئي. طالبان جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد نئين سرڪار جي قيام لاءِ ايران سميت اتر اتحاد جا اڳواڻ اتي گڏ ٿيا هئا. ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ ٿي ويو. امريڪا جو عيوضي جيمس ڊوبن پنهنجون ساروڻيون ساريندي ٻڌائي ٿو ته ايران جو موجوده پرڏيهي وزير ظريف جيڪو ان وقت ايران جي وفد جو اڳواڻ هو تنهن اتر اتحاد جي يونس قانوني سان اڪيلائيءَ ۾ وڃي ڳالهايو ۽ ٿوري دير کان پوءِ قانوني اڳيان ميز تي آيو ۽ ايئن معاهدو ٿي ويو. هڪ جرنلسٽ بابرا سلاون جي رپورٽ مطابق 2001ع ۾ امريڪا ۽ اتحادي فوج جي اچڻ بعد ايران القاعده جا اهم اڳواڻ پنهنجي حدن اندر گرفتار ڪيا. انهن جي قبضي مان هٿيار، اهم ڪاغذ ۽ نقشا هٿ ڪيا ويا. جن ۾ افغانستان جي ويڙهاڪ باغين جي ٺڪاڻن، ڪاررواين ۽ منصوبن بابت اهم راز مليا، امريڪا سان ڳالهين بعد اهي سمورا اڳواڻ امريڪا جي حوالي ڪيا ويا.

تجزئي نگار ۽ رپورٽر پنهنجي تبصرن ۽ خبرن ۾ ايران جي پاليسي کي ٻٽي پاليسي ڪوٺي رهيا آهن. سندن خيال مطابق ته ايران طالبان جي زوال کان پوءِ افغان جي نئين سيٽ اپ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ آتو آهي. 2001ع ۾ بون معاهدي ۾ اتر اتحاد جي عيوضن کي مڃائي نئين سياسي نظام کي بحال ڪرايو ۽ پشتونن جي صدين جي تسلط جو خاتمو آندو. حامد ڪرزئي جي قيادت ۾ نئين حڪومت جنهن ۾ غير پشتون نسلي گروهه جو ڪنٽرول ٿي ويو. ڪرزئي انتظاميه ۾ تاجڪ، هزاره ۽ ازبڪن جو غلبو ٿي ويو. ان ڪري ايران جو اثر رسوخ وڌي ويو. ان کان علاوه موجوده اتحادي صدر اشرف غني جي ڪري ايران جو اثر ٻيڻو ٿي ويندو. ايران افغانستان جي بنيادي ڍانچي صنعت، معدني وسيلا ۽ کاڻين ۾ گھڻي سيڙپ ڪئي آهي. ايران 500 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي آهي. ان کان علاوه هرات ۾ هڪ سيڪيورٽي ۽ اقتصادي بفر زون قائم ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. 2002ع ۾ ڊونرز ڪانفرنس ۾ سڀ کان وڌيڪ 540 ملين ڊالر ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو. 50 ملين ڊالر منشيات جي روڪٿام لاءِ ڏيندو آهي. امريڪا، ايران سان ڳجهي نموني ڳالهيون ڪري افغانستان جي باري ۾ پڪ پڪاڻي ورتي آهي ۽ کيس اعتماد ۾ ورتو آهي. جون 2011ع ۾ پاڪستان جو اُن وقت جو صدر زرداري ۽ افغانستان جو صدر ڪرزئي امريڪا جي چوڻ تي ايران جي صدر محمود احمدي نجاد سان ڳالهيون ڪيون هيون. انهن ٽنهي اڳواڻن افغانستان جي مستقبل جي باري ۾ امريڪا جي پاليسي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي هئي. امريڪا هتان کان نڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، تنهن ڪري افغان جي آئنده لاءِ ايران کي راضي ڪيو ويو. هڪ ٻي رپورٽ شايع ٿي هئي، جنهن ۾ امريڪي فوج افغانستان جي سيڪيورٽي ڪمپنين کي لکين ڊالر فراهم ڪيا. امريڪي ڪانگريس اها رپورٽ ڇهن مهينن جي تحقيقات کان پوءِ تيار ڪئي هئي، جنهن مطابق هڪ سيڪيورٽي ڪمپني جو مالڪ حامد ڪرزئي جو ويجهو مائٽ هو.

امريڪا، ايران کان نيٽو سپلائي لاءِ ڳجهيون ڳالهيون ڪيون، 2015ع کان امريڪا، ايران کان ٽرانسپورٽ لاءِ روٽ ورتو آهي، جنهن جي ذريعي دوائون، اسلحو ۽ کاڌ خوراڪ وغيره افغانستان پهچائي ويندي. جيئن ته پاڪستان جي خشڪي رستي ذريعي گھڻو خطرو آهي، تنهن ڪري ان جي نعم البدل ايران جو رستو استعمال ۾ آندو ويندو. ان راهداري جي بدلي 40 ارب ڊالر ڏنا ويندا. ايران کي اها به پڪ ڏني وئي آهي ته 2024ع تائين ان معاهدي ۾ واڌ ڪري سگھجي ٿي. بهرحال مفادن جي جنگ آهي جنهن ۾ اصولن جي پرواهه ڪونه ڪئي ويندي آهي، ڪالهه جا دشمن پنهنجي مفادن جي ڪري دوست ٿي ويا آهن. ان ٺاهه ۾ حزب وحدت جي ٻنهي ڌڙن ڪريم خليلي ۽ استاد محقق ۽ اتر اتحاد وارن جي حمايت سان اهي ڳالهيون ڪامياب ٿيون. ايران پنهنجي اثر کي وڌائڻ خاطر امريڪا سان سوديبازي ڪري رهيو آهي ۽ امريڪا نيوڪليئر بابت معاهدو ڪري ايران کي رعايتون ڏئي کيس اعتماد ۾ ورتو آهي ته جيئن امريڪي فوج جي انخلا بعد سمورن مسئلن کي خوش اسلوبيءَ سان جاري رکي سگھجي.

ڪيترن سياسي پنڊتن جو خيال آهي ته امريڪا جي صدر هڪ ڳجهو پلان ٺاهيو آهي، جيڪو اڃا تائين ظاهر ڪونه ڪيو ويو آهي ۽ ان تي امريڪا جا چونڊيل عيوضي پنهنجي سخت ردعمل جو اظهار ڪري رهيا آهن. ڪيترن جو خيال آهي ته طالبان کي ڪنڊائتو رکڻ لاءِ شيعه مڪتب فڪر کي اڳتي آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ۽ ايران ان سلسلي ۾ امريڪا سان سهمت پڻ آهي. ايران جي سياسي قيادت جا ان معاملي تي بيان سامهون آيا آهن ته هو افغانستان جي مسئلي تي امريڪا سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر هڪڙو رايو سڀني جي زبان تي آهي ته امريڪا هڪ اهڙي دلدل ۾ ڦاسي پيو آهي، جنهن مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر نڪري نٿو سگھي. ايران ۽ پاڪستان جا دوستي وارا لاڳاپا ورهين کان وٺي آهن پر ويجهڙائيءَ ۾ ايران پائيپ لائين جي منسوخي کان پوءِ سندن اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن. ۽ ان کان علاوه ايران جي سرحدي فورس پاران پاڪستانين تي فائرنگ ڪرڻ جي ڪري ممڻ متو هو. تنهن ڪري جيستائين اهو معاملو حل نٿو ٿئي، تيستائين ڪابه پيشرفت ٿيڻ جي اميد نظر نٿي اچي.

ايران، افغانستان جي سلامتيءَ لاءِ فڪرمند آهي پر هو طالبان جي غلبي کان افغانستان کي بچائڻ گھري ٿو. پاڪستان ۽ امريڪا به مستحڪم افغانستان ڏسڻ گھرن ٿا پر اهي ايران تي شڪ شبها ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري هاڻي هڪ اهڙي قسم جي ڊوڙ شروع ٿي وئي آهي، جيڪا ختم نٿي ٿئي. ڀڄي ڀڄي هر هڪ رانديگر ٿڪجي پيو آهي، پر ساهه به نٿو پٽي سگھي.

نتيجو: ان سموري صورتحال جو وچور ۽ نتيجو اخذ ڪرڻ ضروري آهي. هونئن ته ٻين معاملن ۾ ليکڪ ڊپلوميسي اختيار ڪرڻ ۾ پنهنجي عافيت سمجهندو آهي پر هيءَ ڳالهه ئي ٻي آهي، جيڪا اسان جي مستقبل سان واسطو رکي ٿي. اسان کي پروڙ آهي ته پاڪستان سرڪار جي هميشه اها مرضي ۽ منشا رهي آهي ته افغانستان ۾ اهڙي حڪومت هجي جيڪا پاڪستان جي ماتحت هجي، ۽ سندن هٿ وس رهي. اهڙو افغانستان جنهن ۾ هندستان جو ڪنهن به قسم جو عمل دخل نه هجي. پاڪستان جا حڪمران منڍ کان وٺي انتها پسندن جي حمايت ۽ مدد ڪندا رهيا. اها هڪ حقيقت آهي ته پاڪستان طالبانن کي ٺاهيو، پاليو ۽ تاتي جوان ڪيو ۽ اجگر بنايو ۽ اهو سندن ڳچي ۾ پئجي ويو آهي. حڪمرانن پشتو نسل جي طالبان جي پشت پناهي ڪئي ۽ ڪڏهن به ڪنهن روشن خيال ۽ ترقي پسند پشتون جي پٺڀرائي ڪونه ڪئي. انهن پشتو ۽ غير پشتو جي فرق بدران دهشتگردي جي بنياد تي پنهنجي پاليسي ٺاهي. ان ڪم ۾ امريڪا جي مڪمل حمايت حاصل هئي ۽ هو سامراجي پاليسين جي واٽ وٺي قتل، ماراماري ۽ ويڙهائڻ جي حڪمت عملي تي ڪاربند رهيو ۽ هن خطي کي جنگ جي ور چاڙهيو ويو. هينئر جڏهن هو افغانستان مان فوجون ڪڍڻ جي تياري ڪري رهيو آهي، تڏهن افغانستان تباهي ۽ برباديءَ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. خانه جنگي، دهشتگردي، انساني حقن جي پائمالي، بک، بيروزگاري ۽ افراتفري هر ڏس آهي. امريڪي انخلا کان پوءِ ڪيئي سوال ۽ خدشا پنهنجي جاءِ تي موجود آهن. ڇا ايندڙ وقت ۾ دهشتگردي جي لهر افغانستان ۽ سموري خطي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي سگھي ٿي؟ وال اسٽريٽ جنرل جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ”امريڪا جنهن کي افغان جنرلز ۽ ڪامورن تي اعتبار ۽ اعتماد هو اهي سڀ ڪرپٽ ۽ بدعنوان نڪتا“. ان صورتحال ۾ ڪهڙي نموني افغانستان کي پنهنجي پيرن تي بيهاري سگھجي ٿو، جڏهن ته امريڪا ناڪامي جو مثال قائم ڪري هن علائقي مان نڪري رهيو آهي. سڀ کان وڌيڪ تشويش خود امريڪا جي سرڪار، اپوزيشن ۽ عوام کي آهي ۽ امريڪا جا اعليٰ عملدار ان تي زور ڏيئي رهيا آهن ته تڪڙ ڪري هتان نه نڪرجي، ڇو ته تاريخ ٻڌائي ٿي ته افغانستان جنگين کان پوءِ بدترين خانه جنگين جي منهن ۾ ڌڪيو ويو آهي. ان جو مثال سوويت يونين جي هتان نڪرڻ کان پوءِ جيڪو منظر ٿيو اهو سموري حقيقت بيان ڪري ٿو.

افغانستان ۾ مقرر اقوام متحده جي اعليٰ عملدار نيڪولاس حسيم جي چوڻ مطابق ۽ گارجين جي رپورٽ پٽاندڙ 2014ع ۾ 10000 هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ 6000 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا. جڏهن ته گّذريل 13 سالن ۾ 4000 هزار غيرملڪي فوجي مارجي ويا جن ۾ 2500 امريڪا جا فوجي جوان شامل آهن، جيڪي موت جو بک بڻيا. جيئن جيئن امريڪي فوجي نڪرڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن، تيئن ئي طالبان افعانستان جي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ٻيهر منظم ٿي رهيا آهن. انٽرنيشنل ايڊ ايمرجنسي جي سهولت ڪار ايمانوئل ٽينسي جي بقول ”طالبان باغي افغانستان جي ڳوٺن تي ٻيهر قبضو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري افغان شهرين لاءِ گھڻو خطرو پيدا ڪري ڇڏيو آهي“. انهن خدشن جي پيش نظر افغانستان جي سرزمين جو مثال باهه اوڳاڇيندڙ جبل جيان آهي، جيڪو ڏسڻ ۾ ته شانت نظر ايندو آهي ۽ اوچتو جوالا مکي ڀڙڪو کائي ڦاٽي پوندو آهي ۽ سڀ رک ڪري ڇڏيندو آهي. تنهن ڪري افغانستان جي صورتحال به ان جوالا مکي جيان آهي. ڏسجي ته مستقبل ۾ ڇا ٿو ٿئي؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *