استادن جي استادي ۽ حڪومتي حال ؛سرواڻ چانڊيو

نواز حڪومت کي خير سان اقتدار ۾ هاڻي سال کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي ۽ ان عرصي دوران جيترا ملڪي معيشت توڙي مسئلن جي حل لاءِ تجربا ڪيا ويا آهن، اهڙا تجربا ته شايد اسڪولن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهڻ دوران شاگرد به ناهن ڪندا، جن کي اها به خبر ناهي هوندي ته ڪهڙو تيزاب ڇا جي ڪم ايندو آهي ۽ اهي اهو ئي ڪم سکڻ جي لاءِ مختلف تجربا ڪندا آهن ۽ ليبارٽرين جو ئي ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيندا آهن، پر انهن جي ان ڪم تي ڪاوڙ بدران خوشي ٿيندي آهي ته ڇوڪرن ۾ سکڻ جي دلچسپي آهي ۽ اهي وڏي چاهه سان ڪم ڪري رهيا آهن، انهن کي همٿايو ويندو آهي ته ڀلي غلطيون ٿين پر توهان پنهنجون ڪوششون جاري رکو. اها ڳالهه ته آهي سيکڙاٽن جي، جيڪي سکڻ جي مرحلن ۾ هوندا آهن ۽ غلطين تي غلطيون ڪري آخرڪار تيار ٿي استاد جو روپ ڌاريندا آهن، ڇو ته تجربيڪار کي ئي استاد چئبو آهي.نواز حڪومت ۾ اهڙا ڪيترائي استاد آهن، جيڪي وزيراعظم صاحب جي چواڻيءَ موجب ته پنهنجي ڪم ۾ ماهر آهن. ائين کڻي چئجي ته اهي ڪم ۾ استاد آهن ۽ جنهن ڏينهن کان هن حڪومت ۾ سال کن اڳ ۾ بحران آيو ته ان وقت پڻ وزيراعظم انهن استادن کي سڏائي ڪن مهٽ ڪندي چيو هو ته اڳتي اهڙو بحران پيدا نه ٿئي ۽ اهڙي ڪا ٽل ڪئي وڃي جو اڳتي بحران پيدا ئي نه ٿئي ۽ منهنجي خيال ۾ هر انهيءَ اجلاس کانپوءِ اهڙو بحران آيو آهي، جو اهي سڀ ٽڪساٽ ڪنهن ڪم جا ناهن رهيا ۽ وري وزيراعظم پنهنجو ساڳيو جملو ’اڳتي ائين نه ٿئي‘ ورجائي پنهنجو پاند آجو ڪرايو آهي پر تجربيڪار استادن جي ٽيم هاڻي ڏينهون ڏينهن فيل ٿيندي پئي وڃي ۽ اهڙو ڪو به گس ناهي ڪڍي سگهي، جنهن سان بحرانن جي طوفان کي منهن ڏئي سگهجي، پر هر ڏينهن گذرڻ کانپوءِ جيڪو بحران اچي ٿو، ان جي شدت اڳي کان وڌيڪ هوندي آهي.2013ع جي عام چونڊن ۾ شهباز شريف خوبصورت نعرا هڻندي عوام کي خاطري ڪرائي هئي ته بس رڳو اسان کي ڪامياب ڪريو، باقي رهيل ڪم اسان جو آهي ته اهو ڪيئن ٿا ڪريون. عوام ته پنهنجو واعدو پورو ڪري ڇڏيو پر هاڻي جيڪو واعدو حڪمرانن ڪيو هو، انهن جو پورائو ٿيندي نظر نه پيو اچي ۽ هر گذرندڙ ڏينهن ۽ بحران کانپوءِ هاڻي به ساڳئي ڪار آهي ته اڳين حڪومتن جي غلط حڪمت عملين جي ڪري اسان ڀوڳي رهيا آهيون. جيڪڏهن ائين هو ته پوءِ عوام سان واعدا ڇو ڪيا ويا؟ ان وقت ته اهو ڪڏهن به نه چيو ويو ته ملڪ جو ٻيڙو ته ٻڏل آهي پر وس آهر ڪوشش ڪنداسين ۽ وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪنداسين پر اهو چوڻ بدران عوام کي 100 سيڪڙو پڪ ڏياري وئي ته انهن سڀني مسئلن جو حل جي آهي ته صرف اسان وٽ آهي، باقي ٻيا ته ٿڃ پياڪ ٻار آهن، انهن کي ڪا خبر ئي نه آهي.حڪومت جي تجربيڪار ٽيم جيڪي ملڪ ۾ تجربا ڪيا آهن، انهن تجربن جي ڪري سال ۾ ئي گئس، بجلي ۽ پيٽرول به ختم ٿي ويو. هاڻي نه گئس آهي، نه بجلي آهي ۽ نه ئي وري پيٽرول آهي. خير سان سڀ شيون پڄاڻيءَ تي پهچي چڪيون آهن. باقي جيڪڏهن اڃا ڪا رهي ته اها استادن جي حڪومت آهي، جنهن کي ڪو به لهر لوڏو نه آهي. ڇو ته استاد صرف ان ڪم تي ئي لڳل آهن ته انهن بحرانن کي حل ڪرڻ بدران انهن جي ذميواري ڪنهن تي وجهجي! ڇو ته استادن تي ڪا ذميواري نه ٿي ٿئي، اهي ته صرف تجربو ڪرڻ آيا آهن ۽ پاڪستان کان وڌيڪ انهن کي ٻي تجربيگاهه ڪٿي ملندي به ڪونه.جيڪڏهن دنيا جي ڪنهن مهذب ملڪ ۾ ڪجهه ٿئي ٿو ته اتان جو ذميوار شخص فوري طور ضمير جي آواز تي پنهنجي ذميوارين کان آجو ٿي وڃي ٿو ۽ اهو چوي ٿو ته آئون ذميواريون ادا نه ڪري سگهيس، هاڻي ٻيو ڪير اچي عوام کي رليف فراهم ڪري ۽ پوءِ اهو آرام سان پنهنجي جاءِ ڇڏي ڏي ٿو، پر هتي ته قصو ئي الڳ آهي. پنهنجي گهر ۾ به بحران جو ذميوار پاڙي وارن کي قرار ڏنو وڃي ٿو. وزير پنهنجي ادارن جي نااهلي جي ذميواري پاڻ کڻڻ بدران ٻين وزيرن ۽ مشيرن تي وجهڻ ۾ پورا آهن، جڏهن ته گهڻن ته ان سڄي بحران جو ذميوار ئي عوام ۽ فقيرن کي ڏئي ڇڏيو آهي. هاڻي پيٽرول عوام استعمال نه ڪندو ته پوءِ ڀلا جانور ڪندا؟ فقيرن جي منطق ته پهريون ڀيرو ٻڌڻ ۾ آئي آهي، ڇو ته ڪنهن ميڊيا چينل به اهڙي قسم جي ڪا به خبر ناهي هلائي ته ڪي فقير ٿيلهيون ڀري پيٽرول کڻي وڃي رهيا آهن ۽ وڏن اگهن تي فراهم ڪري رهيا آهن. خير سان اها خبر به استادن ڏني.نواز شريف جيڪو بحرانن کي حل ڪرڻ جو بادشاهه آهي، تنهن جون خدا ڄاڻي ڇو وايون ئي بتال ٿي ويون آهن ۽ کيس ڪا ڳالهه ئي سمجهه ۾ نه پئي اچي. هو لڳي ٿو ته طاقتور وزيرن جي گهيري ۾ اچي ويو آهي، جيڪي ڪم ڪار بدران صرف هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ ۾ پورا آهن ۽ لڳي ٿو ته نواز شريف کي اهوئي خوف ورائي ويو آهي ته ڪٿي مخالف ڌر بدران آئون پنهنجن ئي وزيرن جي ڪري ٽيون ڀيرو گهر ڀيڙو نه ٿي وڃان؟ ان جي لاءِ ڪنهن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران صرف اهي اکر ئي ورجائڻ ۾ پورو آهي ته ’اڳتي ائين نه ٿيڻ گهرجي.‘ اهو ائين آهي جيئن اسڪول ۾ ڪو ٽيچر ٻارڙن کي گوڙ ڪرڻ تي صرف دڙڪو ڏي ته هاڻي جيڪڏهن گوڙ ٿيو ته توهان جو خير نه آهي ۽ پوءِ ٻار ته ٻار آهن، اهي ڪٿي ٿا پنهنجي استاد جي ٻڌن ۽ ائين ئي اسڪول ۾ مانڌاڻ متل هوندو آهي. تيئن هتي به لڳي ٿو ته هن هيڊ ماستر کي ٻڌڻ وارو به ڪير نه آهي. ڇو ته سندس ٽيم ۾ شاگرد نه پر استاد آهن ۽ اهي به ڪيترائي راڄ ڦٽائي پوءِ سندس گهر جا ڀاتي بڻيا آهن. تنهن لاءِ انهن کي رستي تي آڻڻ ۽ ڪم وٺڻ هروڀرو ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي.حڪومتن کي ڏسجي ته صوبائي حڪومتن جو حال به پورو سارو آهي. چوندا آهن ته جهڙو ڪم مٿان ٿيندو، اهڙو ئي هيٺان وارا به ڪندا. هاڻي جڏهن وفاق ۾ ئي ڪجهه نه پيو ٿئي ته پوءِ صوبن تي ڪهڙي ميار آهي؟ جو هو عوامي ڀلائي وارن ڪمن تي ڌيان ڏين. خيبرپختونخواهه ۾ جيڪڏهن دهشتگردي جاري آهي ۽ عوامي ڀلائي وارا ڪم نه پيا ٿين ته خير سان سنڌ ۾ به ساڳئي ڪار آهي، جتي سواءِ ڄنڊاپٽ جي ٻيو ڪجهه به نه پيو ٿئي. (جاري)

سائين قائم علي شاهه جذبات ۾ اچي تقرير ته ڪري وڃي ٿو پر پوءِ شام جو هوش ۾ اچڻ تي پنهنجن ئي لفظن کي واپس وٺندي مفاهمت جو راڳ آلاپي ٿو. جڏهن ته اڃا تائين ته حڪومت ڪمند واري اگهه تي ئي عمل ناهي ڪرائي سگهي ۽ وقت جي دز ۾ لٽجي ويل سياستدان ٻيهر ڪمند جي اگهه کي کڻي عوام جي اک جو تارو بڻجي رهيا آهن. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها جو سائين قائم علي شاهه زوري ملز مالڪن کي دٻاءَ ۾ آڻي پنهنجي فيصلي تي عمل ڪرائي ها ۽ جيڪڏهن ائين نه هو ته ملز مالڪن کي پنهنجي پر ۾ ڪي مراعتون ڏئي في الحال ڪم ٽپائي وڃي ها، پر لڳي ٿو ته سائين هاڻي اهڙي ڪنهن به ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ سئو ڀيرا سوچي ٿو ته ڪٿي 182 رپين جي چڪر ۾ پنهنجو ڪاروبار تباهه نه ٿي وڃي. تنهنڪري آبادگارن کي اگهه ملي نه ملي، اهو سندس مٿي جو سور ناهي. هن پنهنجي پر ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، باقي ملز مالڪ ڄاڻين ۽ آبادگار ڄاڻين.

حڪومتون استادن ۽ تجربيڪاري جي بنياد تي ناهن هلنديون پر حڪومتون عوام جي اوني وسيلي هلنديون آهن، جنهن کي به عوام جو فڪر ۽ اونو هوندو آهي، اهو پنهنجي ناتجربيڪار  ٽيم وسيلي به اهو ڪجهه ڪري ڏيکاريندو آهي، جيڪو تجربيڪار پنهنجي خوابن ۾ به سوچي نه ٿا سگهن پر ڇا ڪجي، هتي تجربيڪاري ضروري آهي، باقي اهليت هجي يا نه هجي ان جو ڪو به فڪر نه آهي. جڏهن ماڻهو تجربا ڪندو ته سکي ويندو. ان لاءِ في الحال حڪمرانن کي تجربا ڪرڻ ڏنا وڃن. جيڪڏهن وقت مليو ته پوءِ کڻي عوام لاءِ به سوچبو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *