استاد، شاگرد ۽ تشدد جي راهه: دادو محمد رفيق چنه

ٻار امن جا پيامبر سڏيا وڃن ٿا جيڪي بنا ڪنهن رنگ نسل ذات پاڪ مذهب جي ڪائنات جي سونهن آهن مگر افسوس سنڌ جي تعليمي درسگاهون جيڪي اتي استاد ٻارڙن کي پڙهائڻ سان گڏ تربيت ڏيڻ واري ڪم کي دين اسلام ۾ جهڙوڪ پيغمبري پيشي جو نالو ڏنو ويو آهي پر ياد رهي ته الائي ڇو سنڌ اندر هن پيغمبري پيشي جي لڄ کي ڀت سان لڳائڻ ۾ استاد طبقي جو وڏو هٿ نظر اچي رهيو آهي تعليم ڏيڻ ته سنڌ جي ٻارن کي ڏيڻي نه آهي ڇو ته

سنڌي قوم کان

تعليم جهڙي زيور

جي خوبصورتي کسڻ

جي انتهائي ڪوششون

ٿي رهيون آهن ڇو ته

شهري اسڪولن ۾ ٻارن

کي پڙهائڻ سان گڏ ٽيوشن به ڏيڻي ٿي  پوي ۽ امتحانن دوران سينٽرن تي اهو  ڏٺو ويو آهي ته ٻار سان گڏ والدين به سينٽر  ٻاهران ڪاپي ڪرائڻ لاءِ جتن ڪندا رهيا آهن  ڄڻ ته امتحان  والدين کي ڏيڻو هوندو آهي  الله جو شڪر آهي ته سنڌ جي ٻهراڙي واري علائقن ۾ غريب ۽ پيرن اگهاڙن وارن جو اولاد تعليم جي جهڙي زيور جي خوبصورتي حاصل ڪرڻ ۾ شهري ٻارن کان گو کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب نظر اچي رهيو آهي اهو به ته استادن جو ڪمال آهي ته غريب جي ٻار کي ٽيوشن به نه آهي پر ٻار جو پنهنجو شوق ولولو جدوجهد جي ڪري اتان جا شاگرد ذهين هوشيار جنهن جو مثال تازو ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي شاگرد محمد احمد حسين مشوري جنهن جي پڙهائي ۽ ذهانت جا قصا هر طرف گونجي رهيا آهن پر اهڙن ذهين ۽ هوشيار شاگردن سان ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي استاد جو تشدد واري رويي جي ڪري جيڪا حالت هن وقت هن جي آهي ۽ جنهن ڪيفيت مان هو گذري رهيو آهي جڏهن ته ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي تعليم مفت ۾ نه پر انهن جي والدين کان ڳري ۾ ڳريون فيسون حاصل ڪيون وڃن ٿيون ۽ والدين کي اهو اطمينان ڏياريو وڃي ٿو ته اوهان جي ٻار جي تعليم ۽ جان مال جي ضمانت ڏيون ٿا پوءِ به اتي تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن سان جيڪو ورتاءُ پيو ٿئي اهو سڀني جي سامهون آهي جيڪڏهن الله کي حاضر ناظر ڄاڻي انهن ڪيڊٽ ڪاليجن جي انڪوائريون ٿينديون ۽ فوجي ۽ سول ادارن جا ايماندار ۽ سٺي ساک رکندڙ آفيسر جانچ ڪندا ته محمد احمد حسين جهڙا ڪيئي واقعا سامهون ايندا. پر تاريخ گواهه آهي ته اسان جي وفاقي حڪومت کان وٺي صوبائي حڪومتن تائين ملڪ ۾ ڪيڏو به وڏو واقعو ٿئي ته ان جو ازالو يا ته ڪميشن يا ته ڪميٽي مقرر ڪري پنهنجي ذميواري کان هو آجا ٿي وڃن ٿا ۽ اڄ تائين انهن انڪوائري ۽ ڪميشن انهن جي اڄ تائين ڪا خاطر خواه نتيجا سامهون نه اچي سگهيا آهن هلا ڪي ٿيڻ ائين گهرجي ته اهڙن واقعن کي ٻونجي ڏيڻ لاءِ ذميوار ماڻهن کي سخت کان سخت سزا ملڻ گهرجي ته جيئن اهڙا واقعا آئنده نه ٿيڻ گهرجن اهڙي واقعي تي جماعت اهلسنت القاسميه درگاهه عاليه مشوري شريف جي مريدن پوري سنڌ ۾ ميڊيا جي آڏو آواز اٿاريو سنڌ جي مريدن احتجاجي مظاهرا ۽ دانهون ڪيون تڏهن اسان جي حڪمرانن نوٽيس ورتو ۽ نينگر سان ٿيل تشدد بابت بورڊ ويهاري ۽ انصاف ڪيو ويندو مگر افسوس لاڙڪاڻي جي ڪيڊٽ ڪاليج جي استاد جي تشدد ٿيل شاگرد محمد احمد حسين مشوري اڄ به ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ ڳالهائڻ جي سگهه نٿو ڪري ۽ ذهني صلاحيت وڃائي ويٺو آهي سندس اڃا تائين طبعيت ۾ بهتري نه آئي آهي نينگر جي والد ميڊيا جي اڳيان روئيندو رهيو آهي مگر اڃا تائين انهي واقعي جي ڪا اهم اڳڀرائي نه ٿي آهي مشورين واري سائين جي نينگر تي ٿيل تشدد تي سڄي سنڌ ۾ خاص طور تي مريدن ۾ غم  ۽ ڏک ڇانيل آهي هڪ معصوم گلن جهڙي ٻارڙي يعني پوزيشن هولڊر شاگرد ۽ مذهبي گهراڻي سان تعلق رکندڙ شريف شاگرد اڄ هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل آهي جيڪو محمد احمد حسين مشوري نه رهيو آهي محمد احمد حسين مشوري جا ڪي خواب هئا ته مان وڏو ٿي هن ملڪ جي عوام جي خدمت ڪندس ۽ مان هڪ اداري مان پڙهي ڊاڪٽر، آفيسر ٿي هنن غريب ۽ بي پهچ باقراڻي، ڏوڪري، لاڙڪاڻي جي عوام جي خدمت ڪندس ها مان شهيد بينظير ڀٽو جي لاڙڪاڻي جي عوام لاءِ خدمتون ڪريان ها مگر هڪ استاد جي تشدد محمد احمد حسين مشوري جي والدين جا خواب ٽوڙي ڇڏيا پٽ جي روشن مستقبل جا خواب سانڀيا نه ٿيا مگر اڄ انصاف لاءِ سائين محمد راشد مشوري صاحب ميڊيا جي اڳيان اکين مان لڙڪ هاريندو رهي ٿو ذميوارين جي خلاف اڃا تائين ڪابه ڪاروائي نه ٿي آهي وزير اعلى سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو الائي ڇو بيوس بڻيل آهن ذميوارين جي خلاف ڪاروائي نٿا ڪن معصوم محمد احمد حسين مشوري هن وقت زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي آهي اهڙي ورتاءُ تي سڄي سنڌ جا مريد ۽ والدين حڪمرانن کان انصاف ٿا گهرن پر افسوس جهڙي ريت ڪيڊٽ ڪاليج جي شاگرد سان جيڪو ورتاءُ ڪيو اهڙو تاريخ ۾ نه ملندو اهڙو تشدد ڪيو ويو جو نينگر جي ذهني صلاحيت نه رهي آهي.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *