استادن جا مٿا ڦاڙيندڙ ٻيا ڪهڙا ڦاڙا ماريندا …….؟

هڪ پاسي شهيد راڻي جي ورسيءَ جون تياريون هلي رهيون هيون ته ٻئي پاسي قوم جي ٻچن کي تعليم ڏيندڙ استادن جا مٿا ڦاڙيا پئي ويا  هي مٿا ڦاڙيندڙ حڪمران جن جو تعلق پ پ پ سان آهي ۽ پ پ شهيد ڀٽو ۽ شهيد راڻي جي اُها پارٽي آهي جيڪا عوامي پارٽي آهي جيڪا آمريت خلاف ڊگهي جدوجھد ڪندڙ پارٽي آهي پر شهيد راڻي کان پوءِ هن پارٽي جا طور طريقا تبديل ٿيندي نظر پيا اچن آمريتي انداز چٽو پٽو نظر اچي رهيو آهي جنهن پارٽي جي قائد ۽ قوم جي امڙ بيگم نصرت ڀٽو پنهنجو مٿو ڦاڙاڻي عوام جي حق لاءِ هڪ جدوجھد جي شروعات ڪئي اڄ ان پارٽي جا حڪمران استادن جا مٿا ڦاڙي  رهي آهي مٿن ڳوڙها گئس اڇلايا پيا وڃن ۽ ڏنڊا وسايا پيا وڃن کين روڊن رستن تي گھيلي پوليس موبائلن ۾ اڇلايو پيو وڃي ۽ ٿاڻن تي بند ڪيو پيو وڃي  ، حڪومت اهري عمل کان پوءِ اِهو سوال پيدا ٿي رهيو آهي ته  آخر استادن جو ڏوھه ڪهڙو آهي …؟ استادن جو ڏوھه اِهو آهي ته هُو پنهنجن حقن لاءِ وڏي وزير جي گھر آڏو احتجاج ڪرڻ پيا چاهين ، اسان جي سنڌ جو وڏو وزير استادن جي جيڪا مهمان نوازي ڪئي آهي ان کي شايد خبر هجي ته اِهي ئي استاد آهن جن کيس پڙهايو آهي ۽ سندس اولاد کي پڙهائي رهيا آهن ڀل ته اِهو دليل ڏنو وڃي ته وڏي وزير سميت سمورن وزيرن ۽ ڪامورن جي اولاد سرڪاري ادارن ۾ نه پڙهندي آهي  پر خانگي اسڪول ۾ به ته کين استاد پڙهائي رهيا آهن استاد ته استاد هجي ٿو جنهن کي  ابي امان جو رتبو حاصل آهي هنن مٿان ڪيل تشدد شرم جوڳو عمل آهي اسان کي حيرت آهي سنڌ پوليس تي جنهن جو سربراھه اي ڊي خواجه آهي جيڪو ميرٽ جو حامي آهي سو به پنهنجي پوليس کي اهرڙي عمل کان روڪي نه سگھيو باقي پوليس بدلين جا آڊر روڪڻ ۾ ماهر آهي . پ پ پ جو سربراھه نوجوان قيادت بلاول ڀٽو زرداري تي پڻ افسوس آهي جيڪو هن تشدد تي رڳو ڳڻتي ظاهر ڪري ٿو باقي استادن جا مسئلا حل ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا نٿو ڪري کيس اِها ڄاڻ وٺڻ گھرجي ۽ استاد اڳواڻن سان ملاقات ڪرڻ گھرجي ته سندن مسئلا ڪهڙا آهن هي استاد ئي آهن جيڪي اليڪشن ۾ وڏي تعداد ۾ ڊيوٽيون ڏين ٿا جمهوريت جي بحالي ۾ استادن جو اهم ڪردار رهيو آهي ۽ اُن جمهوريت وارو ڦل کائيندڙ پ پ حڪمران انهن ئي استادن جا پوليس جي ڏنڊن سان مٿا ڦاڙائي رهيا آهن جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته موجود حڪمران جمهوري قدرن جو خيال رکندڙ نه آهن ظاهر آهي جيڪي جمهوري قدر لتاڙيندڙ هوندا ته اُهي جمهوريت جي بحالي لاءِ شهيد ٿيندڙن جي روح کي رنجائيندڙ ئي هوندا . سنڌ حڪومت جي پاران استادن مٿان ڪيل تشدد تي جتي هر ساڃاھه وند ، باشعور انسان ڏکارو آهي اُتي شهيد ڀٽو ، شهيد راڻي جا روح به غمگين هوندا . اسان جي حڪمرانن کي سوچڻ گھرجي ته ميرٽ تي استاد اوهان ئي مقرر ڪيا ۽ وري هاڻ انهن جي ميرٽ جو مذاق ئي اوهان ڪري رهيا آهيون ، هتي سوال پيدا ٿئي ٿو اوهان پنهنجي عمل سان دنيا کي ڪهڙو پيغام ڏئي رهيا آهيو ته ميرٽ تي ڀرتي ڪيل استاد به اهل ناهن مطلب ته اوهان ميرٽ ڪرڻ ۾ نااهلي جو مظاهرو ڪندڙ آهيو يا سنڌ جو نوجوان ايترو نااهل آهي جيڪو ميرٽ تي هجڻ باوجود به ميرٽ تي نٿو لهي …….! ٻئي طرف پنجاب سميت ٻين صوبن ۾ استادن کي پڪو ڪيو ويو آهي نه صرف پڪو پر پرائمري استاد کي ڀرتي وقت 14 اسڪيل ڏنو ويو آهي ۽ 16 کان 17 اسيڪيل تائين ترقي ڏني وڃي ٿي پر سنڌ ۾ پرائمري استاد کي 16 اسڪيل ڏيڻ لاءِ به شرط لاڳو ڪيا ويا آهن ۽ ان جو حق به سمورن استادن کي نه ڏنو ويو آهي سندن شرطن سان سينئير استاد 16 اسڪيل کان محروم رهجي وڃي ٿو ، استاد جا مسئلا سندن ترقي واري عمل ۾ رڪاوٽ سان گڏ کين فرض نڀائن واري تائين آهن مطلب کين ڏوراهن علائقن ڏانهن موڪليو وڃي ٿو اسڪولن ۾ سهولتون نه هجڻ آهي هزارين اسڪول اڄ به پاڻي سميت بنيادي سهولتن کام محروم آهن ، ڪيترا اسڪول بنا ڇت جي آهن ، ڪيترائي اسڪول اوطاقن ۾ هلي رهيا آهن ، ڪيترن ئي اسڪولن ڏانهن ويندڙ رستا پاڻي هيٺ آيل آهن ، ڪيترائي اسڪول اڄ به ڀوتارن جي قبصي هيٺ آهن ، ڪيترن ئي اسڪولن ۾ فرنيچر ناهي ٻارڙا پٽ تي ويهي پڙهي رهيا آهن ، ڪيترن اسڪولن ۾ ليٽرين جي سهولت ناهي جنهن سبب ٻارڙا پرشان هجن ٿا جنهن جو اعتراف پاڻ تعليم جو سيڪريٽري ڪري چڪو آهي  انهن مسئلن کي حل ڪرڻ بجاءِ استادن کي ٽارگيٽ بڻايو پيو وڃي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته حڪمران تعليم کاتي لاءِ ملندڙ بجيٽ ڦٻائن لاءِ اهڙا مسئلا هٿ وٺي پيدا ڪري رهيا آهن ته جئين استاد پنهنجن مسئلن ۾ ڦاٿل هجن ۽ عوام کي پڻ اِهو تاثر ڏنو وڃي ته اسين سڀ مسئلا حل ڪري چڪا آهيون اسڪولن ۾ ڪوبه مسئلو رهيو ناهي استاد رڳو پنهنجن مسئلن لاءِ روڊن تي اچن ٿا …! حڪومت جو اهڙو تاثر پيدا ڪرڻ سندن غلط عمل آهي جنهن کي عوام پڻ سمجھي رهيو آهي ، حڪومت جو استادن کي ڪمزور ڪرڻ واري پاليسي ۾ اِهو پڻ شامل آهي ته هنن استاد تنظيم کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي جنهن سان استاد جي طاقت به ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي وئي آهي ۽ ان جو فائدو حڪمران وٺي رهيا آهن اسين سمجهون ٿا ته جيڪي استاد لٺيون کائي رهيا آهن مٿا ڦاڙائي رهيا آهن ، گرفتار ٿي رهيا آهن اُهي استاد ڪاز لاءِ وڙهندڙ آهن ، جيڪي استادن مٿان ٿيل تسدد باوجود به خاموش تماشائي بڻيل آهن يا پنهنجي دڪانداري ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن مِڙي مُٺ ٿيڻ لاءِ تيار ناهن اُهي استاد حڪومت جي پاليسي جو حصو بڻيل آهن تنهن ڪري استادن کي گھرجي ته اهڙي ٽولي جي  اڳواڻي ڪندڙن کان پاسو ڪن ۽ استادن جي جدوجھد ۾ شامل ٿي وڃن . اسان جي سنڌ حڪومت گھرجي ته استادن مٿان تشدد ڪرڻ کان پاسو ڪن ان ڪري ته هن عمل سان اوهان جو آمراڻو ڪردار ظاهر ٿئي ٿو جيڪو هڪ جمهوري پارٽي جي حڪمران کي نٿو سوهين . جتي وزيِر اعليٰ هائوس تائين ايم ڪيو ايم وارن ۽ مذهبي ڌرين کي احتجاج جي اجازت ملي سگھي ٿي ته اتي استادن کي اجازت نه ڏيڻ ڪا دانشمندي ناهي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه  ۽ تعليم کاتي جي وزير ڄام مهتاب علي ڏهر کي گھرجي ها ته هُو استادن جو آڌر ڀاءُ ڪن ها  کين مان ، مرتبو ڏين ها ٿڌي دماغ سان سندن مسئلا ٻڌن ۽ مطالبن تي غور ڪري فوري طور حل ڪرڻ جھڙا /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 01

مطالبا تسليم ڪري وٺن ها ۽ هڪ بهترين انداز ۾ مسئلي جو حل ڪڍن ها پر هنن جيڪو عمل ڪيو ۽ پوليس گردي ڪرائي استادن جا مٿا ڦاڙايا ان سان اِهو تاثر پيدا ٿيو ۽ اِهو سوال اڀريو ته جيڪي حڪمران استادن جا مٿا ڦاڙين ٿا اُهي ٻيا ڪهڙا ڦاڙا ماريندا ، مطلب ته عوام کي ڪهڙا فائدا ڏيندا ۽ ڪهڙي سٺي حڪمراني ڏيندا جڏهن ته ايندڙ چونڊن ۾ باقي وڃي 6 مهينا بچيا آهن ۽ کين وري عوام وٽ اچڻو آهي  ڇا هي ڪارڪردگي کڻي عوام ۽ استادن وٽ ايندا ته اسان کي ٻيهر ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو اسين استادن جا مٿا ڦاڙيندڙ آهيون ۽ ايندڙ وقتن ۾ به اهڙا ڦاڙا ماريندا سين ۽ سندن اهري ڪارڪردگي تي کين ووٽ ملندا خير سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي مجموعي طور تي جيڪا سٺي رهي آهي اُها سنڌ جي حالت مان ڏسي سگھجي ٿي  ايندڙ وقت ۾ ووٽ ڪارڪردگي جي بنياد تي وٺڻ  واري حام ته شرم جوڳي حام هوندي باقي پوليس گردي ۽ ڀوتارگردي  کي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي ………..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *