اسان رڪاوٽ نه بڻياسين ؛تاج حيدر

بغير ڪنهن آئيني ترميم جي يا قانون ۾ ترميم ڪرڻ سواءِ يا فوجي عدالتون قائم ڪرڻ سواءِ مرڪز ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چونڊيل گڏيل سرڪار خيبر پختونخواهه ۽ فاٽا جي ڪيترن ئي علائقن کي مذهبي انتهاپسند دهشتگردن جي قبضي مان آزاد ڪرائي اُتي حڪومت پاڪستان جي رٽ قائم ڪئي هئي.

اُن کان پهريان جنرل مشرف جي فوجي آمريت جيڪا صبح شام روشن خياليءَ جون ڳالهيون ڪندي هئي ۽ نيٽو ۾ به شريڪ هئي، خيبر پختونخواهه جا علائقا هڪ هڪ ڪري مذهبي انتهاپسندن جي حوالي ڪري چُڪي هئي. طالبان اسلام آباد کان صرف 50 ڪلوميٽر جي فاصلي تي رهجي ويا هئا ۽ اسلام آباد ۾ به لال مسجد ۽ ٻيون ڪيتريون ئي پناهگاهون سندن لاءِ موجود هيون. سوات، دير، خرم ايجنسي، ڏکڻ وزيرستان، هنگو ۽ ڪيترائي اهڙا علائقا هئا، جتي پاڪستان جو جهنڊو لڳائڻ محال هو. صوبائي ۽ مرڪزي حڪومت صرف ڪجهه وڏن شهرن تائين محدود ٿي وئي هئي ۽ اُتي به راتين جو طالبان جو ئي حڪم هلندو هو.

اهو چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت کي سئو سيڪڙو بجاءِ نوي سيڪڙو ڪاميابي ٿي هئي ۽ مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي اسان پاڙؤن پٽي نه سگهياسين. اسان جي ويجهو ان جا ڪيترائي ڪارڻ هئا، جن ۾ ٻه وڏا ڪارڻ هي هئا جو ڏکڻ پنجاب ۾ انهن دهشتگردن جون پناهگاهون ختم ڪرڻ ۾ اسان کي حڪومت پنجاب جي مدد حاصل نه هئي ۽ ٻيو اهو ته اتر وزيرستان ۾ فوجي آپريشن ڪرڻ کان اُن وقت جي فوجي قيادت لنوائي رهي هئي.

اسين ڏسون ٿا ته 2013ع ۾ ترقي پسند پارٽين خلاف مذهبي انتهاپسندن، اسٽبلشمينٽ ۽ ساڄي ڌر جي سياسي پارٽين جو هڪ نئون اتحاد وجود ۾ اچي ٿو. اهڙا اتحاد پهريان به اسٽبلشمينٽ، اسلامي جمهوري اتحاد جي شڪل ۾ ٺاهيندي رهي آهي ۽ 1990ع ۽ 1997ع ۾ کليل ڌانڌلي ذريعي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي حڪومتن کي برطرف ڪري نام نهاد چونڊ ڪاميابي حاصل ڪئي وئي هئي، پر 2013ع ۾ ان ڌانڌليءَ جو هڪ پُرتشدد رُخ هو ۽ طالبان گن پوائنٽ تي ترقي پسند پارٽين کي نه ته پنهنجي چونڊ مهم هلائڻ ڏني ۽ نه ئي انهن جي ووٽرن کي پولنگ اسٽيشن پهچي ووٽ ڏيڻ ڏنو ۽ اهڙي نموني اُهي پنجاب، خيبر پختونخواهه ۽ مرڪز ۾ پنهنجن نظرياتي دوستن جي حڪومت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

شايد اسان لاءِ ايڪيهين ترميم کان ڪيترا ڀيرا وڌيڪ ڏکيو فيصلو مسلم ليگ (ن) حڪومت جي طالبان سان ڳالهين واري پاليسيءَ ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ هو. وڏي ڌام ڌوم سان چيو ويو ته ڳالهين ذريعي ان مسئلي کي حل ڪيو ويندو.

شايد هي مسئلو حل به ڪري وٺن ها، ڇو ته حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ نظرياتي هم آهنگي هئي پر ڳالهين جي پردي ۾ طالبان کي هڪ ڀيرو ٻيهر منظم ۽ هٿياربند ٿيڻ جو موقعو مليو. ايستائين جو اُهي ديده دليريءَ سان فوج تي حملا ڪرڻ ۽ اُن جي سپاهين ۽ اعليٰ آفيسرن کي قتل ڪرڻ لڳا. هاڻ چيو وڃي ٿو ته آئين ۽ قانون ۾ ترميمون ڪري ۽ فوجي عدالتون قائم ڪري اُن مسئلي کي حل ڪري سگهجي ٿو. پاڪستان پيپلزپارٽي جيتوڻيڪ ان آئيني ترميم کي اعليٰ ايوان ۾ روڪي سگهي ٿي، پر هن ڀيري اُها حڪومت ۽ سياسي پارٽين جي ان گڏيل فيصلي ۾ پنهنجن شديد ترين تحفظات باوجود رڪاوٽ ناهي بڻي. پر اهو ياد رکڻ گهرجي ته انهن قدمن کانسواءِ به ماضيءَ ۾ ناقابل يقين ڪاميابي حاصل ڪئي وئي هئي ۽ جيڪڏهن اُهي ٻه وڏا ڪارڻ نه هجن ها، جن جو مٿي ذڪر اچي چڪو آهي ته انهن قدمن کان بغير به انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي مڪمل طور پاڙئون اکيڙڻ مشڪل نه هو.

اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته بنيادي طور تي هيءَ جنگ هڪ نظرياتي جنگ آهي. مذهب جي انتهاپسند تشريح جا اُهي نظريا گهڻي وقت کان موجود آهن. تحريڪ آزادي دوران انڊين نيشنل ڪانگريس هندو انتهاپسند ۽ گانڌي جا قاتل عوام جي ووٽن سان اقتدار ۾ رهيا آهن. ڪانگريس جي انهن پاليسين جي ردعمل طور مسلمانن جي هڪ حلقي ۾ انتهاپسنداڻه ۽ تعصباڻا نظريا مضبوط ٿيا، تنهن هوندي مسلمانن جي اڪثريت انهيءَ سوچ جي خلاف رهي. ضياءَ دؤر ۾ انهيءَ سوچ جي سرڪاري سرپرستي ڪئي وئي ۽ انهن ڌرين کي هٿياربند بڻايو ويو ته جيئن ترقي پسند جمهوري طاقتن کي انهن جي مدد سان چٿي سگهجي. انهن عنصرن کي آمريڪي سامراج جي سرپرستي ۾ افغانستان ۾ جمهوري ترقي پسند حڪومتن کي هٽائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو ۽ آهستي آهستي اُهي عنصر ايترا مضبوط ٿي ويا جو پاڪستان جي رياست جي هر اداري ۾ انهن پنهنجي جاءِ جوڙي ورتي ۽ اُهي پاڪستان جي رياست لاءِ وڏو خطرو بڻجي ويا.

اُهي نظريا ڀلي ڪيترائي غلط ۽ انسانيت دشمن هجن، انهن کي مڃڻ وارا اُنهن تي ايترو يقين رکن ٿا جو اُهي انهن نظرين جي لاءِ بنا جهجڪ پنهنجي جان ڏيڻ لاءِ به تيار رهندا آهن.

اڄ به هر سانحي ۾ تقريبن سمورا مجرم موقعي تي ئي ختم ٿي وڃن ٿا، جيڪو ايڪڙ ٻيڪڙ بچي وڃي ٿو اُن کي ڀلي اوهين ڪنهن به عدالت يا فوجي عدالتن ۾ سزا ڏيو پر اِهو سمجهڻ ته اهڙي نموني هي مسئلو هميشه لاءِ ختم ٿي ويندو، شايد اسان جي خوش فهمي آهي.

ان صورتحال ۾ اسان جو پهريون محاذ انتهاپسندي جو خاتمو بڻجي ٿو ۽ ٻيو محاذ اهو ٿو بڻجي ته ويجهي ۽ منظم رابطي جي ذريعي ڪنهن به سانحي جي ٿيڻ کان اڳ اُن سانحي کي روڪيو وڃي. رياست وٽ بيپناهه طاقت، ايستائين جو جوهري طاقت به موجود آهي، اهو مسئلو طاقت جو ناهي، انٽيليجنس جي بااثر ٿيڻ جو آهي. اسان وٽ اها معلومات هُجڻ گهرجي ته اهڙا عناصر ڪٿي لڪل آهن، ڪهڙو منصوبو ٺاهي رهيا آهن، ڪٿي ۽ ڪنهن وقت حملي آور ٿيندا، اُنهن جون تنظيمون ڪهڙيون ڪهڙيون آهن، ڪهڙي نموني ڪم ڪري رهيون آهن، انهن وٽ پئسو ڪٿان ڪٿان اچي رهيو آهي. هن جنگ کي کٽڻ جي لاءِ بنيادي نوعيت اُن معلومات جي آهي، اسان ڪيستائين پنهنجي اسڪولن ۽ پنهنجي ادارن جي چوڌاري رڪاوٽون کڙيون ڪندا رهنداسين. اسان جي حڪمت عملي جو بنياد ان ڳالهه تي هُجڻ گهرجي ته اُهي عنصر راههِ فرار اختيار ڪن ۽ ڪٿي پناهه نه ملڻ تي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ٿين.

جيڪڏهن ڪالهه تائين جيڪي عنصر وڏي واڪ اِهو چوندا هُئا ته جمهوريت اسلام جي خلاف آهي، اڄ اُهي جمهوري صفن ۾ شامل آهن ته اِها اسان ۽ اُنهن اڳواڻن جي نظرياتي فتح آهي جن پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيام وقت ’جمهوريت اسان جي سياست آهي‘ جو اصول ڏنو هو. جيڪڏهن اڄ اسٽبلشمينٽ، طالبان، مسلم ليگ (ن)، پاڪستان تحريڪ انصاف جو سياسي اتحاد، جنهن ترقي پسند پارٽين کي گن پوائنٽ تي چونڊ مهم به هلائڻ نه ڏني، سو ٽڙي پکڙي ويو آهي ۽ هڪ ٻئي جي ڳچين ۾ هٿ اٿن ته اهو اسان جي پاليسين جو نتيجو ئي آهي، جنهن ۾ ڪنهن به ڌانڌلي ۽ وڏي کان وڏي ظلم کي نظرانداز ڪندي جمهوريت جي استحڪام ۽ تسلسل کي اسان پهرين ترجيح بڻايو هو. جيڪڏهن اڄ ضياءَ الحق جا نظرياتي ۽ سياسي مريد، مذهب جي سياسي انتهاپسنداڻي تشريح جي مذمت ڪرڻ ۽ اُن کي اسلام جي خلاف چوڻ تي مجبور آهن ته اها اسان جي نظرياتي فتح آهي. جيڪڏهن اڄ سڄو مُلڪ، گڏوگڏ اُهي پارٽيون جيڪي اُنهن عنصرن جي مدد سان 2013 ۾ اقتدار ۾ آيون هيون، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي پاڙئون پٽڻ تي متفق آهن ته اسين شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو، شهيد بينظير ڀُٽو، شهيد سلمان تاثير، بشير بلور، شهيد شهباز ڀٽي ۽ پارٽي جي اُنهن سوين شهيدن کي سلامِ عقيدت پيش ڪريون ٿا، جيڪي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف رُڪ جي ديوار بڻجي بيٺا. اسان جون شهادتون، قربانيون، اسان جون سموريون تڪليفون رائيگان ناهن ويون، اسان ۽ اسان جي نظريي جي فتح ٿي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.