افغانستان جي صورتحال ۽ خطي جي ملڪن جو ڪردار؛ارشاد ڪاغذي

پشاور آرمي اسڪول ۾ دهشتگردن 133 ٻارن سميت 149 ماڻهن کي شهيد ڪيو. ان واقعي کان پوءِ آرمي چيف، آءِ ايس آءِ جي سربراهه ۽ ٻين اعليٰ عملدارن افغانستان جو ڪيئي دفعا دورو ڪيو. ان کان علاوه انٽرنيشنل اسسٽنس فورس (ايساف) جي ڪمانڊر جنرل جان ايف ڪيمبل ۽ افغان نيشنل آرمي جي سربراه جنرل شير ڪريمي گڏجي پاڪ آرمي جي چيف راحيل شريف سان ملاقات ڪئي ۽ هڪ ٺاهه ٿيو ته پشاور سانحي ۽ ٻين دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث دهشتگردن کي ڪيفرِ ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ سندن هر گھَٽُ بند ڪيو ويندو، ۽ انهن ڪوششن جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن ۾ جاسوسي جي معلومات جي مٽاسٽا سان پيشرفت ٿي ۽ پاڪستان جي حساس اداري پشاور واقعي ۾ ملوث دهشتگردن جو ڏَسُ پتو افغان اختيارين کي ڏنو ۽ انهن 5 مکيه دهشتگردن کي افغانستان مان گرفتار ڪيو ويو. جنرل راحيل جي امريڪي دوري ۾ افغانستان جي نئين صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون ۽ جنرل جي طويل دوري ۾ هندستان، پاڪستان، افغانستان ۽ ضربِ عضب تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بي بي سي اردو ۽ ٻين اخبارن ان قسم جون رپورٽون شايع ڪيون آهن. امريڪا جي اخبارن جنرل راحيل شريف جي هڪ هفتي ڊگھي دوري جي باري ۾ خبرون شايع ڪيون. ان مطابق ته ”سويلين جمهوري حڪومت ۾ فوج جي چيف جو امريڪا جو دورو ڪرڻ جڏهن ته صدر ۽ وزيراعظم نه ويا. سڄو سارو هڪ هفتو سول ۽ ملٽري جي اڳواڻن ۽ نمائندن سان اعليٰ سطحي اجلاس ڪيا. جواب هي آهي ته پاڪستان پنهنجي اڌ عمر جو عرصو فوجي حڪومتن جي راڄ ۾ گذاريو. هي ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ طاقتور ادارو آهي. هي سياست ۽ ٻين اهم مسئلن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي، واشنگٽن سان ويجها لاڳاپا اٿس“. اخبار وڌيڪ لکي ٿي ته ”اندروني ۽ ويجهن ذريعن مطابق راحيل شريف مذهبي دهشتگردن ۽ ڀارت جي باري ۾ ٻڌايو ته اهي هڪجهڙا خطرناڪ آهن ۽ اسان جي مخالفت ڪري رهيا آهن. واشنگٽن ۾ ڪجهه ماڻهو خاص ڪري اهي جيڪي ڪيپيٽل هل ۾ رهن ٿا اهي سمجهن ٿا ته فوجن جي انخلا کان پوءِ پاڪستان جي ويجهو رهڻ جي ڪابه ضرورت ڪانهي- جڏهن ته اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۽ يو ايس ايڊ وارن جو خيال آهي ته پاڪستان جي فوجي اهميت هجڻ جي ڪري ۽ ڀروسي وارو دوست ملڪ هجڻ جي ناتي هن جي اهم حيثيت آهي، تنهن ڪري هن جي ضرورت تمام گھڻي آهي“. امريڪا جي اعليٰ عملدارن ۽ امريڪي سيڪريٽري جان ڪيري يقين ڏياريو ته موجوده افغان سرڪار مڪمل تعاون ڪندي، اڳوڻي حڪومت وانگر روڙا نه اٽڪائيندي. هنن جي پاليسي بدلجي وئي آهي ۽ گڏجي دهشتگردي کي منهن ڏيڻو پوندو. ياد رهي ته امريڪي سيڪريٽري جان ڪيري پاڪستان جو دورو ڪيو هو ۽ سياسي ۽ فوجي قيادت سان ملاقاتون ڪيون هيون ۽ پنهنجي هم منصب سرتاج عزيز سان ڳالهيون ڪيون هيون ۽ نئين سيٽ اپ جي باري ۾ تفصيلي گفتگو ٿي هُئي ۽ ٻنهي گڏجي پريس ڪانفرنس ڪئي هئي، جنهن ۾ جان ڪيري چيو هو ته امريڪا دهشتگردي خلاف پاڪستان جي مڪمل مدد ڪندو ۽ سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنس ۾ سهڪار ڪيو ويندو. پاڪستان ۽ امريڪا جي اعليٰ عهديدارن جا پاڪستان، امريڪا ۽ افغانستان جا تڪڙا دورا ان ڳالهه جو عنديه آهي ته هن خطي جي بدليل صورتحال کي گڏجي سڏجي منهن ڏنو وڃي. هنن سٽن لکڻ تائين آرمي جو چيف جنرل راحيل شريف وري افغان ويو آهي. آءِ ايس آءِ جو سربراه رضوان اختر به ساڻس گڏ ڪابل ويو آهي. فوجي سربراهه افغانستان جي صدر ۽ چيف ايگزيڪٽو سان ڌار ڌار ملاقات ڪئي آهي. جنرل راحيل چيو ته افغانستان جو دشمن اسان جو به دشمن آهي، گڏجي دهشتگردن خلاف جنگ ڪئي ويندي. افغان صدر ۽ چيف ايگزيڪيٽو دهشتگردن خلاف ڪاررواين جي حمايت ڪئي. ملاقاتن دوران ملان فضل الله جي حوالگي، سرحد تي آپريشن ۽ ڳجهي ڄاڻ جي ڏي وٺ بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي ڌرين هڪٻئي سان تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو آهي .هو روز روز اوڏانهن گھمڻ نٿو وڃي پر خطي جي بدليل صورتحال جي باري ۾ هڪ نئون سيٽ اپ ٺاهڻ لاءِ اهي دورا اهميت رکن ٿا ۽ ان مان واضح ٿو ٿئي ته فوج ۽ سياسي ادارا دهشتگردي ۽ مذهبي جنونيت کان نجات حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ اميد ڪجي ٿي ته سچائي سان سڀ پاڙيسري ۽ خطي جا ملڪ هن نيڪ ڪم ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏيئي سرخرو ٿيندا. پر امريڪا پنهنجي عادت کان مجبور آهي، جتي هو تعاون ۽ مدد ڪرڻ جا اعلان ڪري ٿو، اتي کلي عام تنقيد به ڪري ٿو. جنوري ۾ پينٽاگون جي ترجمان ريئر ائڊمرل جان ڪربي بريفنگ ۾ چيو ته ”ڪجهه دهشتگرد گروپ پاڪستان ۾ محفوظ پناهگاهن جو مزو ماڻي رهيا آهن“. اتي موجود هڪ صحافي کانئس سوال ڪيو ته هڪ طرف امريڪا پاڪستان جي مدد ڪرڻ تي زور ٿو ڏئي ته ٻي طرف ڌٻاءُ پڻ وڌائي ٿو، اها ”لٺ ۽ جٺ“ واري پاليسي آهي؟ ان سوال جي جواب ۾ پينٽاگون جي ترجمان ورندي ڏني ته ”دهشتگردي ٻنهي ملڪن جو گڏيل مسئلو آهي، ان ڪري امريڪا ان خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ڪرڻ گھري ٿو، اهو ڌٻاءُ نٿو وڌائي“. ڏٺو وڃي ته دهشتگردي اسان جي ملڪ ۽ پوري خطي جو مکيه مسئلو آهي، جڏهن ته امريڪا ۽ ٻين ملڪن لاءِ دهشتگردي ثانوي حيثيت وارو مسئلو آهي. اسان جيڪڏهن دهشتگردي کي چڱي نموني سان منهن ڏيون ۽ هن لعنت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيون ته اسان ترقيءَ جي راهه تي وڌي سگھون ٿا. تنهن ڪري بهتر حڪمت عملي تحت پنهنجا وسائل، ذميواري، فرض شناسائي ۽ قابليت کي استعمال ڪريون ۽ خطي جي ٻين ملڪن جو پڻ فرض آهي ته هو هن نازڪ گھڙيءَ ۾ پاڻ ۾ ايڪو ۽ اتحاد ڪري دهشتگردي جي ديو کي قابو ڪري وٺن.

پاڪستان جا افغانستان ۾ ٻيا مفاد به آهن(جاري)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *