اسان ڪنهن کان به هارائي نٿا سگهون؛امر جليل

هلندڙ ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ اسان پاڪستانين کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي.اسان جي نفسيات کي کولي چٽو ڪري اڳيان رکيو آهي.اسان جي ذهني سطح،سوچ، سمجهه،۽ روين کي واضع ڪري ڇڏيو آهي.ان کان پهرين به اسان پنهنجي کوکلي هجڻ جو  ڪيترا ئي ڀيرا ثبوت ڏنو آهي.پر هن ڀيري اسان سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن.اسان رڙيون ڪوڪون ڪري دنيا کي واضع ڪري ڇڏيو آهي ته اسان اندران کان ڪيترا نه خالي آهيون.اسان ڀارت جي ڪرڪيٽ  ٽيم کان ڇا هارايو ڄڻ ته اسان تي  آسمان ڪري پيو هجي. گذريل 68 سالن ۾ پاڪستان جيڪا مثالي ترقي ڪئي هئي ان تي ڄڻ ته پاڻي ڦري ويو هجي.اسان جا اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽيون بند ٿي ويون.تعليمي معيار اونهي کاهيءَ ۾ وڃي ڪريو.اسان جيڪا شاندار صنعتي ذرعي،اقتصادي ترقي ڪئي هئي اها مٽيءَ ۾ ملي وئي.اسان ڀارت خلاف هڪ ميچ ڇا هارايو ڄڻ ته اسان تباهه ٿي وياسين. سرڪاري اسپتالن ۾ شفا بدران موت ملڻ لڳي. رشوت بنا جونءِ به نٿي چري. آفيسن ۾ ڪم ٺپ ٿي ويو آهي. مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتون چڪرائجي ويون آهن.فيڪٽريون ۽ ڪارخانا بند ٿي ويا آهن.ڪروڙن جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي.ڀارت جي ٽيم کان ميچ ڇا هارايوسين، معاشي ۽ اقتصادي ترقي ڄڻ ته اسان کان منهن ئي موڙي وئي.اسان ته ايشيا جو عظيم ترين ملڪ هئاسين اسان ايشيائي ملڪن چين،جاپان، ڪوريا، ملائشيا، انڊونيشيا، سنگاپور، ۽ ڀارت کي تعليم،ٽيڪنالاجي،تحقيق، تخليق،هنر، ۽ عالمي تجارت،روانگي ۽ آمدني واپار جي شعبن  ۾ ڪوهين ڏور ڇڏي وياهئاسين. اهو ڇا ٿيو جو ڀارت کان هڪ ميچ هارائڻ کان پوءِ اسان فقير ٿي وياسين؟ ڪشڪول کڻي دنيا کان پِنون پيا!

اسان جا روڊ رستا ڀڳا ٽٽا پيا آهن، بدامني جو راڪاس هر پاسي ڦيرا ڏئي رهيو آهي،  قانون ڍير لڳو پيو آهي. اها مڪمل تباهي ڀارتي ٽيم کان هارائڻ کانپوءِ ٿي آهي  نه ته پهرين ته ڄڻ اسان جهڙا جوڌا پٽ ڪنهن ماءُ اڄ تائين  ڄڻيا ئي ڪو نه هئا!

هاڻي توهان سمجهي ويا هوندا ته ڀارت کان ميچ کٽڻ لاءِ ڇو اسان جي قوم  پنهنجا هوش حواس داءُ تي لڳايا هئا.اسان رات جي پيٽ ۾ ئي ايشيا جو عظيم ملڪ نه بڻيا هئاسين.اسان جي ابن ڏاڏن هن ملڪ جي ترقيءَ لاءِ پنهنجو رت ست ڏنو آهي.پنهنجون زندگيون قربان ڪيون تڏهن وڃي پاڪستان  ايشيا جو هڪ مضبوط ملڪ ٺهيو.اسان جي ساون پاسپورٽن جي  دنيا ڀر جي هوائي اڏن  ۽ ملڪن ۾ عزت هئي. اسان جي شهرن ۽ شهرن جي بازارن  ۾ ٻاهرين ملڪن جي سياحن جو وڏو انگ ملندو هو. اسان جي ملڪ جي امن جون تعريفون دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ  جي اڇن ڪارن ڳاڙهن نيرن  ماڻهن کي اسان جي ملڪ ڏانهن اچڻ تي مجبور ڪندي هئي.هڪ ميچ هارائڻ کانپوءِ سڀ ڪجهه مٽجي ويو. هڪ رات ۾ اسانجو ملڪ غربت، بدامني،ڪرپشن جو ڳڙهه بڻجي ويو آهي.اسان جو مسئلو اهو آهي ته اسان دنيا ۾عظيم آهيون، ڌرتيءَ جي گولي تي اسان جو مثال نٿو ملي. سواءِ هڪ ٽينا ثانيءَ جي  جيڪا هاڻي گهٽ گهٽ ٿي ڳائي. اسان هارائي نٿا سگهون. هار جو لفظ اسان پنهنجي ڊڪشنريءَ مان ڪڍي ڇڏيو آهي. اسان پاڻ پنهنجي  قسمت جا ڪاتب آهيون پاڻ ئي پنهنجي قسمت لکندا آهيون ۽ اسان پنهنجي نصيب ۾ نقلي اکرن ۾ کٽڻ لکيو آهي.اسان کٽڻ لاءِ ئي پيدا ٿيا آهيون. مشرقي پاڪستان ۾ اسان هارايو نه هو.هڪ سمجهوتي هيٺ اسان بنگالين کي خودمختياري ڏني هئي. اهو اسان جي وڏي دل هجڻ جو ثبوت هو.

اسان جي دل تمام وڏي آهي، ادا! لاڳيتو لڳ ڀڳ 15،20 سالن کان تائين اسڪوائش جي راند ۾عالمي سطح تائين چئمپين هئاسين.پوءِ اسان کي پوئتي پيل دنيا تي رحم آيو ۽ سوچيوسين ته ڇو نه پنهنجي وڏي دل هجڻ جو ثبوت دنيا کي ڏيون ۽ آهسته آهسته هارائڻ شروع ڪيوسين ۽ دنيا کي اسڪوائش جي راند ۾جوهر ڏيکارڻ جو موقعو ڏنوسين ۽ پوءِ اسان ائين ئي ڪيو ۽ اسان اسڪوائش جي راند مان ٻاهر ٿي وياسين.اهڙي مثال توهان کي دنيا۾ ڪٿي ڳولڻ سان به نه ملندي سواءِ پاڪستان جي.

گهڻي پراڻي ڳالهه  ناهي،هاڪي جي راند ۾ اسان بادشاهه هئاسين.عالمي ڪپ اسان جي قدمن ۾ هودنيا جي ڪنهن به ٽيم کي اٺن ڏهن کولن تان هارائڻ اسان جي کاٻي هٿ جي راند هئي.اها انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن اسان کي هر شيءَ ۽ هر ان ڳالهه کان نفرت هئي جنهن جو تعلق کاٻي ٻانهن سان هوندو هو.ياد رهي ته کاٻو هٿ ساڄي ٻانهن ۾ نه هوندو آهي.ان کانپوءِ به هر ملڪ جي هاڪي ٽيم کي هارائڻ  اسان کاٻي هٿ جي راند سمجهندا هئاسين. جيڪا به ٽيم اسان جي مقابلي ۾ اڳيان ايندي هئي ان کي منهن جي کائڻي پوندي هئي.ساڄي بانهن وارن کي اسان جي اها ڳالهه بلڪل نه وڻندي هئي ته دنيا جي ڪنهن به ٽيم سان ميچ کيڏڻ ۽ ان کي هارائڻ اسان لاءِ کاٻي هٿ جي راند سمجهندا هئاسين.انهن اسان کي غيرت ڏياري اسان کي شرمندا ڪيائون ته ميچ کٽڻ اسان لاءِ کاٻي هٿ جي راند آهي. انهن اسان کي راضي ڪيو ته ڪنهن به ملڪ سان ميچ کيڏڻ ۽ کٽڻ اسان ساڄي هٿ جي راند سمجهون، کاٻي هٿ جي راند نه .

جنهن ڏينهن کان اسان ميچ کٽڻ کي ساڄي هٿ جي راند سمجهڻ شروع ڪيو،بس ان ڏينهن کان اسان هارائڻ شروع ڪيو.هلو ٺيڪ ئي ٿيو،ٻين ملڪن  جي هاڪي ٽيمن کي ميچ کٽڻ جو موقعو ملڻ لڳو. دنيا ڀر جون ٽيمون کٽڻ لڳيون ۽ اسان هارائڻ لڳاسين.هارائيندي هارائيندي اسان سڀ  ڪجهه هارائي ويٺاسين.هاڪيءَ جي بادشاهت ڇا وئي اسان تخت کان محروم ٿي تختي تي وڃي ڪرياسين.اسان جي چيلهه چٻي ٿي وئي.اسان ان فٽ ٿي وياسين ۽ اڄ تائين ان فٽ آهيون. 11 ان فٽ رانديگر ساڄي هٿ جي راند سمجهي ميچ کٽي نه سگهيا. حقيقت ته اها آهي  ساڄي ۽ کاٻي هٿ جو بهانو بڻائي هاڪي راند کان اسان هٿ کنياسين ته جيئن ٻيا ملڪ هاڪي جي ميدان ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاري سگهن.

ڪرڪٽ سان اسانجو جذباتي  لاڳاپو آهي،جذباتي لاڳاپو انڪري آهي جوپاڪستان جو ٻار ٻار اهو ڄاڻي ٿو ته ڪرڪٽ ڇا آهي ۽ ڪيئن کيڏبي آهي.پاڪستاني ٻار تمام گهڻا ذهين آهن اهي ته اهو به ڄاڻين ٿا ته بينظير ڀٽو کي ڪنهن قتل ڪرايو هو.مان بينظير ڀٽو کي شهيد انڪري نه لکندو آهيان جو هوءَ ڪفار سان ڪنهن جنگ ۾ نه ماري وئي هئي. ان راز تان به پردو پاڪستاني ٻارن ئي کنئيو هو.پاڪستاني ٻارن جو چوڻ هو ته انهن کي ان ڳالهه سان ڪو سروڪار ناهي ته رڳو هڪ سال پهرين يونس خان ٽيسٽ ميچز ۾ لاڳيتوسينچري ۽ ففٽيز ٺاهيندي رنز جو مينهن وسائي ڇڏيو هو.ٻن ٽن ميچز ۾ هن سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري هئي. انڪري هن کي ڪڍي ڇڏيو.پنج، ڇهه سال پهرين  جي ڳالهه آهي،محمد يوسف هڪ ڪرڪٽ سيريز ۾ ست سينچريون ٺاهي پنهنجو نالو رڪارڊ بڪ ۾ لکرائي ڇڏيو هو. ان کان پوءِ ٻن ٽن ميچن ۾  هو ننڍي اسڪور تي آئوٽ ٿي ويو هو.پاڪستاني ٻارن چيو ته ڪڍي ڇڏيو يوسف کي ڪرڪٽ مان .۽ اسان محمد يوسف کي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو . کيس عزت سان رٽائر ٿيڻ جو موقعو به نه مليو.ڇو ته اسان ۽ ڀارت پاڻ ۾ دشمن پاڙي وارا ملڪ آهيون، انڪري اسان ڀارت جي ڪنهن به روايت کي صحيح نٿا سمجهون.ڀارتي ٻار يونس ۽ يوسف جهڙي عليٰ رانديگرن  کي کيڏڻ دوران جڏهن بيٽس مين پنهنجي فام ۾ نه هوندو آهي ته گند جي ڍير تي نه اڇليندا آهن.سچن ٽنڊولڪر تي ڪيترائي ڀيرا اهرا مرحلا آيا ۽ اهي فام ۾ نه رهيا هئا،پر ڀارتي ٻارن کي سچن جي صلاحيتن تي يقين هو.انهن کي خبر هئي ته بريڊ مين،برائين لارا ۽ رڪي پونٽنگ  جهڙن اعليٰ رانديگرن کي به لين پيريڊ سان واسطو پوندو رهندو آهي.پاڪستاني ٻار نوٽ ڪري ڇڏين جيڪي ڪرڪٽ جي باري ۾ گهڻو ڪجهه ڄاڻين ٿا.

“روزاني جنگ جي ٿورن سان”

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.