اسلام کان لاهور تائين سياسي طاقت جو مظاهرو: صاحب خان ڀٽي

سپريم ڪورٽ پاران تاحيات نااهل قرار ڏنل اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف عوامي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان حوالي سان پنجاب هائوس اسلام آباد کان لاهور تائين ريلي ڪڍي پئي وڃي، جنهن ۾ لکين نه پر ڪروڙين ماڻهن جي شرڪت جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي پر ان  ريلي ۾  شريڪ ماڻهن بابت  جيڪو تعداد ڪيميرا جي اک ڏيکاري رهي آهي، ان کان   ڪو به اڻڄاڻ نه هوندو، ايتري قدر جو  تحريڪ انصاف ۽ پيپلزپارٽي جا اڳواڻ اهو چئي رهيا آهن ته  نوازشريف جي ريلي ۾  ماڻهو  گهٽ آهن، عوامي مسلم ليگ جو سربراهه شيخ رشيد چئي رهيو آهي ته جيترا نوازشريف ريلي ۾  ماڻهو گڏ ڪيا آهن، اوترا ته هو به گڏ ڪري سگهي ٿو. بهرحال مخالف جيڪو به چون پر نوازشريف جيڪو عوامي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهو تمام بهتر عمل آهي ۽ ان فيصلي ۾ اڳوڻو وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار شريڪ نه آهي پر پرويز رشيد، خواجا سعد رفيق ۽ ٻيا اڳواڻ ساڻس گڏ نظر اچي رهيا آهن،  چوڌري نثار اهو واحد ماڻهو هو جيڪو شريف ڪٽنب جي گاڏي هلائي کين جي آءِ ٽي پهچائيندو پر هن ڀيري الائي ته کيس ڇا ٿي ويو آهي جو هو نوازشريف کي الوداع ڪرڻ لاءِ به پنجاب هائوس نه پهتو ۽ سموري ميڊيا ان ڪوشش ۾ هئي متان ڪٿي سندس ذڪر ٿيئي ۽ متان هو نوازشريف جي حمايت ڪو بيان ڏئي وٺي پر نوازشريف جي  نااهلي کان پوءِ نئين سياسي سفر چوڌري نثار گڏ نظر نه آيو، ڀلي کڻي  چوڌري نثار جون نواز ليگ سان ڪيتريون به ناراضگيون هجن پر هن وقت نوازليگ جنهن ڪراسز مان گذري رهي آهي، شايد اهو نوازليگ جي تاريخ ۾ ڪڏهن به نه ٿيو  آهي، اڳ ۾  آمر اچي حڪومتون هٽائيندا هئا، جنهن سبب  حڪمرانن کي پنهنجي اقتدار تان هٿ کڻڻو پوندو هو پر هن ڀيري معاملو ٿورو ابتڙ ٿيو آهي، هن ڀيري  قانوني جنگ وڙهي پئي وڃي ۽ اها جنگ ڪير وڙهي رهيو آهي، خبر ئي نه پئجي رهي آهي،  تحريڪ انصاف خلاف به عدالتن ۾ ڪيس هلي رهيا آهن ته  نواز  ليگ خلاف عدالتي فيصلا اچي چڪا آهن ۽ هاڻ وري نوازشريف کي وزارت عظميٰ کانپوءِ پارٽي جي سربراهي تان به هٿ کڻڻ پئجي رهيو آهي ۽ ان حوالي سان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ بابر اعواڻ به اها دعويٰ ڪري  چڪو آهي ته پوليٽيڪل پارٽيز آرڊر 2002 ايڪٽ 5 تحت ڪو به نااهل شخص پارٽي جي سربراهي نٿو ڪري سگهي ۽ اليڪشن ڪميشن به نواز ليگ کي نوٽيس جاري ڪري  چڪي آهي ته نئون صدر تمام جلد  آگاهه ڪيو وڃي، هاڻ ڏسڻو آهي ته آخر  اهو ڪير شخص هوندو، جيڪو  نواز ليگ جون واڳيون سنڀاليندو. نوازليگ کي اڳ ئي ڪيترائي فيصلا ڪرڻا آهن ته آخر ايندڙ وزيراعظم ڪير ٿيندو؟ هونئن ته اڄ اڳوڻي  وزيراعظم نوازشريف اهو واضع ڪيو آهي ته هو ايندڙ 10 مهينن تائين شاهد خاقان عباسي کي وزيراعظم ڏسڻ چاهي ٿو ۽ اهو به چيو آهي ته  پنجاب جو وڏو و زير شهباز شريف ئي هوندو ، ڇاڪاڻ ته هن پنجاب ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر اهو ڪهڙو خوش نصيب هوندو جيڪو  نوازشريف جي نااهليءَ بعد خالي ٿيل سيٽ تي اميدوار ٿئي.  بيگم ڪلثوم نواز به هڪ خانگي ٽي  وي چينل سان اظهار ڪري چڪي آهي  ته هوءَ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 120 تي اميدوار بڻجڻ لاءِ تيار آهي ۽ اهي افواهه به هلي رهيا آهن ته بيگم ڪلثوم کي انهي تڪ تان کٽرايو ويندو. بهرحال جيڪو به اميدوار ٿئي پر نوازشريف جي   سياسي طاقت واري مظاهري تي  پيپلزپارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته نوازشريف کي هاڻ ياد آيو آهي ته عوام ئي طاقت جو  سرچشمو آهي پر هن عوام ڏانهن وڃڻ ۾  دير ڪري ڇڏي آهي.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ اهي ٻئي اهڙيون پارٽيون آهن جيڪي هر دور  ۾ ڪڏهن مفاهمت ڪنديون آهن ته ڪڏهن وري احتجاج ڪنديون آهن، جڏهن آصف علي زرداري صدر هو ته ان وقت انهن ٻنهي پارٽين تمام گهڻو احتجاج ڪيو ۽ هاڻ وري  نواز ليگ جي حڪومت ۾ به احتجاجن، ڌرڻن ۽ بيانن جي  باهه ٻاري ڇڏي آهي. ماضي جي ڀيٽ ۾ تمام وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ٿي آهي، هڪ طرف اڪيلو نوازشريف آهي ته  ٻي طرف وري سڄي اپوزيشن آهي،  صرف جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سندس حمايت ۾ بيٺل آهي.   پي اي ٽي سربراهه طاهر القادري  به ظاهري طور ماڊل ٽائون سانحي جي شهيدن جي انصاف لاءِ ڏيهه پهتل آهي  ۽ چئي رهيو آهي ته اڄ نوازشريف جي جيڪي حالت آهي، اها ماڊل ٽائون سانحي جي متاثرن جي بددعا آهي.  بهرحال هاڻ نوازشريف کي تحريڪ انصاف نه پر پي اي ٽي ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جي بيانن جو جواب ڏيڻ پئجي رهيو آهي،  مولانا طاهر القادري چئي رهيو آهي ته  ماڊل ٽائون سانحي جو حساب وٺندو ڇاڪاڻ  ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بي گناهه ماڻهن کي قتل ڪيو ويو پر  شايد کيس اها خبر نه آهي ته آمر مشرف جي دور ۾ ڪراچي ۾ جهڙي ريت غريب ماڻهن جو رت وهايو ويو ان جو مثال تاريخ ۾ نه ٿو ملي، مشرف جي حڪومت ۾ ته هڪ پارٽي سربراهه کي به شهيد ڪيو ويو ان جا قاتل به هن وقت تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن . بهرحال هن وقت نواز ليگ طرفان ڀرپور عوامي طاقت جو مظاهرو  ڪيو پيو وڃي، تحريڪ  انصاف سربراهه عمران خان ۽  عوامي مسلم ليگ سربراهه  شيخ رشيد اها اعلان ڪري چڪا آهن ته هو فوج ۽ عدليا سان گڏ آهن، خبر ناهي ته آخر اهو انهن بيان ڇو ڏنوآهي،  انهن ٻنهين سان گڏ پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه مولانا طاهر القادري به اهو ئي چيو آهي ته آخر اها ريلي ڪنهن جي خلاف ڪڍي پئي وڃي ، ان جا مقصد ڪهڙا آهن. اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف گذريل ڏينهن اهو بيان ڏنو هو ته هو ريلي صرف  پنهنجي  وڃڻ لاءِ ڪڍي رهيو آهي،   جنهن جا ٻي ڪي به مقصد نه آهن.  تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته  نوازشريف جي  احتجاج ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي احتجاج ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي، ڇاڪاڻ ته  بينظير جو احتجاج هڪ آمريت خلاف  هو پر نوازشريف جو احتجاج   سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف آهي.  اهڙو اشارو ريلوي وارو وفاقي وزير خواجا سعد رفيق به ڏئي چڪو آهي جنهن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪجهه به ٿي پئي هو سپريم ڪورٽ  جي فيصلي کي تسليم نه ڪندا ۽ نه ئي وري هو پنهنجي قائد کي نااهل قرار ڏيندا.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت ملڪ جون حالتون تمام گهڻو خراب ٿي رهيون آهن، جيڪڏهن نوازشريف جو احتجاج فوج ۽ عدليا خلاف آهن ته ان سان به ملڪ اندر حالتون خراب ٿي وينديون ۽ جمهوريت  کي هڪ ڀيرو ٻيهر نقصان به پهچي سگهي ٿو، ان جو اندازو اڳوڻي آمر جنرل رٽائر پرويز مشرف جي  برطانوي اداري کي ڏنل انٽرويو مان به لڳائي سگهجي ٿو، جنهن ۾ مشرف چيو هو ته  پاڪ فوج  طالبان ۽  آمريڪا  سان گڏج سوويت يونين کي ٽوڙيو هو، اهو درست فيصلو هو، هاڻ ان بيان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهي طالبان اڄ  هن ملڪ ۾ مزارن ، امام بارگاهن ۽  اسڪولن تي حملا ڪري رهيا آهن  ۽ اهي طالبان اڄ ڪيڏا خطرناڪ ٿي چڪا آهن ، ان جو اندازو هن ملڪ ۾ ٿيندڙ ڪهري ڪاررواين مان به لڳائي سگهجي ٿو، طالبان ماضي ۾ جيڪو ڪججهه ڪيو اهو ماضي هو، جيڪو گذري ويو پر مشرف جي هڪ ٻي ڳالهه ته هن سياستدانن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي ۽ فوج اچي کي درست  ڪيو آهي. سياستدان چون ٿا ته جمهوريت ڀلي ڪيتري خراب ڇو نه هجي پر آمريت کان سئو ڀيرا بهتر آهي.  ان مان لڳي ٿو ته سياستدانن ۽ اڳوڻن آمرن جي ذهنن ۾ ڪيترو فرق آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا نوازشريف ۽ فرشتن ۾ معاملا طئي ٿي ويندا يا وري لاهور پهچڻ تائين  هن جمهوريت کي ڪو نقصان ٿو پهچي.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *