اعلان فقط اعلان ئي رهيا!!عبدالله چانهيون

سانگهڙ ضلعي جي اڇڙي ٿر واري علائقي ۾ ڏڪار مٿان ڏڪار مارو ماڻهو بيحال ڪاري ڏڪار جي ڪري چوپايو مال مري رهيو آهي، پر ڏڪار سٽيل ماڻهن جي وفاقي توڙي صوبائي حڪومت اين جي اوز ۽ چونڊيل نمائندن سوڌو هينئر تائين ڪنهن به واهر نه ڪئي آهي، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ سرڪار متاثر ماڻهن لاءِ جيڪو امدادي سامان اماڻيو هو اهو به حقدارن تائين پهچڻ بدران سرڪاري عملدارن کائي هضم ڪري ڇڏيو آهي.جنهن ڪري ماڻهو پاڻي جي ڍڪ لاءِ ترسي رهيا آهن ته ٻئي پاسي انهن جو مال به بک ۽ اڃ وگهي پاهه ٿي رهيو آهي، هڪ طرف اهڙي ڏکوئيندڙ صورتحال آهي ته ٻئي پاسي وڌيڪ ڏکوئيندڙ حقيقت اها آهي ته جيڪو ٿورو گهڻو امدادي سامان متاثر ماڻهن لاءِ  اماڻيو ويو هو اهو به ڪامورن ڳڙڪائي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري مارو ماڻهو ماني جي ڳڀي لاءِ پريشان آهن، ملڪي تاريخ  ۾ پهريون ڀيرو اڇڙو ٿر جو دورو ڪندڙ وڏي وزير قائم علي شاهه پاران اڇڙي ٿر واسين لاءِ  امداد جو اعلان ڪيو هو ته ڏڪار سٽيلن لاءِ هڪ ڪروڙ امداد پاڻي ۽ بجلي مهيا ڪئي ويندي علائقي کي سولر سسٽم تحت بجلي، پائيپ لائين مان پاڻي اسڪولن جون عمارتون ۽ اسپتالون ڏنيون وينديون، ڊاڪٽرن ۽ نرسن کي ٻيڻا پگهار ڏنا ويندا، متاثرن کي انڪم سپورٽ پروگرام تحت ملندڙ رقم کان ٽيڻ تي وڌيڪ رقم ۽ 6 مهينن تائين 78 هزار خاندانن کي روڪ امداد ڏني ويندي، وڏي وزير جو اهو اعلان صرف اعلان رهجي ويو، ان امداد جي آسري مارو ماڻهو آسمان ۾ اکيون وجهي ويٺل آهن ۽ تعلقي اسپتال ۾ سهولتن جي اڻ هوند ڪري مريض به مونجهاري ۾ ورتل آهن ته ٻئي پاسي مال جو چارو به ختم ٿي چڪو آهي، اها سموري صورتحال ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي آهي، هڪ طرف سرڪاري ڪامورا خانا پوري ڪري ماڻهن جي مدد ڪرڻ بدران پنهنجا بئنڪ بيلنس ڀري رهيا آهن ته ٻئي پاسي عوام جي ڀلائي جون دعوائون ڪندڙ سماجي تنظيمون به هن معاملي ۾ لڳاتار ڪن لاٽار ۽ غير ذميواري  اختيار ڪنديون پيون اچن اهي اين جي اوز جيڪي عوام جي پريشانين ۽ اهڙين آفتن تي پلجنديون آهن، شايد انهن کي مٿان کان ڪي سڻڀا پراجيڪٽ مليا آهن، جنهن ڪري اهي علائقي ۾سرگرم نه آهن ڇاڪاڻ ته انهن جي سماجي خدمت جو دارومدار مٿان کان ملندڙ پراجيڪٽس تي هوندو آهي، هن وقت اها به شڪايت سامهون اچي رهي آهي ته متاثر علائقن جي ماڻهن کان سياسي بدلو وٺڻ لاءِ هن ڏکئي وقت ۾ سندن واهر ڪرڻ کان  لنوايو پيو وڃي ۽ سانگهڙ  ضلعي جو اڇڙو ٿر مسلم ليگ فنڪشنل جو هجڻ ڪري ته پ پ پ وارا متاثرن جي مدد ڪرڻ کان لنوائين پيا، ان ڳالهه ۾ ڪيتري حقيقت آهي، ان جو به جائزو وٺڻ گهرجي پر جيڪڏهن ائين آهي ته اهو انتهائي افسوسناڪ رويو آهي ڇاڪاڻ ته آفتن جي زماني ۾ سرڪار ۽ مقامي انتظاميه کي سياسي وفادرين کان مٿانهون ٿي ماڻهن جي مدد ڪرڻ گهرجي پر هتي سدائين نوڪرين کان وٺي امداد تائين هر معاملي ۾ پنهنجن نوازڻ واري روش پئي رهي آهي ۽ جن علائقن جا ماڻهو حڪمران پارٽين کي ووٽ نه ڏيندا آهن، انهن سان ڏکين توڙي عام حالتن ۾ ائين ئي ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڪيو ويندو آهي. آفتن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان قائم وفاقي توڙي صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽين جو به هن صورتحال ۾ اهو ئي ساڳيو اکيون ٻوٽڻ وارو رويو آهي. جيتوڻيڪ هنن ادارن جي اها پهرين ۽ بنيادي ذميواري آهي ته هو آفتزده علائقن جي نشاندهي ڪن ۽ سرڪار کي انهن ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي حوالي سان هڪ گائيڊ لائين مهيا ڪن، جنهن تي هلندي ڏڪار سٽيل ماڻهن جي صحيح نموني مدد ٿي سگهي پر هي علائقو حڪمرانن جي بي ڌياني جي ور چڙهي ويل آهي، اڇڙو ٿر ۾ برسات وسي پوي ته اتان جا ماروئڙا خوشحالي واري زندگي بسر ڪري سگهن ٿا، پر قدرت جي ڪمال سان برسات نٿي پوي ته  ڏٿ ڏوٿيئڙا ڏڪر  جي ور چڙهي وڃن ٿا پوءِ انهن غريب ماروئڙن جو ڪهڙو حال هوندو، جن جو سڄو گذر انهن ڪارن ڪڪرن جي گونجڻ سان هوندو آهي، هو انهي برسات جي پاڻي تي سڄو سال پيا گذارو  ڪندا آهن، هنن مارو ماڻهن جي سورن جو سج الائي ڪڏهن لهندو ۽ هي مظلوم عوام سک جو ساهه کڻندو، نالي ماتر حڪمرانن هن ديس کي دهشت جي وستي بڻائي ڇڏيو آهي. ڄڻ ملڪ مڙئي منصور لڳو پيو آهي، ڇو ته ڪن کي بک ۽ اڃ بهاني ماريو ٿو وڃي ته ڪن کي ڏينهن ڏٺي جو گوليون هڻي باهه ڏئي ساڙيو ٿو وڃي، اڄڪلهه اڇڙي ٿر جي ڳالهه عام جام هلي رهي آهي، اڇڙو ٿر جيڪو سانگهڙ ضلعي کان شروع ٿئي ٿو، جنهن جون سرحدون انڊيا جي بارڊر سان ملن ٿيون، جيڪو هتان جي حڪمرانن جي نظر ۾ اڇڙو ٿر سڄو ئي سون آهي، جت ڪوئلي کان وٺي گئس ۽ تيل جهڙي معدنيات اڇڙي ٿر جي علائقن مان جام ملي ٿي. اڇڙو  ٿر کي هتان جي حڪمرانن عرب جي شڪارين لاءِ شڪار گاهه بڻائي ڇڏيو آهي، جيڪي هتي سالون سال اچي اڇڙي ٿر ۾ رهندا آهن، اهي عرب شڪاري تلور پکي جو شڪار شوق سان ڪندا آهن، اڇڙو ٿر جي ناياب نسل جي پکين ۾ تلور ڪارڙو تتر اڇڙو تتر جانورن ۾ هرڻ ڦاڙهو وغيره هتان جو حڪمرانن ۽ ڪامورن جي شڪار گاهن جو مرڪز بڻيل آهن، جيڪي پنهنجي زندگي ۾ شوق شڪار ڪندا آهن، پر پوءِ به اڇڙو ٿر حڪمرانن جي بي ڌياني جي ور چڙهيل آهي، هميشه سنڌ اندر وڏن واويلن کانپوءِ هتان جا حڪمران جاڳندا آهن، هاڻي به توهان ڏٺو ته جڏهن سچ لکڻ وارن بنا فرق جي اڇڙي  ٿر وارن جا اهي سڀ اهنج ملڪي ميڊيا تي ظاهر ڪيا، تڏهن ئي هتان جا حڪمران اگهور ننڊ مان جاڳي پيا، جڏهن سون جي تعداد ۾معصوم ٻارڙا بزرگ عورتون بک وگهي مري رهيا آهن، پر حڪومت جا اهي اعلان اعلان ئي آهن، عملي ڪم هنن حڪمرانن ڪڏهن نه ڪيو آهي. هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڏڪار زده ٿرپارڪر ۽ اڇڙو ٿر جي رهواسين لاءِ هنگامي بنيادن تي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪري ڏنو وڃي، سستي اگهه تي ڪڻڪ چوپائي مال لاءِ چارو  ڊاڪٽرن جون گشتي ٽيمون جوڙي ڳوٺن ۾ موڪليون وڃن، جيئن مارو ماڻهو ڪو سک جو ساهه کڻي سگهن.

***************************

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *