اسلامي فوجي اتحاد ۽ ايران جو ردعمل: صاحب خان ڀٽي

سعودي عرب جي قيادت ۾ جڙندڙ اسلامي فوجي اتحاد جي ايران پاران حمايت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ايران طرفان به ان جا ڪيترائي ڪارڻ ٻڌايا ويا آهن، ايتري قدر جو ايران پاڪستان جي رٽائرڊ جنرل راحيل شريف طرفان اسلامي فوجي اتحاد سربراهه طور ذميواريون سنڀالڻ تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. سعودي عرب جي قيادت ۾ جڙندڙ اسلامي فوجي اتحاد ۾ شروعاتي طور 34 ملڪ شامل ٿيا هئا جن جو هاڻ انگ وڌي 39 ٿي ويو آهي. سعودي عرب طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ان اتحاد سان خطي ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف ڪم ڪيو ويندو ۽ ان اتحاد سان امن قائم ٿيندو پر سعودي عرب طرفان اتحاد جي قيام جو واضع طور سبب ۽ ڪم جي طريقيڪارن بابت گهڻو ڪجهه ناهي ٻڌايو ويو جنهن سبب ايران کي تمام گهڻا خدشا آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته صرف ايران کي اسلامي فوجي اتحاد تي ڳڻتي نه آهي پر سڀ کان وڏي ڳڻتي رٽائرڊ جنرل راحيل شريف جي سربراهه ٿيڻ جي آهي، هونءَ ته سڀني کي خبر آهي ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سعودي عرب ۽ ايران ۾ ڇڪتاڻ هلندي رهي آهي، ڪجهه عرصو اڳ به شيعا اڳواڻن کي ڦاهي ڏيڻ واري معاملي تي به ايران ۽ سعودي عرب ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي هئي، جنهن بعد سعودي اختيارين پاڪستان جا دورا شروع ڪيا هئا جنهن تي پاڪستان جي سياسي اڳواڻن چيو هو ته وزيراعظم کي معاملو حل ڪرڻ لاءِ ٽياڪڙي وارو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو  ڇاڪاڻ ته ٻئي ملڪ اسلامي آهن.

جيڪڏهن ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ ٿيندي ته ان جو اثر سمورن اسلامي ملڪن تي ٿيندو، بهرحال اهو معاملو ڪجهه حد تائين ختم ٿي ويو هو پر هاڻ وري هڪ ڀيرو الزامن وارو سلسلو شروع ٿي ويو آهي جئين ماضي ۾ ٿيندو رهيو آهي، هونءَ ته سعودي عرب سميت نار جا اڪثر ملڪ خطي ۾ پکڙيل انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو ذميوار ايران کي قرار ڏيندا آهن پر هن وقت تائين ايران طرفان لڳايل سمورن الزامن جو ڀرپور مقابلو ڪيو ويو آهي، هڪ طرف سعودي عرب ايران تي الزام لڳائي رهيو آهي ته ٻي طرف وري آمريڪا به سعودي عرب تي نائن اليون ۾ ملوث هجڻ جون رڙيون ڪندو رهيو آهي، عالمي برادري به يمن ۾ سعودي فوج جي ڪاررواين تي ڳڻتي جو اظهار ڪري چڪي آهي پر ان باوجود سعودي عرب عالمي برادري جي هڪ به نه ٻڌي آهي، جڏهن ملڪ اندر رٽائرڊ جنرل راحيل شريف جي اسلامي فوجي اتحاد جو سربراهه ٿيڻ واريون خبرون پکڙجڻ لڳيون هيون ته ان وقت به ملڪ اندر وڏو بحث ڇڙي ويو هو، ڪجهه ماڻهو ان تي اعتراض ڪري رهيا هئا ته ڪجهه وري ان جي حمايت به ڪري رهيا پر هن وقت تائين حڪومت اهو واضع طور سمورو معاملو عوام آڏو ناهي آڻي سگهي ته آخر رٽائرڊ جنرل راحيل شريف کي اسلامي فوجي اتحاد جي سربراهه ٿيڻ جي اين او سي ڪنهن جاري ڪئي؟

بهرحال هن وقت ملڪ اندر رٽائرڊ جنرل راحيل شريف جو بحث پنهنجي هنڌ آهي پر ايران به ان معاملي تي تمام گهڻي ڳڻتي جو اظهار ڪيو  آهي، ايران طرفان چيو ويو آهي ته کين اسلامي فوجي اتحاد ۾ باضابطه طور شامل ٿيڻ جي دعوت نه ڏني وئي هئي ۽ نه ئي هو اهڙي اتحاد جي حمايت ڪندا، اسلام آباد ۾ مقرر ايراني سفير هنر دوست پاڪ فوج جي رٽائرڊ جنرل راحيل شريف پاران اسلامي اتحاد جي قيادت ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، ايراني سفير هنر دوست چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت رٽائرڊ جنرل راحيل شريف کي اسلامي فوجي اتحاد جي سربراهه ٿيڻ جي اين او سي جاري ڪئي وئي جنهن تي کين تمام گهڻا خدشا آهن، جڏهن رٽائرڊ جنرل راحيل شريف جي اسلامي فوجي اتحاد جي سربراهه ٿيڻ جون خبرون هليون هيون ۽ ملڪ اندر وڏو بحث ڇڙي هو ان وقت به ڪنهن به ملڪ طرفان ان جي مخالفت نه ڪئي وئي هئي پر هاڻ ايران ان تي خدشا ظاهر ڪري رهيو آهي، ايراني سفير مهدي هنر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني حڪومت اين او سي جاري ڪرڻ کان اڳ ايراني اختيارين سان رابطو ڪيو هو  پر ان وقت نه ايران ان جي حمايت ڪئي هئي ۽ نه ئي وري ان جي مخالفت ڪئي هئي.

جيتوڻيڪ هن وقت تائين پاڪستاني حڪومت طرفان ڪو به تڪڙو رد عمل ظاهر ناهي ڪيو ويو پر ان باوجود ايران پنهنجي فيصلي تي اٽل بيٺل نظر اچي رهيو آهي ۽ سعودي عرب جي جڙندڙ اسلامي فوجي اتحاد جي مخالفت ڪري رهيو  آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته آمريڪا طرفان ان اسلامي فوجي اتحاد جي هن وقت تائين مخالفت نه ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي وري ان تي ڪو رد عمل ظاهر ڪيو ويو آهي، هونءَ ته اسلامي فوجي اتحاد بابت ڪيترن ئي ڏينهن کان بحث ٿي رهيو آهي پر ان باوجود آمريڪا توڙي برطانيا طرفان ان تي ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو پيو وڃي، ايران به صرف ان ڪري ئي مخالفت ڪري رهيو  اهي جو ايران هن وقت ان فوجي اتحاد جي مخالفت ۾ بيٺل آهي ۽ سمورا ملڪ به ايران کان ٿورو لنوائيندا رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته اهو واحد ملڪ آهي جيڪو آمريڪا کي ڀرپور نموني سان جواب ڏيندو آهي، ڪجهه عرصو اڳ به آمريڪا ۽ ايران ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي هئي ۽ آمريڪا طرفان مٿس وڌيڪ سخت پابنديون لڳايون ويون هيون، ان باوجود ايران پنهنجي مقصد تان نه هٽيو هو، هونءَ ته اڳوڻو آمريڪي صدر بارڪ اوباما پنهنجي بيان چيو هو ته سندس دور ۾ ايران جو ايٽمي پروگرام بند ٿي ويو هو ۽ ايران جو مسئلو هن ڳالهين ذريعي حل ڪيو هو پر ان باوجود ايران ۽  آمريڪا ۾ ويڇا هن وقت تائين گهٽجي نه سگهيا آهن،

بهرحال ايران ۽ آمريڪا جا مسئلا پنهنجي جڳهه تي، هن وقت سڄو معاملو جنرل (ر) راحيل شريف جي اسلامي فوجي اتحاد جي سربراهه ٿيڻ جو آهي جنهن تي ايران طرفان به ڳڻتي جو اظهار ڪيوويو آهي. هڪ پرڏيهي خا برو اداري ۾ به خبر هلائي هئي ته ته قومي سلامتي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار ناصر جنجوعه چيو هو ته جنرل رٽائرڊ راحيل شريف اسلامي اتحاد جي قيادت سنڀالڻ بعد ايران کي به ان ۾ شموليت جي دعوت ڏيندو، جيڪڏهن ڏٺو ته ايراني سفير به ان ڳالهه کي قبول ڪري رهيو آهي ته پاڪستان طرفان کين اسلامي فوجي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ بابت ٻڌايو ويو هو. ايراني سفير طرفان اهو به واضع ڪيو ويو هو ته  تهران اهڙي اتحاد جو ڪڏهن به حصو نه بڻجندو ۽ نه ئي اهڙي ڪا کين دعوت ملي آهي.ايراني سفير مهدي هنر دوست طرفان چيو ويو آهي ته فوجي اتحاد قائم ڪرڻ بدران خطي ۾ امن لاءِ هڪ اهڙو اتحاد جوڙيو وڃي جنهن سان مسئلا حل ٿي سگهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت ايران صرف ان ڪري ئي اسلامي فوجي اتحاد جي مخالفت ڪري رهيو آهي جو ان جو سربراهه سعودي عرب آهي ۽ ٻنهي ملڪن ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي بهتر لاڳاپا نه رهيا آهن، بهرحال هن وقت رٽائرڊ جنرل راحيل شريف جي اسلامي فوجي اتحاد جي سربراهه ٿيڻ واريون خبرون بحث جو مرڪز بڻيل آهن، ملڪ ۾ به ان معاملي تي وڏو بحث ڇڙي ويو آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخري ڪهڙي ريت سعودي  جا اڳواڻ ان معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ ايران کي مطئمن ڪن.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *