استاد مرزا اسدالله خان غالب ؛ارشاد ڪاغذي

مرزا اسدالله خان غالب (ولادت: 27 ڊسمبر 1796ع وفات: 15 فيبروري 1869ع)

مرزا غالب اردو زبان جو مهان ڪوي آهي. 19هين صدي جو سڀ کان وڏو مشهور ۽ معروف شاعر، هن جو مان ۽ مرتبو ڪنهن هڪ ڪسوٽي جي ڪلڪ سان نٿو بيان ڪري سگھجي ۽ نه وري منهنجي ڀيڻِي آهي جو استادن جي استاد تي ڪو تبصرو ڪري سگھان، پر جيڪو ڪجهه پڳو آهي، اهو وس آهر پيش خدمت رکان ٿو. مرزا غالب جي شاعري عشق، پيار، واقعن، شوخي، رندي، ڇڙواڳي، عاجزي، اِنڪساري، نوڙت، شڪوا ۽ شڪايت جهڙن متضاد ۽ اُبتڙ ڪيفيتن جو مجموعو آهي. اردو زبان جي هڪ نقاد جي بقول ”غالب اردو جي سمورن شاعرن کان مٿانهون آهي، هن ۾ استادي، مهارت ۽ اظهار جي شڪتي ٻين کان اتم درجا وڌيڪ موجود آهي. مير تقي مير غزل جو بادشاهه هو، سود قصيدن ۽ هَجوَ نگاري جو بي مثل شاعر هو ۽ وري مير حسن جو مثنوي ۾ ڪوبه مقابلو نٿو ڪري سگھجي، پر انهن سڀني کان مرزا غالب اتم ۽ اعليٰ آهي. هڪ ادبي ڏاهو استاد غالب جي پرک ڪندي رقمطراز آهي: ”جتي هن جي شاعري دنگ ڪري ٿي، اتان کان ئي پيغمبري جي پد تي پهچي ٿي“. اردو زبان جي مشهور عالم ۽ غالب جي شارح ڊاڪٽر عبدالرحمان بجنوري چواڻي ”هندستان ۾ ٻه الهامي ڪتاب آهن، هڪ مقدس ’ويد‘ ۽ ٻيو ’ديوانِ غالب‘. ۽ مرزا غالب پنهنجي شاعري جو پاڻ ساکي آهي:

آتي هين غيب سي يه مضامين خيال مين

غالب صرير خامه نوائي سروش هي

(هي مضمون غيب مان منهنجي خيال ۾ اچي رهيا آهن. اي غالب! قلم جو آواز فرشتي جي سڏ وانگر آهي)

اردو ۾ مرزا غالب جهڙو شاعر ورلي پيدا ٿيندو. مومن، مير، داغ، ولي، تاجي، مظهر جان جانان، اقبال، فيض ۽ ٻيا پنهنجو وارو وڄائي ويا، پر اڄ ڏينهن تائين اهڙو قادر ڪمال شاعر نه جنميو ۽ نه وري ڄمندو. ٻن سو سالن کان وڌيڪ عرصي گذري وڃڻ باوجود اردو جي ٻَهڳُڻي شاعر جي شاعري موجود حالتن ۽ تقاضائن جي عين مطابق آهي، جڏهن ته ڪيترن شاعرن جي شاعري مَتروڪُ ٿي وئي آهي. هي زنده آهي ۽ دل جي ڌڙڪن کي تيز ڪري ٿي. هن جو مٽ ۽ ثاني ڪوبه ڪانهي، غالب جي شاعري لاجواب ۽ لازوال آهي! سندس شاعري جي ڇڪ، لذت ۽ چاشني جو مزو ئي اَورِ آهي.

هين اور بهي دنيا مين سخنور بهت اچهي

ڪهتي هين که غالب کا هي اندازِ بيان اور

مهربان هوڪي بلالو مجهي، چاهو جس وقت

مين گيا وقت نهين هون ڪه پهر آ بهي نه سڪون.

مرزا غالب جي شاعري، ساحِرِي آهي، جنهن جي اثر ۾ قاري قابو ٿيو وڃي. سوين، هزارين بلڪه لکين ڪروڙين ماڻهن کي متاثر ڪندڙ غالب کي هر هڪ ماڻهو پنهنجي اکين ۽ دل ۾ ويهاري عزت سان نوازيو آهي. غالب جي بلند خيالي واري شاعري ٽن قسمن جي صورت ۽ سِٽاءَ ۾ ترتيبوار ڦهليل آهي. غزل مثنوي (اخلاقي ۽ صوفيانه تمثيل) ۽ قصيده شامل آهن. هن فارسيءَ ۾ به شاعري ڪئي پر اردو جي ڪري هن جي هاڪ پري پري تائين پهتي. بيشڪ! غالب جي باڪمال ۽ شاهڪار شاعري اردو ادب جي جان آهي. هو بنا شڪ ۽ شبهي جي غير معمولي، غيرفاني ۽ غير روايتي شاعر آهي. مرزا غالب جا ڪجهه شعر عام ماڻهو وڏي آساني ۽ سولائي سان سمجهي سگهي ٿو ته وري ڪي شعر باذوق، باادب ۽ پڙهيل ڳڙهيل، علمي ادبي ذوق ۽ شوق رکندڙ به سمجهڻ کان قاصر آهن يا وري ان کي سمجهڻ لاءِ وڏي مٿاڪٽ ڪرڻي ٿي پئي.

هستي کي مت فريب مين آجائيو اسد

عالم تمام حلقهءِ دام خيال هي

(اي اسد! هستي جي فريب ۾ نه آءُ

سڄو عالم خيال جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي)

غالب جي فارسي زده شاعري جي ڪري ڪيترا ناقد کيس نندين ٿا ۽ الزامن جا تير هڻندي فرمائين ٿا ته ”غالب جي شاعري فارسي زده، بناوٽي ۽ ناقابلِ فهم آهي“.

کوئي ميري دل سي پوڇهي تيري تير- نيم کش کا

يه خلش کهان سي هوتي جو جگر کي پار هوتا

(تنهنجي اڌ تاڻيل تير جي باري ۾ ڪوئي مون کان پڇي،

هيءَ خلش ڪٿي هجي ها جي جگر مان پار ٿئي ها)

بوئي گل نالهءِ دل دود چراغ محفل

جو تيري بزم سي نکلا وه پريشان نکلا

(گل جي خوشبوءِ، دل جي دانهن، محفل جو ڏيئو،

جيڪي به تنهنجي محفل مان نڪتا، پريشان نڪتا)

مرزا غالب پنهنجي شاعري ۾ اهڙا رنگ ڀريا آهن، جيڪي حقيقت جو گمان ڀاسين ٿا. هو هڪ ماهر پينٽر ۽ مصور وانگر ڪئنواس تي وسيع ويچار ڌارا جا چِٽ چِٽي، سندرتا جي برش سان شاعري جي حسناڪين کي عام آڏو آڇي ٿو.هن جي شاعري ۾ ڏاهپ ۽ ڏات جا ڏيئا جڳمڳائين ٿا. مرزا غالب پنهنجي غزلن ۾ ڪلاسيڪل يا اساسيت کي لٽريچر ۾ گڏ ڪري ،سوڌي سنواري ۽ سموئي ‘هڪ جان ٻه قالب’ جيان بيهاريو آهي.

ننڊي کنڊ ۾ ڪيئي نامور غزل گو شاعر پنهنجو ڌاڪو ڄمائي اُلهي ويا، پر غالب پنهنجي تخلص جي نسبت سان سڀني تي غالب ۽ حاوي آهي. هن جا غزل جيڪي مختصر آهن پر پُرمعنيٰ آهن. سندس شاعري ۾ محبت، عشق ۽ پريمين جي پيار ۽ پچار جا قصا ۽ ڪهاڻيون درج ٿيل آهن. هن جو حساس ذهن، دانشمندي ۽ سندس ادبي پورهيو ۽ شاعرانه تخيل جي اڏام لفظن جي شيريني ۽ تلخي جي اثر کان ڪوئي بچيو ته ڄڻ ڪي نئون ڄائو! هن ماڻهن جي ڏک، درد ۽ پيڙا کي پروڙي پنهنجي غزلن ۾ ٻاڦڻُ جي جيڪا انوکي ريت، رسم ۽ روايت وڌي آهي، اها ڪنهن ٻي فنڪار ۾ نٿي ملي.

الاهي يه ميري لبون په کس کا نام آيا

که ميري نطق ني بوسي ميري زبان کي لئي

(يا الاهي منهنجي چپن تي ڪنهن جو نالو آيو،

جو منهنجي تارونءَ، منهنجي ڄڀ کان چميون ورتيون)

*********جاري*******

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *