اسڪاٽ لينڊ جي آزادي ڏانهن اڏام: عبدالصبور گاڏهي

سماجي سائنس ۾ اسان جيڪڏهن ريفرنڊم جي وضاحت ڪنداسين ته اسان کي Direct Democracy  جو لفظ ملندو، جنهن ۾ عوام سڌي طرح پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري ٿو، پوءِ اها ڪنهن آمريت کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ هجي يا وري وقت جي حڪمران کان سڌيءَ ريت ملڪي پاليسي لاءِ ريفرنڊم جو سهارو ورتو ويو هجي، ڪجهه ترقي يافته رياستن ۾ ته ضروري قانوني سازي Legislation لاءِ به سڌي طرح عوام کان راءِ ورتي وئي آهي، انهيءَ تي ڪڏهن ٻئي دفعي لکبو، اڄ صرف برطانوي شهنشاهيت جي زيراثر نيم خودمختيار رياست اسڪاٽ لينڊ ۾ ٿيندڙ آزاد رياست ۽ برطانيا سرڪار کان مڪمل آزادي لاءِ ٿيندڙ ريفرنڊم تي ڳالهائينداسين، دنيا جي خبرن واري شعبي ۾ ٻين خبرن سان گڏوگڏ اڄ 18 سيپٽمبر تي رٿيل ريفرنڊم به بحث هيٺ آهي.

اسڪاٽ لينڊ جي Scotish National Party جي صدر ايلڪس سيموئينڊ اسڪاٽ لينڊ جي آزادي جي حامي پارٽي آهي، جيڪا تمام ڀرپور نموني سان آزادي جي حق ۾ مهم هلائي رهي آهي، جڏهن ته ٻين ادارن جي سروي مان ان ڳالهه جو اندازو لڳايو پيو وڃي، ته ريفرنڊم جا نتيجا ٿوري ئي فرق سان “ها” يا “نه” ۾ اچي سگهن ٿا، SNP پارٽي اڳواڻ اليڪس سيموئينڊ ان ڳالهه تي زور ڀري رهيو آهي ته جيڪڏهن اسڪاٽ لينڊ جا ماڻهو آزادي جي حق ۾ ووٽ ڏين ٿا ته ملڪ ۾ تمام وڏي سماجي تبديلي اچي سگهي ٿي ۽ ان ڳالهه تي وڌيڪ زور ڏنو ته اسڪاٽ لينڊ ۾ موجود تيل جي ذخيرن، روانگي ۽ برآمدگي واپار مان ايترو ڪجهه حاصل ٿي سگهي ٿو جو اسين دنيا جي عظيم ملڪن ۾ شمار ٿي سگهون ٿا، هن وقت به اسڪاٽ لينڊ جي پنهنجي الڳ پارليامينٽ موجود آهي، پر ٽيڪس، پرڏيهي پاليسي ۽ اقتصادي پاليسي تي برطانيا پوري طرح حاوي آهي 300 سالن کان برطانيا سان گڏ رهندڙ اسڪاٽ لينڊ جا ماڻهو آزاد ٿيڻ لاءِ دٻاءُ جو شڪار آهن، ته ڪٿي برطانيا کان الڳ ٿيڻ کان پوءِ اسان پنهنجي سڃاڻپ وڃائي نه ڇڏيون ۽ ٻئي طرف برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون به هڪ هفتي ۾ ٻه دفعا اسڪاٽ لينڊ جو دورو ڪري چڪو آهي، ته جيئن اسڪاٽ لينڊ کي وڃائڻ کان بچائي سگهجي دوري جو مقصد صرف اهو آهي ته ريفرنڊم ۾ “ها” جي حامين کي “نه ” ۾ تبديل ڪري اسڪاٽ لينڊ کي برطانيا جو حصو رهڻ ڏنو وڃي، 1970ع ۾ به ساڳئي نموني برطانيا جي سرڪار اتر آئرلينڊ کي آزادي ڏيڻ واسطي ريفرنڊم ڪرايو هو، جنهن ۾ ريفرنڊم واري آزادي پسندن ووٽن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو هو، ۽ نتيجا هڪ پاسي جا اچي ويا، يعنيٰ ته اسان برطانيا سان گڏ رهڻ چاهيون ٿا، هن وقت به اها ئي  صورتحال آهي پر تجزيه نگارن جو اندازو آهي ته نتيجن ۾ “ها” يا “نه” لاءِ ٿورو ئي فرق هوندو، جنهن لاءِ اسان کي اڄ 18 سيپٽمبر جو انتظار ڪرڻو پوندو.

اسڪاٽ لينڊ تي هڪ نظر:

هي علائقو 3 طرفن کان ائٽلانٽڪ سمنڊ جي گهيري ۾ آهي ۽ صرف ڏاکڻي سرحد برطانيا سان ملي ٿي، اسڪاٽ لينڊ جو علائقو تقريبن 790 ننڍن وڏن ٻيٽن تي ٻڌل آهي، جنهن کي ٽوٽل ايراضي  Sq Miles30414 آهي، 2011ع ۾ ٿيندڙ آدمشماري مطابق اسڪاٽ لينڊ جي آبادي 5313600 ماڻهن تي مشتمل آهي، ايڊنبرگ جيڪو اسڪاٽ لينڊ جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي ۽ گادي جو هنڌ پڻ آهي،  گلاسڪو جيڪو وڏي شهر هجڻ سان گڏوگڏ واپاري مرڪزي شهر پڻ آهي، ان کان علاوه ايبرڍين، ديونڊي، انورنس، اسٽرلنگ سميت ٻيا ڪافي وڏا شهر آهن، اسڪاٽ لينڊ جي معيشيت جو دارومدار گلاسڪو شهر ۾ موجود Industrial Zoon تي وڌيڪ آهي، جتي اسٽيل ۽ پيٽروليم سان لاڳاپيل تيل جو واپار ڪيو ويندو آهي، آمريڪا، هائلينڊ، جرمني، فرانس، ان واپار جا مکيه مارڪيٽ آهن، 2011ع جي آدمشماري مطابق تقريبن 54 سيڪڙو اسڪاٽ لينڊ جا ماڻهو عيسائيت جا پيروڪار آهن، جڏهن ته 37 سيڪڙو اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي ڪنهن به مذهب سان واسطو رکندڙ ناهن، جڏهن ته 0.9 سيڪڙو ماڻهو اسلام کي مڃيندڙ آهن، ان کان علاوه يهودي، سک ۽ هندو مذهبن جا ماڻهو به اتي آباد آهن، اسڪاٽ لينڊ ۾ ٽن ٻولين کي سرڪاري اهميت حاصل آهي، جنهن ۾ English,  ،Gaelic ۽ Scots  آهن.

اسڪاٽ لينڊ جي پنهنجي الڳ پارليامينٽ آهي، جنهن ۾ 129 ميمبر اسڪاٽ لينڊ جي 32 ڪائونسلز ۽ ريجنس مان 4 سالن لاءِ چونڊجي ايندا آهن،  انهن کي Member of the Scots Parliament سڏيو ويندو آهي،  ان کان علاوه 59 ميمبر برطانوي  House of Common جا ميمبر آهن، جيڪي اسڪاٽ لينڊ جي نمائندگي ڪن ٿا، 1997 ۾ برطانيه ۾ هڪ ريفرينڊم ذريعي اسڪاٽ لينڊ کي پنهنجي  قانون سازي لاءِ محدود اختيار ڏنا ويا هئا،  جيڪو بعد ۾ Scotland act 1998 جي نالي سان برطانوي پارليامينٽ مان منظور ڪرايو ويو هو، ان ئي ايڪٽ جي روشني ۾ 2006 ۾ پهريون ڀيرو اسڪاٽ لينڊ ۾ آزاد اليڪشن ڪرائي وئي.

هاڻي ڏسجي ته ڇا اسڪاٽ لينڊ جا ماڻهو ريفرينڊم ذريعي آزادي ماڻين ٿا يا وري پنهنجي سڃاڻپ وڃائڻ جي خوف کان برطانيا سان گڏ رهڻ کي اوليت ڏين ٿا جيڪڏهن واقعي اسڪاٽ لينڊ هڪ پرامن ريفرينڊم ذريعي آزادي حاصل ڪري دنيا جي نقشي تي هڪ آزاد رياست جي حيثيت سان نروار ٿئي ٿو ته يقينن ڏاڍي اٿساهه ڏيندڙ ڳالهه هوندي ڇو ته هن وقت دنيا ۾ ڪافي آزادي جو تحريڪون هلي رهيون آهن، جيڪي اڳتي هلي پڻ ريفرينڊم جو مطالبو ڪري سگهن ٿيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *