اسحاق ڊار کان پوءِ ڪنهن جو احتساب ٿيندو؟: صاحب خان ڀٽي

پاناما ڪيس کان پوءِ عوام کي خبر ته هن ملڪ اندر به احتساب نالي ڪا شيءَ موجود آهي، ڇاڪاڻ ته اڳ صرف پوليس، اهلڪار، رينجرز ۽ ٻيا ادارا صرف غريب ماڻهن جو ئي احتساب ڪندا هئا پر هاڻ سياستدانن جو احتساب ٿي رهيو آهي، ماضي ۾ جيڪو احتساب ٿيندو هو، ان احتساب ۾ سياسي اڳواڻن کي صرف جلا وطن ڪيو ويندو هو پر هاڻ  اسٽيبلشمينٽ جو طريقو تبديل ٿي ويو آهي. هاڻ اڳواڻ پاڻ جلاوطني اختيار ڪرڻ لاءِ ملڪ ڇڏيو هليا وڃن ٿا، ڪڏهن بيماري جي بهاني ته ڪڏهن وري ڪنهن ڪم سانگي هن ملڪ کان ٻاهر رهي ڪيسن کي منهن ڏين ٿا. بهرحال نواز ليگ تي هڪ ڀيرو ٻيهر جيڪو  دٻاءُ وڌو آهي، ان جو ڪارڻ پاناما معاملو هو، هونئن ته پاناما ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جا نالا شامل هئا پر سڀ کان وڌيڪ احتساب ٿيو ته اها ٻي ڪا جماعت نه پر نواز ليگ هئي، هن وقت به نواز ليگ جو پاناما کان شروع ٿيل احتساب جاري ۽ ساري  آهي.

اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف جنهن کي سپريم ڪورٽ نااهل قرار ڏنو هو، اهو اڄ به رڙيون ڪري رهيو آهي ته ساڻس انصاف نه ٿيو آهي. پاناما کان اڳ هن ملڪ ۾ ٻه ادارا اهڙا هئا جن خلاف ڳالهائڻ کان اڳ هر ڪو ماڻهو هزار بار سوچيندو هو، ڇاڪاڻ ته انهن ٻن ادارن خلاف ڳالهائڻ  جو مطلب هوندو هو ته پاڻ ڏانهن  نقصان کي دعوت ڏيڻ آهي.  پر هاڻ ٿورو  روايتون تبديل ٿيون آهن، ان جو ڪارڻ ٻيو نه پر نوازشريف آهي. جڏهن کان  نواز ليگ خلاف ڪيس شروع ٿيا آهن، تڏهن کان عدالتن ۾ ڪيسن کي اڪلائڻ وارو  سلسلو به تيز ٿي ويو آهي. هڪ طرف تحريڪ انصاف خلاف پارٽي فنڊنگ ۽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس هلي رهيو آهي ته ٻي طرف وري نواز ليگ  به عدالتن ۾ ڪيسن کي منهن ڏئي رهي آهي،

نوازشريف سان به اهو ئي حشر ٿيو آهي، جيڪو ڪجهه عرصو اڳ لنڊن واري ڀائي سا ٿيو هو، اڃا به ماڻهن کي اهي ڏينهن ياد آهن، جڏهن لنڊن وارو شخص ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽي وي چينلن تي ويهي هن ملڪ کي ٺاهيندڙ عوام کي ڌمڪيون ڏيندو هو پر ان کان ڪو به پڇڻ وارو نه هوندو پر جڏهن ان شخص هتان جي مقدس ادارن خلاف ڳالهائڻ شروع ڪيو ته جن ماڻهن کي  لنڊن واري شخص خلاف ڳالهائڻ جي همت به نه هوندي هئي، اهي ماڻهو سندس خلاف عدالتن جو در کڙڪائيندا هئا، جڏهن لنڊن واري شخص رياست خلاف تقرير ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ ان شخص خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ وارو سلسلو به شروع ٿي ويو هو، نوازشريف سان به اهو ئي ڪجهه ٿيو آهي، جڏهن نوازشريف عدالتن خلاف ڳالهايو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، لاهور هاءِ ڪورٽ  سميت مختلف عدالتن ۾ نوازشريف ۽ سندس پارٽي تي پابندي لڳائڻ جون درخواستون داخل ڪرايون ويون.

جيتوڻيڪ هن وقت نوازشريف عدليا ۽ فوج خلاف گهٽ ڳالهائي رهيوآهي ۽ پنهنجي رويي ۾ به نرمي آند آهي پر ان باوجود به تحريڪ انصاف سندس پيڇو نه پئي ڇڏي. بهرحال سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ عوام جون اکيون کليون ۽ نوازشريف جي بيانن  مان اهو ظاهر ٿيو ته ڀٽي کي ڦاهي ڏيڻ وارو فيصلو به مقدس ادارن جوغلط هو، ۽ نواز ليگ اهو ئي ڪجهه چئي رهي آهي. هونئن ته هن ملڪ ۾ حق سچ ڳالهائڻ سولو ڪم نه آهي پر ان باوجود نوازشريف وڏي بهادري سان پنهنجي ۾ دمادم مست قلندر ڪرڻ لاءِ نڪتو آهي ۽ عوام به سندس ساٿ  ڏئي رهيو آهي پر  نوازشريف جن مقدس ادارن کان جنگ کٽڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اهو سندس لاءِ هڪ وڏو چيلينج بڻيل آهي ڇاڪاڻ ته هڪ عظيم ليڊر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به انهن مقدس ادارن کان نه کٽي سگهيو  هو.  بهرحال هن وقت حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن ۽ عوام ميڊيا تي سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي،صرف ڳالهائي نه پيوسگهي،

هن ملڪ جو عوام ته اهو به ڏسي رهيوآهي ته هڪ پارٽي خلاف پارٽي فنڊنگ جا ڪيس هلي رهيا آهن ته ٻي طرف وري ان تنظيم تي هلڪو هٿ رکيو پيو وڃي.  هن وقت ملڪ اندر هڪ طرف بدامني ۽ دهشتگردي آهي ته ٻي طرف وري عالمي دهشتگرد تنظيمون به هن ملڪ ۾ هيڏي وڏي سڪيورٽي جي باوجود پنهنجا جهنڊا لڳائي رهيون آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نوازشريف 1998ع  ۾ به انهن ادارن سان مهاڏو اٽڪايو هو ۽ هاڻ به اٽڪائي رهيوآهي. پر هن ڀيري کيس ماضي جي ڀيٽ ۾ ٿورو ريليف ضرور ملندو. اهو ان ڪري ملندو و اڄ ملڪ اندر ميڊيا  عوام کي سجاڳ ڪري ڇڏيو آهي. هونءَ ته هن ملڪ ۾ شهيد بينظير ڀٽو جو قتل ڪيس به هلي رهيو آهي، جنهن جي قتل کي ڪيترائي سال گذري چڪا آهن پر اهو ڪيس جيئن جو تئين آهي پر پاناما ڪيس جيترو جلدي حل ٿي ويو، شايد اهو ڪنهن معجزي کان گهٽ نه آهي.

پاناما ڪيس ۾ سڀ کان پهريان نوازشريف کي نااهل ڪيو  ويو، جنهن بعد شريف ڪٽنب ۽ ناڻي واري وفاق وزير اسحاق ڊار خلاف ريفرنس جي جاچ شروع ٿي. جيڪا هن وقت هلي رهي آهي. احتساب عدالت به غير قانوني اثاثن جي ڪيس ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار تي فرد جرم ڪيو پر اسحاق ڊار ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي الزام کي غلط قرار ڏنو هو، جڏهن ته اسحاق ڊارو اهو به چو هو ته مٿس آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام بي بنياد آهي تنهن ڪري هو پاڻ تي لڳل الزامن جو دفاع ڪندو ۽ بيگناهي ثابت ڪندو.جڏهن ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار اسلام آٻاد جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو هو ته ان وقت حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا هئا، جڏهن ته نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل سردار مظفر عباسي ۽ اسپيشل پراسيڪيوٽر عمران شفيق کي به پوليس اندر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو هو، ايتري قدر جو صحافين کي به اندر نه ڇڏيو ويو هو. عدالت به دير ئي نه ڪئي هئي اسحاق ڊار تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو هو.جنهن تي نواز ليگ اڳواڻ به ميدان تي لهي پيا هئا،

نوازليگ جي وڪيل چيو هو  ته فرد جرم لاڳو ڪرڻ کان اڳ جوابدار کي وقت ڏنو ويندو آهي پر  اهو حق نوازشريف کي نه  ڏنو ويو آهي.  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته هن اڳ به سنگين حالتن کي منهن ڏنو هو ۽ اڄ به هو اهڙين حالتن کي ڏئي رهيو آهي، نوازشريف ته اهو به چيو هو ته هو ڪڏهن آمريت اڳيان جهڪيو ناهي. جيتوڻيڪ اسحاق ڊار تي فرد جرم لاڳو ٿي چڪو آهي ۽ نواز ليگ اڃا به ڏکيائن کي منهن ڏئي رهي آهي.  جڏهن ته  تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان کي عدالت ڪيترائي ڀيرا طلب ڪيو هو   ڪڏهن به پيش نه ٿيو آهي پر  جڏهن به نوازشريف جي اولاد کي طلب ڪيو ويو هو عورتن ۽ ٻارڙن سميت عدالتن آڏو پيش ٿيو آهي. ايئن ناهي ٿيو جين اڳوڻي پرويز مشرف ڪيو هو، اها به ڪيتري ئي پراڻي ڳالهه آهي، جڏهن سپريم ڪورٽ  مشرف کي طلب ڪيو ويو هو ته هو عدالت بدران علاج بهاني اسپتال هليو ويوهو ۽ هاڻ به عدالتن۾  پيش ٿيڻ بدران پرڏيهه  ۾ علاج ڪرائي رهيو آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر نواشريف کي مقدس ادارا ريليف فراهم ڪندا يا وري جيڪو انصاف ڀٽو سان ڪيو ويو  هو، اهڙو ئي انصاف  نوازشريف سان ڪيو ويندو؟

sahibalisndhi@gmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *